نانگ ڀڄي وڃن ٿا، باقي ليڪا ڪٽجن ٿا
هن وقت ملڪ ۾ ڪرپشن جا کوڙ ڪردار آهن، گوگي به انهن مان هڪ آهي. گوگي لڳ ڀڳ 5 ارب رپين جي ڪرپشن ڪري 2022 ۾ چارٽرڊ جهاز ذريعي ملڪ کان فرار ٿي وئي. اها خبر سڀني کي هئي، پر ان وقت کيس ڪنهن به نه روڪيو، ڇو جو گوگي جهڙن ڪردارن کي ٺاهڻ، انهن جي پٺڀرائي ڪري انهن کان پنهنجا ڪم ڪڍائڻ ۽ انهن کي ملڪ مان ڀڄڻ ۾ مدد ڏيڻ جهڙن ڏوهن جا ڏوهاري تمام گهڻا طاقتور طبقا آهن. اهي جيئن چاهين ملڪ جي نظام کي هلائن ۽ جنهن ڪردار کي ٺاهڻ چاهين ٺاهي هڪ پرزي وانگر ڪٿي به فِٽ ڪري ڇڏين ۽ جڏهن ان پرزي جي ضرورت نه رهي ته ان کي اتان ڪڍي اڇلائي ڇڏين. هن ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ بيوروڪريسي جو ڪردار انساني جسم ۾ موجود ڪرنگهي جي هڏيءَ وارو آهي، ان ۾ نقص اچڻ سان ملڪ جو نظام مفلوج ٿي وڃي ٿو. گوگي اهڙن آفيسرن کي رشوت وٺي پوسٽنگون ڪرائي ڏئي رهي هئي، جيڪي ان کان ڊبل پئسن جي ڪرپشن ڪري ملڪ جي خزاني کي نقصان ڏئي رهيا هئا. ڇا اهڙي نظام ۾ ملڪ ترقي ڪري سگهندو؟ جيڪڏهن حڪومتي سرشتو ساڳيو رهيو ته مستقبل ۾ به بهتري جي اميد نظر نه ٿي اچي. هن وقت اسان جي طاقتور ڌرين کان وٺي ڪامورن، ججن ۽ ڪنهن به ننڍي کان ننڍي جاءِ تي ڪم ڪرڻ واري هر شخص کي اهو سوچڻو پوندو ته ڇا هو ملڪ کي پنهنجو سمجهي ٿو؟ اگر ها ته پوءِ آئين ۾ مليل قانوني اختيار کي ايمانداري سان ادا ڪري ملڪ هلائڻو پوندو. آئين ۽ قانون سان ننڍڙي کان ننڍڙي هٿ چراند ڪرڻ وارو هر ماڻهو مجرم آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٻن قسمن جا چٽاڀيٽي جا امتحان ٿين ٿا، جنهن ۾ سي ايس ايس جي امتحان تي ته آڱر نه ٿي کڄي، پر صوبائي سطح تي ٿيل چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ آڱريون کڄن ٿيون ته ان ۾ پاس ٿي ايندڙ آفيسر رشوت ڏئي پاس ٿين ٿا، رشوت ڏئي پوسٽون وٺن ٿا ۽ پوءِ رشوت وٺي ملڪ جي تباهي ڪن ٿا، جنهن جو نقصان هڪ عام شهري کي ٿئي ٿو ۽ جڏهن نقصان عام شهري کي ٿئي ٿو ته ان جو اثر پوري رياست تي پوي ٿو. بنيادي طور تي سسٽم کي بهتر ڪرڻ جو ڪم ته سياستدان جو آهي، پر انتظامي طور تي بهتري ڪامورو آڻيندو. هاڻي جڏهن اهو ڪامورو انهي سياستدان جي مدد سان جيڪو پنهنجو فرض پورو نه ٿو ڪري ۽ سياست کي عبادت سمجهڻ بجاءِ ڪمائي جو ذريعو سمجهي ٿو ان سان گڏ اهو ئي ڪامورو مختلف آفيسرن جي روپ ۾ هر کاتي ۾ ويٺو آهي، جتي بجاءِ ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪري هو سياستدان کي رشوت جا گُر سيکاري ٿو، ان ۾ پاڻ به ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ رشوت وٺڻ واري آفيسرن جو انگ تمام گهٽ هوندو هو ۽ جيڪي آفيسر رشوت وٺندا هئا انهن کي سماج سٺين نظرن سان نه ڏسندو هو، پر پوءِ وقت بدلجي ويو، سماج بدلجي ويو ته رشوت جو خوف ختم ٿي ويو. پر هاڻي تمام گهٽ آفيسر اهڙا آهن، جيڪي ايماندار آهن، پر سماج ۾ شايد انهن کي اهو مقام نه ٿو ملي جيڪو هڪ وڏي بنگلي ۽ تمام مهانگي گاڏي رکندڙ آفيسر کي ملي ٿو. اهڙي معاشري ۾ گوگي جهڙن ڪردارن جو هجڻ هاڻي عام رواجي ڳالهه آهي، جڏهن چيو ٿو وڃي ته گوگي پنجاب جي هر ڪاموري کان پوسٽنگ لاءِ ڪروڙين رپيا وٺندي هئي ۽ گوگي جي معرفت اهي پئسا بشريٰ بي بي ۽ عثمان بوزدار کي ملندا هئا، گوگي ته نڪري وئي آهي، پر اهي رشوت ڏيندڙ ۽ رشوت وٺندڙ ڪامورا ملڪ ۾ موجود آهن ۽ گوگي جهڙن ڪردارن کي ڪنهن مشيني پرزي وانگر فِٽ ڪرڻ واريون ڌريون به موجود آهن. جيستائين انهن سڀني ڪردارن کي جيڪي ان شيطاني چڪر جو حصو بڻجن ٿا، قابو نه ڪيو ويندو، هر دور ۾ گوگي جهڙا ڪردار رشوت جو بازار گرم ڪندا رهندا، اهو شيطاني چرخو هلندو رهندو. نقصان ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جو ٿيندو. جيڪو ٿي رهيو آهي. اهڙن ڪردارن کي صرف الزام هڻي بدنام ڪيو ويندو آهي. قابو نه ڪيو ويندو آهي. ڇو ته جيڪڏهن اهي ڪردار قابو ٿيندا ته پوءِ انهن جا مددگار ڪردار پڻ وائکا ٿيندا ۽ انهن تي قانوني قدم پڻ کنيا ويندا. هتي حڪومتي ڪيمپ ۾ شامل سياستدان ۽ ڪاموري کي هر ڳالهه معاف آهي. جيڪو مخالف ڪيمپ ۾ آهي. ان جا فائل کلي وڃن ٿا. وري جڏهن ساڳيو ماڻهو حڪومت جي ڪيمپ ۾ اچي ٿو ته فائل بند. هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ ڪيمپن ذريعي هلائڻو آهي يا آئين ذريعي. جيڪڏهن ملڪ کي ترقي وٺرائڻي آهي ته انهيءَ شيطاني چڪر کي بند ڪرڻو پوندو. هر اداري ۾ ويٺل هر ان ماڻهوءَ کان پڇڻو پوندو جنهن جون پگهارون ته لکن ۾ آهن، پر اثاثه اربن ۾. عوام ته چاهي ٿو ته هي ڪامورا جيڪي عوام جي ٽئڪسن تي لکين رپين جو پگهارون کڻن ٿا، وڏن وڏن گهرن ۾ رهن ٿا، سرڪاري گاڏيون استعمال ڪن ٿا، عوام جي ڀلائي جو ڪم ڪن، پر 76 سال جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ائين ٿيو ڪونه آهي. مستقبل ۾ به جيڪڏهن پاڪستان کي ساڳئي طريقي سان هلايو ويو ته پوءِ اسان شايد آئي ايم ايف مان ڪڏهن به پنهنجي جان ڇڏائي نه سگهنداسين. شايد هن وقت جا ڪجهه چڱا ماڻهو جيڪي فيصلا ڪندڙ پوزيشن ۾ آهن، اهي تاريخ مان سبق حاصل ڪن، دنيا جي ترقي تي نظر وجهن، اها ترقي ملڪ ۾ آڻڻ چاهين ته پوءِ هنن کي موجوده ڪرپشن جي نظام اڳيان بند ٻڌڻو پوندو.

