جاپان ۾ هاڻي روبوٽ نرسون ڪم ڪنديون
روبوٽڪس يعني روبوٽ سازي جي ٽيڪنالوجي جي صنعت ۾ جاپان سڀ کان اڳيان آهي. اهڙين مشينن جو سڀ کان وڌيڪ استعمال به ان ئي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي ڪارن ٺاهڻ جي فيڪٽرين ۾ وڏن روبوٽن کان وٺي، رانديڪن ٺاهڻ تائين زندگي جي تمام شعبن ۾ هي مشينون ڪم اچي رهيون آهن ۽ انهن جو دائرو به تمام گهڻو ڦهلجي رهيو آهي. جاپان اندر طب جي شعبي ۾ به مختلف حيثيتن ۾ روبوٽ ڪم ڪري رهيا آهن . هاڻي جاپاني حڪومت جو ڌيان روبوٽ نرسن طرف آهي. جاپان اهڙن ملڪن مان آهي جنهن ۾ پيدائش جي شرح تمام گهٽ يعني 1.46 في خاتون آهي. جڏهن ته جاپان ۾ سراسري عمر سڀ کان وڌيڪ يعني 83 سال آهي. گهٽ پيدائش ۽ وڌيڪ عمر جي ڪارڻ جاپان هاڻي وڏي عمر جي ماڻهن جو ملڪ نظر ايندو آهي. ان ئي ڪارڻ اهڙن ماڻهن جي سار سنڀال ڪرڻ وارن جي به وڏي گهرج محسوس ڪئي ويندي آهي. جنهن لاءِ هاڻي اهي ذميداريون روبوٽ نرسن کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن جو بنيادي سبب ميل ۽ فيميل نرسن جي تعداد ۾ گهٽتائي آهي. هڪ اندازي مطابق 2025 تائين جاپان ۾ وڏي عمر جي مرد توڙي عورتن جي سنڀال لاءِ وڌيڪ 370000 ميل ۽ فيميل نرسن جي گهرج پيدا ٿي ويندي. جنهن کي روبوٽ نرسن ذريعي پورو ڪيو ويندو. هن وقت اهڙن روبوٽ نرسن جي ٺاهڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي جنهن جي مدد سان وڏي عمر جي مريضن کي بستري کان باٿ روم تائين سهارو ڏئي پهچائي سگهجي ۽ واپس باٿ روم کان بستري تائين آڻِي سگهجي . جاپان جي ڪجهه اسپتالن ۾ اهڙن روبوٽن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو ويو آهي. پر اهو تعداد تمام گهٽ آهي. جنهن جا ٻه سبب ٻڌايا پيا وڃن. هڪ ته اهڙن روبوٽن جو خرچ گهڻو آهي ٻيو ماڻهن جو اڃان تائين اهڙن روبوٽن تي اعتبار پيدا ناهي ٿيو. جنهن بابت عوام اڃان اهو پيو سوچي ته ماڻهن جي سار سنڀال صرف انسان ئي رکي سگهن ٿا. بهرحال هن ڏس ۾ جاپاني حڪومت روبوٽن کان ڪم وٺڻ لاءِ فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ مختلف روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين پاران اهڙن روبوٽن ٺاهڻ جي ڪم کي تيز ڪري ڇڏيوآهي.

