بلاگنئون

ساقي ابڙو: سنڌ ڌرتيءَ جو ڏهيسر شاعر…!

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ وطن پرستي، قومي گيت ۽ لاڏا لکڻ، انقلابي راهه تي هلي انقلابي شاعري ڪرڻ قومي فڪر جي مضبوط بنيادن جو ڏس پتي سان گڏ مظلوم قومن جي اها روئداد آهي، جنهن تي لکڻ لاءِ قومي فڪر سان سلهاڙيل هجڻ لازمي هوندو آهي. اياز کان سرويچ سجاولي تائين، نياز همايوني کان راشد مورائيءَ تائين، جمن دربدر کان حليم باغي تائين، سرڪش سنڌي کان زخمي چانڊئي تائين انقلابي شاعرن جو نه کٽندڙ سلسلو آهي، سندن هڪ ڊگهي قطار آهي جن پنهنجي خون مان ڪِلڪُون ٻوڙي ڌرتيءَ جا ترانا لکيا آهن.
وقت ايندو جو سنڌ ساريءَ ۾،
گيت منھنجا به گونجندا ساقي!
مون لکيا رت ۾ ٻوڙي هي قلم،
شعر شعلا ته بڻجندا ساقي!
ساقي ابڙو پڻ ان قومي مالها جو ئي تسلسل آهي، هُو هڪ مڻيادار ماڻهو آهي، جنهن ديس ڌرتيءَ جي نيم غلاميءَ واري تاريخ کي قلم جي اک سان ڀرپور ايمانداريءَ سان لکيو آهي. وڏي“بشير خان قريشي جي ڀر ۾ رهندي هُن جو سنگ سياپو سنڌ جي مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي سان ٿيو، هُو سرڪش سنڌي جي گيتن جو حافظ آهي، سندس شعرن ھن کي متاثر ڪيو، ان لاءِ هِن انقلابي شاعريءَ لاءِ سائين سرڪش سنڌيءَ کان فيض ورتو. هُو دودي جو دوست آهي ۽ هلاڪو جهڙن هڙني حملي آورن خلاف وٽس مزاحمت جو دڳ آهي بلڪل ائين ئي جيئن سندس هن شعر ۾ آهي.
سنڌ جي سڄڻ سان محبت ڪنداسين،
پر ڌرتي جي دشمن کان نفرت ڪنداسين!
اسين آمرن سان جنبي جابرن سان،
مزاحمت ڪئي آ مزاحمت ڪنداسين!
هُو لوڪ لاءِ لوچيندو رهي ٿو، ان جي باوجود لوڌيل ۽ لوٺي قسم جا ماڻهو هن جي روح تي رهڙون ڏيندا رهن ٿا، هن تي الزام بازي ۽ بهتان لڳائيندا رهن ٿا، پر هُو شاهه سائينءَ جي سٽ کي “جيها سي تيها، مون سي مارو مڃيا” جو ورد ڪندي هنن جي ڇسائپ کي نظرانداز ڪري منزل طرف رمندو رهي ٿو. هُو ماروئڙن تان ساهہه گهور ڪندڙ شاعر آهي، ساڻن ڏکي وقت ۾ ٻانهن ٻيلي به ٿيندڙ شاعر آهي، هُو هنن کي ڪٿي به مايوس ڏسي ناهي سگهندو، نه ئي کين ناڪام ٿيندي ڏسي سگهندو آهي هو سنڌ جو اهو “ڏهيسر شاعر” آهي ۽ سورهہه پٽ آهي جيڪو هڪ نه پر ڏهہه ڏهہه سر پنھنجي ڌرتي ماءُ تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي .
سنڌڙيءَ تي سر، ڏهہه ڏهہه ڏينداسين،
سولي چڙهي “ساقي” چوي، سورهہه ٿينداسين،
صدقي وينداسين، پنھنجي ڌرتي ماءُ تان!
رتوديرو هونئن به مزاحمت جو مرڪز رهيو آهي. ان مرڪز ۾ رهندي ساقي ابڙو ڌرتيءَ سان عشق ڪيو ۽ عشق جي آويءَ ۾ پچي رسي راس ٿيو آهي هن جي اکين ۾ محبوبہ جي ماڻڻ سان گڏ ديس جو آجپو به آهي ديس ڌرتيءَ لاءِ هن جا گيت، غزل، نظم ۽ وايون سندس ان قومي فڪر جو عڪس ۽ اولڙا آهن. هُو ديس جي دکن تي دکندو ۽ مسلسل لکندو آهي. هُو چاهي ها ته ڪنهن سياسي ڀوتار جي بنگلي جو وڃي در جهلي ها، هِن جاگيردارن ۽ ڀوتارن سان ملي ڀونءِ جي ڀيل ڪرڻ يا ڪرائڻ کي قومي ڏوهه سمجهيو. ڀلا هُو انهن نام نهاد سياستدانن ۽ ڀوتارن جي شان ۾ ڊگھا ڊگھا قصيدا لکي پئي سگهيو، پر ھن قومي لڏي سان سلهاڙجڻ ڪري ان کي ڪچي گار سمجهيو ۽ ان جاگيردارن خلاف مزاحمتي شاعر طور سنڌ ۽ سنڌين کان عزتون وصول ڪيائين سندس هي شعر ان ڳالهہه جي عڪاسي ڪري ٿو.
وڏو مانُ بخشيو ۽ عزت ڏني،
سڄي سنڌ مونکي محبت ڏني،
مون ڌرتي کي ارپِي حياتي سڄي،
وري ڌرتي اها مونکي دولت ڏني!
ساقي ابڙو، آزاديءَ واري تحريڪ جو هڪ سجاڳ شاعر آهي، جنهن اونداهي جي دڳن تان گذري روشنائي لاءِ پتوڙيو آهي. هُو انهن ڏکن پيچرن تان هلي جيتوڻيڪ گهائجي پيو آهي، سندس پير ڦٽجي پيا آهن، هن جي پيرن مان رتُ جا ريڳاڙا وهي رهيا آهن، پر منزلن جي آرزوئن ۽ جستجو ۾ ڪٿي هُو مايوسيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل نه ٿو ڏسجي.
هُو سرڪاري ملازم هجڻ باوجود ڪشمور کان ڪراچي تائين قومي سفر ۾ پيرين اگهاڙو پنڌ ڪندو رهيو آهي. هُو ڌرتيءَ سان دل جي اٿاهه گهرائين سان پيار ڪندڙ ڪوي آهي ڇو ته هن جي دل فقط ڌرتي سان ئي لڳايل آهي ۽ سنڌ سندس نس نس ۾ سمايل آهي، هو دراوڙ ديس جو اهو مٽي هاڻو ماڻهو آهي جنھن جي من مان موهن جي دڙي جي مھڪ ايندي آهي اهڙي جهلڪ سندس هن شعر ۾ بخوبي پسي سگهجي ٿي۔
دل ڌرتيءَ ساڻ لڳايل آ،
نس نس ۾ سنڌ سمايل آ۔
موهن جي دڙي جي مھڪ منجهان،
هي من منھنجو مھڪايل آ۔
هن جي سموري شاعري سندس اندر جي آرسي ئي آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جي تلخين، فڪري اڏام، نظرئي جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هُو زندگيءَ جي گونج ٿيڻ چاهي ٿو، ان لاءِ هن کي آزاديءَ واري جيون سان بي انتها محبت آهي. هن لاءِ آزاديءَ جو هڪڙو پل غلاميءَ جي هزارها سالن کان بهتر ۽ مانائتو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ حسناڪي جو بنيادي محرڪ قومي غيرت آهي، جنهن ۾ هن سموري سنڌ کي پرين ڀانيو آهي. هن جي فڪر جون ميخون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، ان ڪري هن جي شعرن کي جڏهن پڙهبو ته زندگي گونجندي پئي نظر ايندي، زندگي رقص ڪندي جهومندي نظر ايندي. هُو سنڌ جو سچيت شاعر آهي. جنهن لئي ڌارين جي استحصال تي استعماري قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي سچ چئي ڏيڻ قومي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن لئي غلامي ڪچيءَ گار جهڙي آهي. هُو فطري شاعر آهي، جنهن جي تخليقي صلاحيتن آڏو مصنوعيت بي معنيٰ ۽ ڇسي لڳندي آهي هو رڳو لفظن جي ئي جوڙ جڪ نٿو ڪري، پر هو جيڪو لکي ٿو ان ۾ سندس جگر جو خون شامل هجي ٿو ان لاءِ هڪ شعر ۾ واضح چئي ٿو ته.
متان چئو ته رڳو جوڙجڪ آ لفظن ۾،
جگر جو خون به شامل آ منھنجي شعرن ۾۔
اڃان به حوصلا پنھنجا بلند هن “ساقي”،
اڃان به جوش ڏس جرڪي پيو ٿو جذبن ۾۔
ساقي ابڙو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ بھترين فرض شناس استاد ۽ بي لوث سماجي اڳواڻ به آهي. پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل ھيءُ شاعر سماج جي سجاڳيءَ لئي ڀرپور نموني جاکوڙيندو آهي. هُن جو اهو خيال هوندو آهي ته ٻارڙا معياري تعليم حاصل ڪندا ته هي بدبودار سماج خوشبوءِ سان معطر ٿي ويندو ۽ جاگيردارن جي بدبودار سماج جو انت ايندو آزاديءَ جو سج اڀرندو ۽ غلاميءَ جي هڪ ڊگهي رات جو خاتمو ايندو هن جو اهو پڪو ايمان ۽ اٽل ارادو آهي ته.
سخت سردي هجي، هاڙهہه گرمي هجي،
پوءِ به جاکوڙجي، پوءِ به جاکوڙجي۔
جهاڳڻو پئي جبل، ڪر ارادو اٽل،
پٽ نه ساهي ڪٿي، پوءِ به جاکوڙجي۔
پير ٿين جي پٿون، ۽ هٿن تي لڦون،
ماس پيو روڙجي، پوءِ به جاکوڙجي۔
ساٿَ “ساقيءَ” سندو، ڪاميابيءَ سندو
ڪو علم کوڙجي، پوءِ به جاکوڙجي۔