جائز جرم
جامع مسجد جي سامهون ٽرام بيٺي ۽ آئون لهڻ لڳس. اسٽينڊ تي سنگت راءِ بابو بيٺو هو. گهٻرايل، پريشان حال، چهري تي بدحواسي جا بادل، مون هُن کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو فڪر ۾ ڏٺو.
“هيلو سنگت راءِ بابو”
“هيلو مسٽر منوهر…”
“ڇا ڳالهه آهي، ڏاڍا پريشان پيا ڏسجو”
“اڄ مون سان هڪ نهايت ئي حيرت انگيز واقعو پيش آيو آهي. اڄ ته آئون گرفتار ٿيڻ وارو هئس. ائين سمجهو ته بچي ويو آهيان:” سنگت راءِ بابوءَ کي آئون 10-15 سالن کان سڃاڻان ٿو. وڏو بااصول شخص هو. هُن جي ايمانداري تي قسم کڻي سگهجي پيو، جيستائين منهنجو خيال آهي هُن اڄ تائين ڪوڙ نه ڳالهايو هو. جڏهن هُن چيو ته هو گرفتار ٿيڻ وارو هو ته هُن جي چهري جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ڄڻ هُن ڪو جرم ڪيو هجي، مون فورن پڇيو ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي هئي؟ ڇا ڪا قانون شڪني ڪئي هئي اوهان؟ ”
“جي نه هو چوڻ لڳو مون ڪوبه قابل اعتراض ڪم نه ڪيو آهي، منهنجو قصور هي آهي ته آئون بي قصور آهيان، منهنجو گناهه اهو آهي ته آئون بي گناهه آهيان. مون قانون کي ائين ٽوڙيو آهي ته غير جي شيءِ کي پنهنجو نه بنايو آهي، سچ اهو آهي، صداقت کان ڪم ورتو آهي ۽ بس”
“هي ڇا چئي رهيا آهيو توهان” مون پڇيو
“اڄ بدقسمتيءَ سان مون کي هڪ فائونٽين پين رستي ۾ پيل ملي ۽ آئون اُها پوليس اسٽيشن ۾ جمع ڪرائڻ ويو هئس. اُتان مشڪل سان جان ڇٽي، گرفتار ٿيڻ وارو هئس. اگر توهان وٽ ڪجهه وقت هجي ته ٻڌايان.”
“ها ها ضرور ٻڌايو مون کي انهيءَ سان دلچسپي آهي، منهنجي حيرت وڌي رهي هئي ۽ مون سڀ ڪجهه ٻڌڻ چاهيو پئي.
بابو سنگت راءِ ٻڌائڻ شروع ڪيو
“ٻارنهن ٽونٽي جي چوڪ تي اچانڪ مون کي هڪ فائونٽين پين ملي. اُتي موجود ماڻهن کان پڇيو ليڪن مالڪ نه مليو، صدر بازار ٿاڻو ويجهو هو. مون خيال ڪيو ته اُتي وڃي جمع ڪرائي اچان. تمام قيمتي پين هئي. گولڊ ڪيپ کان علاوه هُن ۾ هڪ سونهري زنجير لڳل هئي، جنهن ۾ هڪ چاٻي به هئي. آئون ٿاڻي جي دروازي جي سامهون بيهي رهيس. دروازي تي هڪ سپاهي بيٺي ننڊ ڪري رهيو هو. مون گهڙي ڏٺي ته رات جو ڏيڍ بجي جو ٽائيم ٿيو هو. سنتري صاحب کي مون جهنجهوڙي جاڳايو.
هُن اٿندي ئي چيو “هينڊز اپ”
مون کي سپاهيءَ جي حرڪت تي کل آئي ۽ چيو
“سنتري صاحب ذرا جاڳو. صوبيدار صاحب سان ملڻ ٿو چاهيان”
“ڇا جي لاءِ” سنتري پنهنجي مخصوص رعب سان دريافت ڪيو.
“مون کي هڪ فائونٽين پين ملي آهي، خبر ناهي ڪنهن جي آهي، مون خيال ڪيو هلي ٿو ٿاڻي ۾ جمع ڪرايان. نهايت قيمتي شيءَ آهي، هن وقت ڊيوٽي تي ڪهڙو صاحب آهي؟”
“هو آرام پيو ڪري”
“آرام پيو ڪري، ڇا هن وقت ڊيوٽي تي ڪوبه جاڳيل ڪونهي”
هو کلڻ لڳو ۽ چيائين “اوهان به ڪمال جا ماڻهو آهيو. ڊيوٽي تي صوبيدار صاحب ناهي جاڳندو هو ڊيوٽي تي موجود سپاهين مان هڪ کي مقرر ڪندو آهي ته هو جاڳندو رهي اڄ منهنجي واري آهي”
“انهيءَ لاءِ اوهان جاڳو پيا. مون کِلي چيو “اوهان ٿوري تڪليف ڪري صوبيدار صاحب کي سڏيو”
“هن وقت هو نٿو اچي سگهي. اوهان صبح جو اچجو”. سنتري بندوق سنڀالي بيهي رهيو. مون تمام گهڻي منٿ ڪئي، ليڪن سنتريءَ جي ڪن تي جون به نه سُري. مجبورن مونکي واپس ٿيڻو پيو.
ٻئي ڏينهن فائونٽين پين کڻي وري ٿاڻي تي ويس ۽ مون کي صوبيدار صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو.
مون وڏي ادب سان “نمستي” چيو. هن پنهنجي سرڪاري شان چيو “تون ڪنهن جي شڪايت کڻي آيو آهين؟”
“معاف ڪجو آئون ڪنهن جي شڪايت لاءِ ناهيان آيو آئون ته….”
هن منهنجي ڳالهه کي اڌ مان ڪٽي چيو “ضرور ڪو دُکڙو ئي کڻي آيو هوندين. توهان ماڻهن ته اسان جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي. چئو ڀلا ڇا ٿو چوڻ چاهين؟”
مون فائونٽين پين سامهون ڪندي چيو “هي پين مون کي رستي تي پيل ملي آهي، خبر ناهي ڪنهن جي آهي. توهان هن پين کي پاڻ وٽ جمع ڪريو. اگر حقيقي مالڪ ملي وڃي ته اُن کي ڏيئي ڇڏجو. تمام قيمتي شيءِ آهي”
صوبيدار صاحب چمڪدار پين کي غور سان ڏٺو ۽ مون ڏانهن ڏسندي پڇيو،
“هي پين توکي ڪٿان ملي آهي؟”
“ٻارنهن ٽونٽي چونڪ وٽان”
“ڪيئن”
“آئون وڃي رهيو هئس اچانڪ مون پنهنجي پير جي هيٺان ڪا شيءَ ڏٺي ته اُها هڪ پين هئي. جنهن سان گڏ هڪ سونهري چين ۽ چين سان گڏ هڪ چاٻي هئي، ٻه ٽي ماڻهو اُتان گذريا ليڪن ڪوبه هن جو مالڪ نه هو. نه ٿيو.
رات جو ڏيڍ ٿي رهيو هو. هتي آيس پر سنتري صاحب اوهان سان ملائڻ کان انڪار ڪيو. هاڻي حاضر خدمت ٿيو آهيان”
“اڇا ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
“سنگت راءِ”
“پيءُ جو نالو؟”
“لالا گنيش داس”
“تون رهين ڪٿي ٿو؟”
“گول مارڪيٽ”
“توکي پين گهڻي بجي ملي؟”
“رات جو ڏيڍ بجي”
“هڪڙي قابل غور ڳالهه آهي ته تو ٻڌايو ته تون گول مارڪيٽ ۾ رهين ٿو ۽ پين توکي ٻارنهن ٽونٽي چوڪ تان ملي آهي، آخر تون رات جو ڏيڍ بجي اُتي ڇا ڪري رهيو هئين؟”
“اُتي منهنجو هڪ دوست رهندو آهي، هو خود ڪٿي ٻاهر ويل آهي، هُن جي زال کي وٺي آئون سينيما ڏسڻ ويو هئس ۽ هُن کي گهر ڇڏي واپس اچي رهيو هئس”
پوليس جو سپاهي فائونٽين پين کي تمام غور سان ڏسي رهيو هو ۽ صوبيدار صاحب مون تي سوالن جي بوڇاڙ ڪري رهيو هو.
“اڇا ته توهان جي دوست جو نالو ڇا هي؟”
“افسوس ته آئون هن دوست جو نالو ٻڌائڻ کان قاصر آهيان. اُن جو هن پين سان پري جو به واسطو ڪونهي” هاڻي مونکي ڪاوڙ اچي رهي هئي.
“اسان کي مڪمل بيان لکڻو آهي. توکي هنن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. صوبيدار مڇن کي تائو ڏيندي چيو
“ليڪن افسوس ته هنن سوالن جو تعلق ٻين جي ذات سان آهي ۽ اُنهن جو هن واقعي سان ڪوبه واسطو نه آهي. اوهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته آئون هڪ باعزت شهري آهيان. منهنجي آمدني هڪ هزار رپياه ماهانه کان وڌيڪ آهي. آئون هتي بطور ملزم حاضر ناهيان ٿيو. بلڪه پنهنجي بلند اخلاقيءَ جو ثبوت ڏيڻ آيو آهيان”. مون صوبيدار جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو.
صوبيدار صاحب اُٿي بيٺو ۽ چيو “معاملو پيچيده نظر اچي ٿو تو پنهنجو نالو ٻڌايو اُن جو ثبوت اسان وٽ ناهي، تو پنهنجي پيءَ جو نالو ٻڌايو اُن جو ثبوت اسان وٽ ناهي، تو ٻڌايو ته تنهنجي آمدني هڪ هزار رپيه ماهانه آهي، ڇا تون اسان کي ڏيکاري ٿو سگهين. انهيءَ کان علاوه تون رهين ٿو گول مارڪيٽ ۽ چوين ٿو ته پين توکي ٻارنهن ٽونٽي چوڪ تان ملي آهي، سوچڻ جو مقام ته هي آهي ته هڪ شريف ماڻهو رات جو ڏيڍ بجي گهران ڇو نڪتو. پنهنجي دوست جي زال وٽ آخر وڃڻ جو مقصد ڇا هو؟
“ڏسو صوبيدار صاحب!” مون غصي مان چيو “اوهان کي هن معاملي ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي، مون کي پين ملي هئي. اوهان کي ڏني آهي. هاڻي اوهان جو فرض آهي ته مالڪ تائين پهچايو ۽ بس.”
“قانوني ڪارروايون ائين ئي سڌيون ناهن هونديون” صوبيدار پين کي ٻنهي هٿن ۾ گهمائيندي چيو.
“ائين ٿو معلوم ٿئي ته هي قيمتي پين تو ڪٿان چورائي آهي”
“ڪٿان چورائي آهي؟” آئون بيقرار ٿي ويس “ضرور چورائي آهي” صوبيدار چيو ۽ پوءِ سپاهين کي چيو “هن جي تلاشي وٺو” ۽ منهنجي تلاشي شروع ٿي وئي. هنن منهنجا سڀ ڪپڙا لاٿا ۽ ايستائين جو منهنجا جوراب به لاهي تلاشي ورتي. هنن نه صرف منهنجا ڪپڙا لاٿا بلڪه پڳ به لاٿي. بيعزتو ڪيو”
ايترو چئي سنگت راءِ بابو جي حالت وري خراب ٿي ويئي، پريشان ٿي ويو ۽ چيو “وڏي مشڪل سان مون پنهنجي جان بچائي هو مو نکي گرفتار ڪرڻ لڳا هئا”
مون کي پنهنجي دوست جي حادثي تي کل به پئي آئي ۽ افسوس به ٿي رهيو هو ته قانون کي ماڻهو ڪهڙي بي احتياطي سان استعمال ڪن ٿا ۽ ڪيئن غير مناسب ماڻهن جي هٿن ۾ قانون ڪٺ پتلي بڻيل آهي.
آئون پنهنجي دوست کان اجازت وٺي فارغ ٿيس ۽ سوچڻ لڳس ته موجوده زماني ۾ سچائي ڪيترو وڏو جرم آهي…

