ايڊيٽوريل

سال 2024 جي آجيان بهتر اميدن سان ڪجي ٿي

اميد زندگي آهي ۽ مايوسي موت آهي. جيڪو وقت گذري ويو آهي بهتر يا بدتر اهو واپس نه ايندو ايئن ئي جيئن 2023 ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي، پر ماضيءَ ۾ ٿيندڙ غلطين غلط پاليسين جو ادراڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ انهن جو ازالو ايئن ڪري سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ اهي غلطيون نه ٿين. هن سال ۾ ملڪ پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن جيڪو انتهائي اهم ڪم آهي جيڪو عوام جي راءِ واري حق کي ظاهر ڪري ٿو ۽ چونڊن جي عمل ذريعي عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت جو استعمال ڪندي حڪومت ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، انهيءَ اميد سان ته سندس ووٽ جي طاقت سان ٺاهيل حڪومت عوام جي مسئلن جو حل ڳوليندي، ان جي هر مسئلي کي بهتر نموني سان حل ڪندي، جنهن ۾ صحت، تعليم، روزگار، امن، ترقي، ڀائيچارو، رواداري، برداشت اهي سڀ شيون هونديون جن کي استعمال ڪري يورپ جا ملڪ ترقي يافته بڻجي چڪا آهن ۽ اتان جو عوام هڪ خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي جيڪو هر پاڪستانيءَ جو به حق آهي، پر شيطان صفت ماڻهو نه چاهيندا ته عام ماڻهو کي سڌيءَ ريت فائدو پوي. اسان جي حالت اسان جي پاڙيسري ملڪن کان به بدتر آهي جنهن جو اظهار ورلڊ بينڪ جو ريجنل ڊائريڪٽر ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ مطابق پاڪستان جو معاشي ڍانچو مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، ان کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ظاهر آهي ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ عوامي راءِ جي طاقت هجڻ ضروري آهي، انهيءَ ڪري شيطان صفت ماڻهن کي خدشو هوندو آهي ۽ هو ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال کي پروموٽ ڪندو آهي ته جيئن ماڻهو يقين جي حالت ۾ نه اچن ۽ ملڪ استحڪام طرف نه وڃي. اهڙي قسم جا حربا هن وقت سوشل ميڊيا جي ذريعي آسانيءَ سان استعمال ٿي رهيا آهن. انهيءَ غير يقيني صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ هن وقت آرمي چيف پڻ ميدان ۾ لهي آيو آهي. هونئن به زميني حقيقت ته اها آهي ته اسان وٽ سڀ کان طاقتور ادارو فوج ئي آهي، جنهن ڪڏهن سڌيءَ ريت ته ڪڏهن اڻ سڌيءَ ريت ملڪ تي حڪومت ڪئي آهي ۽ ملڪ جي غلط پاليسين ۾ سچ پچ انهيءَ اداري جو وڏو عمل دخل رهيو آهي جنهن جو اظهار آءِ ايس پي آر جي ذريعي ادارو پڻ ڪري چڪو آهي. هن وقت نظر ايئن ٿو اچي ته اهو طاقتور ادارو پڻ چاهي ٿو ته ملڪ ۾ بهتري اچي، غير يقيني واري صورتحال ختم ٿئي، ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي، ڪيستائين ملڪ ٻاهرئين امداد ۽ قرضن جي آسري تي پنهنجي معيشت کي هلائيندو رهندو جيڪا هن وقت وينٽيليٽر تي اچي وئي آهي. موجوده آرمي چيف جي انهيءَ بيان جي آجيان ڪريون ٿا ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙا افواهه پکيڙي ماڻهن کي نا اميديءَ طرف ڌڪيو وڃي ٿو ان کي ختم ٿيڻ کپي ۽ آرمي چيف چاهي ٿو ته ملڪ ۾ موجود ذريعن کي بهتر استعمال ۾ آڻي عوام ۽ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي سگهجي ٿو. سندس ڳالهيون، سندس خواب اميد ڏين ٿا ۽ نا اميدي جي وقت ۾ هڪ بهتر رستو ٻڌائين ٿا، پر ڪجهه تجويزون ۽ خدشا عوام وٽ پڻ آهن جن کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي. خدشا اهي آهن ته اهي صرف ڳالهيون هونديون يا انهن کي عملي صورت ۾ آندو ويندو؟ ڇا انهيءَ سڄي منصوبي کي هلائڻ وارا اهي ئي جنرل هوندا جن پروجيڪٽ عمران آندو جنهن سان ملڪ ڏهاڪا پوئتي هليو ويو؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته زراعت کي زرعي ماهرن جي بغير ترقي وٺرائي سگهجي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي بنا ڪنهن انجنيئر جي آندي وڃي؟ بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اهو ٿيو آهي ته هر نئين پروجيڪٽ جي مٿان اهي ماڻهو مڙهيا ويندا آهن جن جو ان سان ڪو تعلق نه هوندو آهي ۽ نه ئي انهن کي ان ڪم ۾ ڪا مهارت حاصل هوندي آهي، اهڙن ماڻهن کي اداري جو اڳواڻ ڪري ويهاريو ويندو آهي. پي آءِ اي هجي، واپڊا هجي، ريلوي هجي يا اسٽيل مل اهي ڏسي وٺو ته انهن ادارن جا چيئرمين ڪير آهن ۽ پوءِ انهن ادارن جي حالت ڪهڙي ٿي آهي. هاڻي ماضيءَ مان سبق سکڻو پوندو ۽ اسان کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ بي غرض ٿي فيصلا ڪرڻا پوندا ته هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حد ۾ رهي پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪري ۽ قابل ماڻهن کي ادارن جو نگران بڻايو وڃي ته جيئن صنعتي ترقي سان گڏوگڏ ادارتي طرقي به ٿي سگهي. انهيءَ ڪري جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي اهليت پٽاندڙ ڪم ڪندڙ اداري مان نڪري ٻين ادارن ۾ ايندا آهن ته پوءِ انهن ادارن جو حال اهڙو ئي هوندو آهي جيڪو اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. تجويزون اهي آهن ته جيڪڏهن ملڪ کي ترقي وٺرائڻي آهي ۽ جيئن ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ جيڪڏهن اوهان ڪسان ڪانفرنس ڪوٺرائي ننڍي هاريءَ کي ترقي ۾ شامل ڪريو ٿا ته پوءِ گرين پاڪستان جا ذميوار زراعت جا ماهر هجڻ گهرجن، آبپاشي جي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي، دنيا جي جديد زرعي ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکندڙن انجنيئرن جون خدمتون ورتيون وڃن تڏهن ئي اهو پروجيڪٽ ڪامياب ٿي سگهندو. اسان وٽ هميشه اڻپورو احتساب ٿيندو رهيو آهي، طاقتورن جو صرف وقتي احتساب ٿيندو آهي اهو به صرف سياستدانن جو. هاڻي هر ان ماڻهو جو احتساب ٿيڻ کپي جنهن ملڪ کي لٽيو ڦريو آهي. جديد تعليم جي ذريعي نوجوانن جي تربيت ٿيڻ کپي ۽ انهن کي نوان نوان هنر سيکاري هڪ با مقصد ۽ ڪارائتو فرد بڻايو وڃي ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت جي رستي ۾ روڙا نه اٽڪايا وڃن. اهو پيغام ان حڪومت وٽ تڏهن ويندو جڏهن فوج جهڙو طاقتور ادارو پنهنجي اداري اندر پاڻ ڪارين رڍن کي قابو ڪندو. ڇو ته سياسي ماڻهو وٽ اهڙي ڪابه طاقت ناهي ته هو ڪنهن فوجي جنرل کي سزا ڏيئي سگهن. انهن سڀني اصولن تي عمل ڪرڻ جي نيت نظر اچي ٿي ۽ انهيءَ عمل سان ملڪ ۾ خوشحالي جي اميد نظر اچي ٿي.