سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ اڄ ٿيندي
سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ اڄ 4 وڳي ٿيندي. هن وقت تائين خبرن موجب سينيٽ جي نون چونڊيل 52 ميمبرن حلف نامون کڻي ڇڏيو آهي. اڄ جي چونڊن لاءِ صدر پاران يعقوب خان ناصر کي پرزائيڊنگ آفيسر طور نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن پاران نون چونڊيل سينيٽرن کان حلف ورتو ويو آهي، جنهن بعد ايوان جو اجلاس ختم ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن لاءِ اميدوارن جا ڪاغذ جمع ڪرايا ويا ۽ انهن جي چڪاس بعد اجلاس ٻيهر شروع ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو. سينيٽ جو اجلاس 4 وڳي ٻيهر شروع ڪري سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ چونڊون شروع ڪيون وينديون. ان لاءِ ايوان ۾ ئي بوٿ قائم ڪيا ويندا جتي سينيٽ جا ميمبر پنهنجا اميدوار چونڊيندا. خبرن موجب چونڊون کٽڻ لاءِ ڪنهن به هڪ اميدوار کي 53 ووٽ حاصل ڪرڻ لازمي هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر نئين چونڊيل چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي نالن جو اعلان ڪندو. پرزائينڊنگ آفيسر پهرين چيئرمين کان حلف وٺندو جنهن بعد چيئرمين ڊپٽي چيئرمين کان حلف وٺندو. اڄ جون چونڊون ختم ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويندو.

