نئون

زال کان تنگ مڙس 10 سالن کان جهنگ ۾ رهي رهيو آهي

برطانيه ۾ 62 سالن جو هڪ شخص ميلڪم ايپلگيٽ جنهن جو تعلق برمنگهم سان آهي. گذريل 10 سالن کان جهنگ ۾ رهي رهيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي زال کان تنگ ٿي جهنگ ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي جيڪو 10 سال اڳ نوڪري ڪندو هو جنهن بعد هو اچانڪ گم ٿي ويو هو، سندس خاندان پاران کيس فوت سمجهيو ويو. جڏهن ته هو هڪ جهنگ ۾ لڪي ويٺو هو جنهن جو سبب هن ٻڌايو ته پنهنجي زال جي ڳالهين کان تنگ ٿي ويو هو ان ڪري ئي هن گهر ڇڏي ڏنو. ميلڪم چيو ته هو هاڻي جهنگ جي زندگي کان بيزار ٿي ويو آهي ۽ هو واپس گهر اچڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف هن جي خاندان وارن جو هن پريشان ڪندڙ صورتحال ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ميلڪم جو چوڻ آهي ته هو ڏهه سالن تائين جهنگ ۾ ميوي تي گذارو ڪندو رهيو آهي.