منهنجو بابا: ولي رام ولڀ
ماءُ واکاڻيون پُٽ نه ٿيندو آهي
جڳ واکاڻيو ٿيندو آهي
ته آئون ڪهڙي واکاڻ ڪيان. لفظن ۾ بيحد غريب آهيان، مون وٽ ايترا لفظ ئي ڪٿي آهن، جو پنهنجي پيءُ جي باري ۾ چئي سگهان.
اُهي بيحد محنتي، Self-made، اڻٿڪ ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو هئا، جنگجو ۽ اتساهت، جنگجو ان حوالي سان ته هر شيءَ کي چئلينج سمجهي وٺندا هئا ۽ پورو ڪندو هئا.
بابا پنهنجي سڄي پڙهائي بي.اي، ٽرپل ايم اي ۽ ايل ايل بي سڀ شادي کانپوءِ ڪئي ۽ اسان کي به پڙهايائين.
ڪڏهن به کُلي تعريف نه ڪندا هئا، مون کي ياد آهي جڏهن مون “دريءَ کان ٻاهر” نظم لکي ته مون پڇيو ته بابا ڪيئن لکي آهي؟ ته هلڪي مسڪراهٽ انهن جي چهري تي چلڪو ڪري اُڀي آئي ته وراڻيائون سٺي آهي، بس اهائي تعريف ملي مون کي، اهو ئي انهن جو سرٽيفڪيٽ هو جو مون ٿرڊ ايئر ايم بي بي ايس ۾ پڙهندي بابا کان حاصل ڪيو ۽ فورٿ ايئر ۾ منهنجو نظم جو پهريون ڪتاب “دريءَ کان ٻاهر” شايع ٿيو، جنهن کي سنڌي ادبي سنگت پاران پهريون انعام مليو.
بابا تمام گهڻا منظم هئا ۽ اها ئي عادت اسان تائين به پهتي، پڙهڻ انهن جي ساهه ۾ سانڍيل هو ۽ اسان به رانديڪن سان گهٽ ۽ ڪتابن سان وقت گذاريندا هئاسين ۽ اسڪول مان موٽي به ڏسندا هئاسين ته ڪهڙو نئون ڪتاب گهر ۾ آيو آهي يا پرڏيهه مان ڪهڙي اديب بابا لاءِ خط اماڻيو آهي.
تڏهن ته اڄ تائين به اسان جي سڄي خاندان ۾ پڙهائي ۾ ڪوئي به ايترو اڳتي وڌي نه سگهيو جيستائين اسان پهتاسين. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڄڻ ته سُتي/گُهٽي ۾ مليو هيو اسان کي. حالانڪه اسان ٽنهي جا شعبا الڳ الڳ آهن. ڪوئي ميڊيڪل جي شعبي ۾ آهي، ڪوئي انجنيئرنگ ۾ ته ڪوئي فزڪس جا فارمولا حل ڪري جيڪو اسان کي پنهنجي پيءُ جي طرفان سوکڙي ۾ مليو آهي.
ٽيون سبق اسان جي ٻارن جي تربيت ۽ انهن جو ادب ڏانهن لاڙو پيدا ڪرڻ آهي. منهنجي ٻارن جي آڱر پڪڙي ڪينٽ جي پُل تائين وٺي ويندا هئا ۽ ٽرينون ايندي ويندي ڏسندي، زندگي جا ڪيترا سبق پڙهي ويا.
ڪنهن به ٻوليءَ جي اهميت ان وقت گهڻي ٿي وڃي ٿي، جڏهن ٻين ٻولين جو ادب پوءِ چاهي اهي ملڪي هجي يا بين الاقوامي ان ۾ شامل ٿئي. بابا اهو ڪم گهڻي خوبيءَ سان ڪيو ۽ انور ابڙي خوب لکيو ته اُهي ترجمي جا خاموش خدائي خدمتگار هئا.
جو ڇانءُ ۽ ڇپر هجي
واهر هجي
هر دک ۾ ڀرجهلو هجي
باغ بهار هجي
گلف جي هٻڪار هجي
اکين جو ٺار هجي
انمول مڻئي جو هار هجي
ڪچهرين جو سردار هجي
سهي نه سگهي ڪا ناانصافي
ڏاڍ سان وڙهڻ لاءِ هردم تيار هجي
جڏهن ڳولهجي ته هر هنڌ کي
هاڻي هتي آهي
ته ٻي مهل صوفي تي آهي
۽ ٿوري دير کانپوءِ ڇت تي هجي
ائين لڳي ٿو ڄڻ
اکين ۾ رهي
۽ دل ۾ هجي
(وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ “ولي رام ولڀ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو” ۾ پڙهيل مضمون 2023-11-21).

