سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ مفت ڪڻڪ ورهائڻ جو اعلان
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ٿر جي ڏڪار سٽيل 2 لک 87 هزار خاندانن ۾ مفت ۾ ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هر خاندان کي 100 ڪلو ڪڻڪ ڏني ويندي. ياد رهي ته سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير جي سربراهي ۾ ٺهيل ڪاميٽي پاران ڪيل سفارشن تحت ٿر جي 287000 خاندانن ۾ في خاندان 100 ڪلو ڪڻڪ ورهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪڻڪ جي هيءَ ورهاست مارچ کان شروع ڪئي ويندي ۽ اپريل تائين جاري رهندي. ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير پاران ڪميٽي جوڙي ان کي حڪم ڪيو هو ته اها ٿر جو دورو ڪري معلوم ڪري ته اتي واقعي به ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي يا نه ڪميٽي پاران ٿر ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ويون هيون جنهن بعد رپورٽ ڏني وئي هئي ته ٿر اندر ڏڪار واري صورتحال اڃان تائين موجود آهي. ان ڪري اتي مفت ڪڻڪ ورهائي وڃي.

