ايڊيٽوريل

هڪ سال ۾ 400 سيڪڙو اضافي کانپوءِ به گيس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جا ارادا

وزارتِ پيٽروليم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا گيس جي قيمتن ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ اضافي جي سفارش ڪئي آهي، جنهن جي منظوري کانپوءِ اهو اضافو ايندڙ مهيني لاڳو ڪيو ويندو. ياد رهي ته اوگرا اڳي ئي هڪ سال جي اندر گيس جي ٽيرف جون قيمتون 400 سيڪڙو وڌائي چڪو آهي. پاڪستان هن وقت شديد مهانگائي جي دٻاءَ هيٺ آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون اڳي ئي وڌايون ويون آهن، جڏهن گهٽجن ٿيون ته نالي ماتر. پيٽرول ۽ ڊيزل جي خريد عام ماڻهن جي وس کان مٿي ٿي چڪي آهي. پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي قيمتن جي واڌ جي ڪري عام واهپي جي ٻين شين کانسواءِ زرعي، صنعتي ۽ تعميراتي شعبي ۾ ڪتب ايندڙ سامان جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن. نگران سرڪار کي عام ماڻهن جي ضرورتن جو ڄڻ اندازو ئي ڪونهي ته گيس جي قيمتن ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو اڃا مهانگائي ۾ اضافو ڪندو. هڪ طرف اسان وٽ گيس جا ذخيرا گهٽ ٿيندا وڃن ۽ طلب وڌندي پئي وڃي. اسين ايل اين جي جا درآمد ڪندڙ به آهيون اهي سڀ حقيقتون اسان جي سامهون به آهن. اسان کي بخوبي ياد آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وزير توانائي حماد اظهر گهريلو صارفين کي ڏينهن ۾ ٽي وقت گيس جي فراهمي جي ڳالهه ڪئي جنهن جو مطلب اهو هو ته ٽي وقت ماني جي تياري لاءِ گيس هوندي، اهو تڏهن جي حڪومت جي ناقص توانائي پاليسي هئي جنهن تحت وقت تي ايل اين جي جي درآمد نه ٿي سگهي هئي. اسين اهو به ڄاڻون ٿا ته پاڪستان ۾ گيس توانائي جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. پاڪستان جي توانائي جي شعبي مطابق ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت جو 31 سيڪڙو گيس مان پورو ڪيو ٿو وڃي. جا ملڪي پيداوار ۽ درآمدي گيس تي مشتمل آهي. انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته جو گيس جو فيڪٽر اهم آهي، پر انهيءَ جي قيمت ۾ مسلسل واڌ مهانگائي جو هڪ وڏو سبب آهي. انهي جي باوجود نگران سرڪار ڇو نه صنعتن، واپار ۽ سرمائيدار طبقي تي ٽيڪس هڻي ملڪ جي آمدني ۾ اضافو ڪري ۽ بدلي ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي قيمتن جي اضافي کي روڪيو وڃي. جيئن عام ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهي. هڪ طرف سياسي جاعتون پنهنجي پارٽين جي منشور ۾ غربت ۽ مهانگائي گهٽائڻ جا واعدا ڪري رهيون آهن ته نگران سرڪار ويندي ويندي گيس کان وٺي ٻين شعبن ۾ قيمتون وڌائي مهانگائي ۾ اضافو ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. هڪ طرف مهانگائي آهي، ٻئي طرف ائين به آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال سبب تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي ڳولها لاءِ ڪم رڪيل آهي. بلوچستان ۾ گيس جا وسيع ذخيرا موجود آهن ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن ملڻ جا جيڪڏهن امڪان آهن ته اتي به زميني صورتحال ذخيرن جي ڳولها لاءِ مناسب ناهي. هڪ طرف حالتن جو اهو جبر آهي جو اسان جا توانائي جا ذخيرا بند ٿيا پيا آهن ۽ انهن تي اسين ڪم نٿا ڪري سگهون. ٻئي طرف توانائي جي ضرورت گهريلو صارفين کان وٺي زندگي جي هر شعبي کي آهي. تڏهن اسين نگران سرڪار کي اها تجويز ڏيون ٿا ته ويندي ويندي اها گيس جي ٽيرف ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو نه ڪري ۽ توانائي سان لاڳاپيل فيصلا، توڙي ٻين شعبن ۾ طويل المعياد فيصلا نه ڪري ڇاڪاڻ جو انهيءَ جو کيس نه سياسي حق آهي ۽ نه ئي اخلاقي حق آهي. گيس جي ٽيرف ۾ اضافو ايندڙ چونڊيل حڪومت لاءِ ڇڏيو وڃي، ڇاڪاڻ جو سڀئي سياسي جماعتون ماڻهن سان شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ جا واعدا ڪري رهيون آهن. انهي سلسلي ۾ نگران سرڪار کان اسانجو مطالبو آهي ته اها گهٽ ۾ گهٽ گهريلو صارفين لاءِ گيس کي سستو ڪري ۽ صنعتي ۽ ڪمرشل بنيادن تي استعمال ٿيندڙ گيس جي ٽيرف ۾ اضافو ڪيو وڃي. نگران حڪومت مهانگائي ۾ پيڙهيل ماڻهن جي لاءِ ايتري ته مهرباني ڪري سگهي ٿي، جو اها 41 سيڪڙو گيس ٽيرف جي اضافي کي نه صرف روڪي، پر گيس جي موجوده ٽيرف کي گهريلو صارفين لاءِ گهٽ به ڪري.