سنڌ اندر ٽي نوان NICVD سينٽر ٺهندا
سنڌ اندر جلد ئي دل جي بيمارين جو علاج ڪندڙ ٽي نوان NICVD سينٽر ٺاهيا ويندا. اهڙو بيان NICVD جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نديم قمر ڏنو جنهن چيو ته ان کان علاوه NICVD جا اهڙا سينٽر جيڪي سيني جي سور لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي ٻين شهرن تائين ڦهلايو ويندو. ان کان علاوه سکر اندر هڪ مهينو اڳ قائم ڪيل، NICVD سينٽر به سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت مريض جو باءِ پاس آپريشن ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ٻه اوپن هارٽ سرجريون به ڪيون ويون آهن ۽ انهن مريضن جي صحت بهتر ٿي رهي آهي. پروفيسر نديم چيو ته هي سڀ علاج مفت ۾ ڪيا پيا وڃن. جنهن لاءِ هن سنڌ حڪومت جو ٿورو مڃيندي چيو ته حڪومت هن قسم جون سهولتون ماڻهن کي انهن جي در تائين پهچائي رهي آهي، جنهن لاءِ ٽي نوان NICVD سينٽر به شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته سکر اندر 300 بيڊن جي NICVD سينٽر ۾ هڪ مهيني اندر 2409 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه آئوٽ پيشنٽ جي طور تي 1109 مريض اچي چڪا آهن ۽ 297 ايڪو ڪارڊيو گرافي ٽيسٽ لاءِ انتظار ڪندڙن جي لسٽ ۾ آهن. ان کان علاوه 715 ٻبين ٽيسٽن لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن، جنهن کان علاوه هن وقت تائين 67 مريضن کي اينجيو پلاسٽي ڪئي وئي آهي جنهن سان هنن جي بلاڪ ٿيل رڳن ۾ رت جي ڦهلاءُ کي برقرار ڪيو ويو آهي. هي علاج اوپن هارٽ سرجري کان بغير ٿيندو آهي. ڊاڪٽر نديم چيو ته NICVD جو مقصد آهي ته اها عوام جي علاج لاءِ بهتر علاج فراهم ڪري هن ڏس ۾ مختلف سينٽر صوبي جي ٻين شهرن ۾ به ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ لاڙڪاڻو، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سکر شامل آهن.

