آدمشماري ۾ ٿيل تڪبندين تي اعتراض
آدمشماري ۾ ٿيل تڪبندين تي اعتراض واريندي وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته اسان سان غلط بياني ڪري تڪ بندين لاءِ ترميم ڪرائي وئي هئي. هاڻي اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته تڪبندين لاءِ ڪاميٽين جي ميمبرن جا نالا، انهن جي اهليت ۽ کين تڪبندين جي تجربي جا تفصيل ڪهڙا آهن. وفاقي وزير پاران 272 تڪن مان 40 سيڪڙو تڪن تي آبادي جي معيار جي خلاف ورزي ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، جنهن جي وضاحت لاءِ هن اڄ جي اجلاس ۾ شماريات کاتي کي طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي لاءِ جوڙيل ڪميٽي جا تفصيل پڌرا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته تڪبندين جي جائزي لاءِ ڪالهه اليڪشن ڪميشن 2018 جي عام چونڊن لاءِ ڪيل تڪبندين تي اعتراضن جي جائزي ۽ سفارشون جوڙڻ لاءِ وفاقي وزير دانيال عزيز جي سربراهي ۾ جوڙيل ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيو. ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ جي سيد نويد قمر ۽ پي ٽي آءِ جي عارف علوي شرڪت نه ڪئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ايس اي اقبال، جي يو آءِ جي صاحبزاده طارق، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي شرڪت ڪئي. ورڪنگ گروپ ڪالهه واري اجلاس کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ناڪام ويو. جڏهن ته هن اڄ آخري اجلاس گهرايو آهي. هن اجلاس بابت ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري رهيا آهيون نه ئي مداخلت ڪري سگهون ٿا. جتي بي قائدگيون ڏسنداسين انهن کي سامهون آڻينداسين.

