ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ نئين صدر جي چونڊ

عام چونڊن جي عمل جي ڪري نه رڳو وفاقي ۽ چار ئي صوبائي حڪومتون ٺهڻيون آهن، پر مارچ ۾ سينيٽ آف پاڪستان ۾ چونڊ پڻ ٿيڻي آهي ۽ ملڪ ۾ نئون صدر به اچڻو آهي. جيڪا آئيني ضرورت آهي. صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان تمام اهم آئيني عهدو آهي، ملڪ ۾ صدر، وزيراعظم، 4 وزير اعليٰ چيئرمين سينيٽ اهم آئيني عهدا آهن. صدر جو عهدو اهم هجي ٿو جو اهو وفاق ۾ ٿيندڙ قانونسازي جو تجزيو ڪري ۽ انهيءَ کي ملڪ جي آئين ۽ قانون جو حصو بڻائي ٿو.
موجوده صدر عارف علوي پاڪستان جو تيرهون صدر آهي، هن کي 9 سيپٽمبر 2018 تي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو هو. صدر عارف علوي جي پنج سالا آئيني مدت 8 سيپٽمبر 2023 تي ختم ٿي چڪي هئي، پر ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ جي هجڻ جي ڪري عارف علوي تاحال ملڪ جي صدر جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي ۽ 1973 جي آئين مطابق اليڪشن ٿيڻ کانپوءِ هڪ مهيني تائين هو صدر جي عهدي تي فائز رهي سگهي ٿو. محترم عارف علوي صاحب پيشي جي لحاظ سان ڊينٽسٽ آهي ۽ هو شروع کان ئي سياست سان دلچسپي رکندڙ شخص آهي. جڏهن شاگرد هو ته جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم اسلامي جمعيت طلبه سان لاڳاپيل هو. هو جماعت اسلامي جي طرفان 1979 ۾ ڪراچي مان سنڌ جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن به وڙهيو هو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، 1988 ۾ هن جماعت اسلامي ڇڏي ۽ سياست کان به ڌار ٿيو، پر 1996 ۾ هن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي.
عارف علوي 1997 ۾ وري صوبائي سيٽ تي اليڪشن وڙهيو پي ايس 89 هاڻ هن جي جماعت هئي تحريڪ انصاف، پر هو اليڪشن هارائي ويو ۽ هن 2200 ووٽ کنيا. 2013 جي چونڊن ۾ هو تحريڪ انصاف جي پاران قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. هن جو سياسي سفر تحريڪ انصاف سان جاري رهيو. 2018 ۾ جڏهن پارٽي اقتدار ۾ آئي ته انهيءَ عارف علوي صاحب کي ملڪ جو صدر چونڊيو. 9 سيپٽمبر 2018 تي عارف علوي تيرهون صدر مملڪت اسلامي جمهوريه پاڪستان ٿيو، ان کان پهرين محترم ممنون حسين صاحب ملڪ جو صدر هو. موجود صدر جي صدارت واري مدي لاءِ تجزيه نگار ۽ سياسي مبصر اها ڳالهه ڪندا آهن ته هن پنهنجون آئيني ذميواريون پنهنجي پارٽي کان مٿڀرو ٿي ادا نه ڪيون آهن. پنهنجي مدي جي دوران لڳندو ائين هو ته محترم عارف علوي صاحب ڄڻ تحريڪ انصاف جو صدر آهي. واقعي به ته هو تحريڪ انصاف جو پرجوش ڪارڪن رهيو آهي. 2014 ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن تي حملي جو مقدمو ٻين سان گڏ هن تي به درج ٿيل هو. سينيٽر رضا رباني جيڪو اهم سياستدان آهي ۽ قانون ۽ سياست تي ان جي نظر ٻين سياستدانن ۽ عوامي نمائندن کان مٿڀري آهي. هن اهو چيو آهي ته صدر عارف علوي پنهنجي دور صدارت ۾ گهڻا ئي دفعا آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي. سينيٽر رضا رباني ڪيترن ئي واقعن جو تذڪرو ڪيو آهي جنهن ۾ هن صدر جي آئين جي ڀڃڪڙي جو ذڪر ڪيو آهي. وزيراعظم جي مشاورت جي بنا ئي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو مثال هن ڏنو آهي، پر هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته هن پنهنجي صدارتي زندگي ۾ هڪ اهڙو فيصلو ڪيو آهي. جيڪو مناسب نه آهي ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سٺي فيصلي جي طور تي ياد نه ڪيو ويندو. اهو فيصلو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدر طرفان موڪليل ريفرنس آهي. جنهن ۾ موجود چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جناب قاضي فائز عيسيٰ کي پنهنجي برادر ججز جي سامهون پنهنجي صفائي پيش ڪرڻي پئي هئي. هاڻ موجوده صدر لڳي ٿو ته پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي. عارف علوي صاحب پنهنجي فيصلن ۽ عملن سان ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪيئن ياد ڪيو ويندو اهو تاريخ تي ڇڏيون ٿا.