ايڊيٽوريل

پنجاب صوبي جي پهرين خاتون وزيراعليٰ جي چونڊ

8 فيبروري جي اليڪشن جي نتيجي ۾ جيئن ته حڪومتن جي تشڪيل جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين اڳڀرائي پنجاب صوبي ۾ ٿي آهي، جتي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعليٰ جي چونڊ ٿي وئي آهي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀني کان وڏي صوبي ۾ حڪومت جي تشڪيل جو عمل لڳ ڀڳ مڪمل ٿي ويو آهي. آخري مرحلي ۾ وزيراعليٰ پنجاب پنهنجي ڪابينا جو اعلان ڪندي.
پنجاب جي هي صوبائي سرڪار پنهنجي تاريخ ۾ منفرد ۽ اهم انهيءَ ڪري آهي جو انهي صوبي جي وزيراعليٰ پهريون دفعو هڪ عورت ٿي آهي. مريم نواز صوبي جي پهرين عورت وزيراعليٰ آهي، پاڪستان جو عوام انهيءَ تبديلي تي يقينن خوش ٿيو هوندو جو ملڪ ۾ هڪ صوبي جي حڪمراني عورت جي حوالي ٿي آهي. مريم نواز جنهن جو تعلق هڪ سياسي گهراڻي سان آهي هن جو والد ميان محمد نواز شريف هن ملڪ جو ٽي دفعا وزيراعظم رهي چڪو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گذريل صدي جي 80 واري ڏهاڪي ۾ هو انهيءَ صوبي جو وزيراعليٰ رهي چڪو آهي. تاريخ ڪيئن نه پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي. مريم نواز شريف نئين صديءَ ۾ انهيءَ آفيس ۾ ويهندي جنهن ۾ گذريل صدي ۾ سندس والد وزيراعليٰ جي طور تي ويهندو هو. مريم نواز جي وزيراعليٰ پنجاب ٿيڻ تي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ گڏيل رد عمل آهي. هڪڙا چون ٿا ته هن کان اڳي کيس ڪوبه سياسي تجربو ڪونهي ۽ ٻيا چون ٿا ته سندس خاندان گذريل صدي کان هن صدي تائين ملڪ ۾ سياست ڪندو رهيو آهي.
ڏسون ٿا ته پنجاب جي وزيراعليٰ طور هن جي ڪارڪردگي ڪهڙي ٿي رهي، پر پنجاب جو عوام اها اميد ڪري رهيو آهي ته هنن کي هڪ بهتر وزيراعليٰ مليو آهي، گذريل پنجن سالن ۾ پنجاب جو صوبو ڄڻ بنا حڪمراني جي رهيو آهي يا عدالتن جي پٺڀرائي سان اتي سياسي تماشو ٿيندو رهيو آهي. عثمان بوزدار پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاران چونڊيل وزيراعليٰ رهيو آهي. انهيءَ کانپوءِ پنجاب جي وزارت اعليٰ لاءِ پرويز الاهي ۽ حمزه شهباز ۾ هڪ طرح ڄڻ ميچ ٿيندو رهيو، جنهن کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جيڪا تڏهن جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي هيٺ هئي. هڪ طرح جي پٺڀرائي حاصل هئي. نتيجي ۾ پنجاب جو صوبو ڄڻ بنا حڪمراني جي هو. اهو ته بهتر ٿيو جو نگران وزيراعليٰ پنجاب محسن نقوي مقرر ٿيو، جنهن پنهنجي عهدي جي مختصر مدت ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ حڪمراني جو هڪ بهتر مثال قائم ڪيو. مريم نواز شريف لاءِ انتظامي طور محسن نقوي جو رستو ئي بهتر ٿيندو. اسين مريم نواز مان بهترين منتظم هجڻ جي توقع رکون ٿا. اها پنجاب جي بهتر حڪمراني ڏيندي. هتي اسين اها ڳالهه ٿا ڪريون ته جيڪي حلقا اها تنقيد ٿا ڪن ته کيس ڪوبه تجربو نه آهي، تڏهن اسين اهو ضرور چونداسين ته پاڻ شريف ٽرسٽ ۽ ان سان لاڳاپيل تعليمي ادارن جي سربراهه رهي آهي ۽ جڏهن وزيراعظم نواز شريف 2013 ۾ وزيراعظم ٿيو ته هڪ طرح سان انهيءَ پنهنجي نياڻي جي سياسي تربيت ڪئي، پر سياسي ۽ سماجي ماهر هڪ ڳالهه ڪندا آهن ته سياستدان لاءِ جيل سياسي تربيت جي جاءِ هوندو آهي. محترمه مريم نواز ۽ ميان محمد نواز شريف 2018 جي انتخابات کان پهرين جڏهن ملڪ موٽيا ته انهن کي جيل ۾ وڌو ويو، اڳتي هلي انهن کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڏني وئي. جيل جيئن ته اسين ورجايون ٿا ته سياستدانن لاءِ تربيت جي جاءِ آهن. اهڙي ڳالهه سابق صدر ۽ پيپلز پارٽي جي رهنما جناب آصف زرداري به ڪئي آهي. جنهن پنهنجي زندگي ۾ هڪ طويل عرصو قيد و بند ۾ گذاريو آهي.
پهرين عورت وزيراعليٰ پنجاب جو انتخاب جيئن ته ٿي ويو آهي، تڏهن پاڪستان جي آبادي جو اڌ جيڪو عورتن تي مشتمل آهي انهن ۾ ڄڻ خوشي جي لهر ڊوڙي آهي. ڏسون ٿا ته عورت وزيراعليٰ عورتن جي بهبود لاءِ ڪهڙا قدم ٿي کڻي. هن چونڊجڻ شرط اها ڳالهه ڪئي آهي ته هو ڪنهن جي خلاف انتقام جي خواهش ڪونه ٿي رکي، سڀني سان گڏجي هلڻ چاهي ٿي. هن اهو به چيو ته منهنجو وزيراعليٰ ٿيڻ پاڪستاني عورتن لاءِ هڪ اعزاز آهي. پهرين عورت وزيراعليٰ جي طور اسين مريم نواز کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.