خبر آهي ته پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مقرر ٿيل سفير سيده شهربانو نقوي کي سعودي سفارتخاني ۾ دعوت ڏئي سڏايو. ان کي سندس ڪيل فرض شناسي ۽ بهتر سوچ واري عمل تي مڃتا ڏيندي سعودي شاهي خاندان جي دعوت پڻ ڏني ته شهربانو صاحبه ۽ ان جو پورو خاندان حج جي موقعي تي حج ڪري، جنهن جو پورو خرچ سعودي حڪومت برداشت ڪندي ۽ سندس پوري فيملي شاهي مهمان پڻ هوندي. هيءَ اها ئي بهادر پوليس آفيسر آهي جنهن هڪ مظلوم عورت جي جان بچائي هئي، جنهن جي چوڦير ماڻهو نما بگهڙ پهچي چڪا هئا ۽ هن مظلوم عورت کي مارڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا. جهڙي نموني پوري ملڪ جي ساڃاهه وند ماڻهن ان بهادر عورت آفيسر جي تعريف ڪئي ۽ انهي مظلوم عورت سان گڏ بيٺا ته اهو انتهاپسند جٿو پوئتي هٽي ويو، ائين اسان جي ملڪ ۾ گهٽ ٿيندو آهي، ڇو ته انهيءَ انتهاپسند جٿي کي رياست جي غلط پاليسين ڄاڻي واڻي ايترو همٿايو آهي، جو هو هاڻي شتر بي مهار وانگر هر ڪنهن کي چيڀاٽڻ چاهين ٿا.
دنيا ۾ سٺا انسان تمام گهڻا هوندا آهن، پر انهن جي ڪوتاهي اها هوندي آهي ته هو خاموش رهندا آهن، جيڪا سندس ڪمزوري هوندي آهي ۽ شيطان صفت انسان گهٽ هوندا آهن، پر ڇو ته اهي مرڻ مارائڻ جي لاءِ تيار هوندا آهن، ان ڪري سٺا ۽ شريف ماڻهو انهن کان خوف کائيندا آهن ۽ انهن جي سامهون مهاڏو نه اٽڪائيندا آهن. وڏو سبب اهو به آهي ته اهڙن بگهڙ نما ماڻهن جي پويان رياست جي طاقت پڻ هوندي آهي. ان ڪري انهن کي قانون جو خوف نه هوندو آهي. اهي صرف پنهنجو قانون هلائي هر طرف افراتفري ڦهلائي انتهاپسندي کي فروغ ڏيندا آهن. اهي اهڙي ڪنهن به سوچ کي وڌڻ نه ڏيندا آهن، جنهن ۾ عقل، فهم، تميز، اخلاق هجي، پر هن واقعي انهن کي انهيءَ ڪري پوئتي ڪيو جو پوري ملڪ جا ساڃاهه وند ماڻهو ۽ طاقتور رياستي ادارا پڻ انهن جي مخالفت ۾ نظر آيا. عورت پوليس آفيسر کي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ سعودي جي حڪومت کي پڻ اڳتي اچڻو پيو. اها ننڍي ڪاميابي نه آهي، پر اڃا منظل پري آهي. مڪمل ڪاميابي تڏهن ٿيندي، جڏهن اهڙي قسم جي انتهاپسند گروهن کي پنهنجي ڪيل غلط عملن جي قانون سزا ڏيندو، هتي ائين نه ٿي سگهيو. قانون صرف مظلوم عورت جي جان بچائي، جيڪي انهيءَ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ گڏ ٿيا هئا، انهن کي ڪابه سزا نه ملي. جيڪڏهن انهن کي سزا ملي ها ته ايندڙ وقت ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو ۽ گروهه غلط عمل ڪرڻ کان پهرين 100 دفعا ضرور سوچين ها، پر هيءَ به شروعات بهتر آهي، وري جڏهن اسين نظر ڦيرايون ٿا خيبرپختونخواهه اسيمبلي طرف ته اتي به اسان کي اهڙي قسم جو منظر نظر اچي ٿو، جتي هڪ عورت کي جيڪا انهيءَ اسيمبلي جي معزز رڪن پڻ آهي. انتهائي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ٿو، انهيءَ کي اغوا ڪرڻ جون، مارڻ جون ۽ ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. انهيءَ تي جوتن سان حملو ڪيو وڃي ٿو ۽ جڏهن اها عورت انهيءَ اسيمبلي ۾ قائد ايوان کي دانهن ڏئي ٿي ته انهيءَ جو رويو به اڇرا بازار جي انهي نام نهاد مولوي جهڙو آهي. اسپيڪر اکيون ٻوٽي ٿو پيو. ڪوبه ايڪشن نه ٿو وٺي ته سندس سامهون هڪ عورت صوبائي ميمبر کي ايتري حد تائين حراسان ڪيو ٿو وڃي، پر شابس آهي انهيءَ عورت جي جرئت کي جيڪا اڪيلي انهيءَ سڄي ايوان کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ايوان وٽ اخلاق به نه هو، تميز به نه هئي، صرف غصو هو، ڪاوڙ هئي، اسهپ هئي. ڏک ته سندس پارٽي تي به آهي، جيڪا پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ته ڪري رهي آهي، پر انهيءَ عورت جي لاءِ ڪوبه آواز بلند نه ڪري رهي آهي.
ملڪ جو ساڃاهه وند عوام عربي لفظ لکيل چولو پاتل مظلوم عورت سان گڏ بيٺو آهي، جرئتمند اي ايس پي شهربانو نقوي سان گڏ بيٺو آهي ۽ ثوبيا شاهد ميمبر صوبائي اسيمبلي خيبرپختونخواهه سان گڏ بيٺو آهي. هاڻي قانون ۽ رياست کي به انهيءَ سوچ سان گڏ بيهڻو پوندو.