1917 جي انقلابِ روس کانپوءِ 8 مارچ کي عورتن جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويو ۽ ان ڏينهن روس موڪل جو اعلان ڪيو ۽ ڏهاڙو ڪميونسٽ ملڪن ۾ عورت کي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ ملهايو ويندو رهيو. 1960 ۾ پوري دنيا انهيءَ کي “انٽرنيشنل وومين ڊي (IWD)” طور ملهائڻ شروع ڪيو.
پاڪستان ملڪ ۾ به عورت مارچ جي روپ ۾ انهيءَ ڏهاڙي جي اهميت تڏهن اجاگر ٿي جڏهن ڪراچي ۾ 2018 ۾ “عورت مارچ” جي نالي سان مارچ ڪيو ويو ۽ وڏي پئماني تي انهيءَ ڏينهن کي ملهائڻ شروع ڪيو ويو. انهيءَ مارچ جي حوالي سان ان ۾ لڳندڙ نعرن جي حوالي سان اسان جي ملڪ جي سوسائٽي ان وقت به ورهايل هئي، اڄ به ورهايل آهي. هڪ حصو اهو آهي جيڪو انهيءَ مارچ کي، انهيءَ ڏينهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيتوڻيڪ ان کي بظاهر عورتن سان ٻه اکيائي نه ٿو سمجهي، پر شايد انهيءَ گروهه کي خوف آهي ته جيڪڏهن عورت سماج اندر طاقتور ٿيندي ته انهيءَ جي ٺهيل طاقت جي هٿرادو بتن کي خطرو ٿيندو. ٻيو گروهه اهو آهي جيڪو پاڻ کي روشن خيال سمجهي ٿو، هو عورت کي انسان سمجهي ٿو، چاهي مرد هجي، چاهي عورت هو سمجهي ٿو ته هي ٻئي انسان آهن ۽ دنيا جي ترقيءَ ۾ ٻنهي جو هڪ جيترو حصو آهي. انهيءَ ڪري ٻنهي کي هڪ جيتري آزادي ملڻ گهرجي. صنفي متڀيد جو ڪٿي به مظاهرو نه ٿيڻ گهرجي. انهي ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته عورت مارچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نعره به لڳي ويندا آهن، جن کي آزادي کان وڌيڪ ڇڙواڳي چئجي ته غلط نه ٿيندو ۽ انهن نعرن کي بنياد بڻائي انهيءَ آزادي کي روڪيندڙ گروهه پنهنجي سوچ جو اظهار ڪري ٿو، پر هو ڪامياب نه ٿي سگهندو. هينئر اسان ڏسون پيا ته پنهنجي ملڪ ۾ به پهريون دفعو پنجاب ۾ وزيراعليٰ هڪ عورت ٿي آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي اسين ان بهادر پوليس آفيسر اي ايس پي شهر بانو نقوي جي جرئت جي تعريف ڪندي سمجهون ٿا ته هاڻي عورت هر ميدان ۾ ايترو اڳتي وڌي چڪي آهي، جو مدي خارج انتهاپسند رويا ان جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه رهيا آهن. آمريڪا، يورپ ۽ دنيا جا ساڃاهه وند تعليم يافته ترقي پسند روشن خيال ملڪ ته عورتن کي بنا صنفي متڀيد جي هڪ انسان وانگر پورا حق ڏين ٿا، پر هاڻي جڏهن اسان سعودي عرب جهڙي سماج تي نظر وجهون ٿا ته اتي به اسان کي عورت جي آزادي طرف کڻندڙ حڪومتي قدم اتساهه ڏياري رهيا آهن ته هاڻي پوري دنيا اهو سمجهي ورتو آهي ته عورت ۽ مرد ۾ صرف صنفي فرق آهي هو ٻئي انسان آهن، ٻنهي جي وچ ۾ عزت ۽ وقار جا، پيار ۽ محبت جا، رشتا ۽ رابطا آهن ۽ انهن کي بجاءِ نفرتن ۾ آڻڻ جي اخلاق ۽ عزت جي دائري ۾ آندو وڃي ته دنيا ۾ هڪ هم آهنگي وارو سماج جڙي سگهي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ به ڀلي انتهاپسند ڌريون ڪيتريون به طاقتور هجن، پر هاڻي انهن جي ڪوڙن ڪوٽن ۾ شگاف پئجي چڪا آهن.
عورت پنهنجو حق وٺڻ جي لاءِ هر ميدان ۾ موجود آهي. انهيءَ جي حق کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي ۽ روڪي به ڇو عورت جا ڪيترا نه خوبصورت روپ آهن، هڪ روپ ماءُ جو آهي، هڪ روپ ڀيڻ جو آهي، هڪ روپ ڌيءَ جو آهي ۽ هڪ روپ پيار ڪندڙ گهرواري جو آهي. انهن روپن جي سونهن کي اسان سڀئي گڏجي مڃتا ڏيون ٿا. عورت جي عظمت کي سلام ڪريون ٿا. سڀني ساڃاهه وندن کي عورتن جو ڏهاڙو مبارڪ.