ايڊيٽوريل

ماههِ رمضان جي آمد منافع خورن جون موجون

برڪتن جو مهينو رمضان شريف قوي امڪان آهي ته سڀاڻي کان شروع ٿي ويندو. سڀاڻي ملڪ ۾ پهريون روزو هوندو. هن بابرڪت مهيني ۾ ٿيڻ ته ائين گهرجي ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمت کي گهٽايو وڃي ۽ روزيدارن کي معياري شيون فراهم ڪيون وڃن.
حڪومت فروٽ منڊين ۾ جتي هنن جي مارڪيٽ ڪاميٽي جا آفيسر ۽ ملازم موجود هوندا آهن، اهي انهن فروٽ منڊين ۾ چڪاس ڪن جيئن ڪوبه غير معياري ڳريل سڙيل ميوو منڊي ۾ نه اچي، نه ئي منڊي مان عام واپاري خريد ڪري بازارن ۾ وڪرو ڪري. اهو ڪم نه صرف حڪومت جو آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو آهي. جيڪي کاڌي پيتي جا واپاري آهن. نظر ته باريش ايندا آهن. روزائت به هوندا آهن، پر انهن جو ڌيان رمضان شريف جون فضيلتون ۽ ثواب ڪمائڻ کان وڌيڪ منافعي ڪمائڻ تي هوندو آهي، ان ڪري کاڌي پيتي جي شين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويندو آهي. جنهن ۾ فروٽ، کجور، داليون، بيسڻ، آئل، ۽ وري جڏهن نظر ڦيرائبي آهي ته هر گلي ۾ سموسن، پڪوڙن ۽ جليبين جا دڪان کلي ويندا آهن، جتي پڻ گهٽ معياري شيون ٺاهي صرف پئسو ڪمايو ويندو آهي. انهن سڀني واپارين کان سرڪار جا ڪارندا پنهنجو حصو وٺي خاموشي سان هليا ويندا آهن. عام واهپي وارو ماڻهو جنهن جي خواهش هوندي آهي ته رمضان شريف جي افطاري ڪنهن سستي فروٽ سان، معياري کجور سان يا ڪنهن مٺي ۽ چٽپٽي شيءِ سان ڪري ان لاءِ تمام گهڻي مشڪل ٿي پوندي آهي. مهانگائي جو ماريل ماڻهو پوءِ به ڪوشش ڪري اهي سڀ شيون ٿوري تعداد ۾ ضرور وٺي ويندو آهي، پر انهي سڄي ڪاروهنوار کي روڪڻ جو فرض جتي حڪومت تي آهي، اتي انهي واپاري طبقي تي به آهي جيڪو هن ماههِ صيام کي منافعي جي لاءِ استعمال ڪري ٿو.
سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومت رمضان جي آمد کان پهرين غريب ماڻهن کي ڪجهه رليف ڏيڻ جي لاءِ رمضان پيڪيج جي نالي تي اٽو، کنڊ، کائڻ جو تيل، بيسڻ ۽ چانور پنجاب ۾ ۽ پنج هزار رپيا روڪ رقم سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڻهوند کان ڪجهه ٿيڻ بهتر آهي، پر جيڪڏهن غور ڪريون ته 5 ماڻهن جي فيملي 10 ڪلو اٽو 10 ڏينهن ۾ کائي ويندي، مهيني جا 30 ڏينهن ڪيئن گذاريندي؟ ائين ئي جيڪڏهن اسان سنڌ ۾ نظر ڦيرايون ته 8 ماڻهن جي ڪٽنب کي رمضان پيڪيج جي نالي ۾ 5 هزار رپيا روڪ ڏيڻ جو اعلان ٿيو آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته في ماڻهو 6 سئو رپيا يعني روزانو ان کي 20 رپيا ملندا. ڪيڏيون نه مذاقون غريب جي غريبي سان ٿين ٿيون. هاڻي في ماڻهو 20 رپين ۾ صرف کجور خريد ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو عوام جي حالت بهتر نه ٿي ٿئي. انهن خيراتن جي آسري تي هو مزدوري کان به وڃي ٿو. حڪومتن جو فرض آهي ته ماڻهن کي روزگار سان لڳائن، جيئن انهن کي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ ڪٿي به هٿ ٽنگڻو نه پوي، اهو ته ڪن ڪونه ٿا، پر پيڪيج جي نالي سان جيڪا اڻپوري خيرات ڏين ٿا. انهي ۾ به سندن ئي ڪارندن جو حصو وڌيڪ هجي ٿو. هنن پيڪيجن سان به ضرور ائين ٿيندو، ان لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کڻندي ته جيئن اهو نالي ماتر خيرات جو پيڪيج پڻ جائز ماڻهن تائين پهچي سگهي.
جيئن ته هي رمضان پيڪيج رمضان ۾ ئي ورهائبو ۽ جيڪي وچ وارا چوڳا چوڳا کائڻ جي ارادي سان غريبن جو اهو حق به کائي ويندا. انهن کي اهو احساس ٿيندو ته روزي جي حالت ۾ غريب ۽ نادار روزائتن جو حق کائين ٿا. جيڪڏهن اعلانيل پيڪيج مستحق ماڻهن تائين پهچي ويو ته ان کي به اسين حڪومت جي ڪاميابي سمجهنداسين.