ادبنئون ڊائري جا ورق March 16, 2024 Zahida Abro 1 جون، 2016 ادا نور احمد ڪالهه وفات ڪري ويو. 78 سال عمر ماڻي ۽ ماشاءَالله تمام سٺي زندگي گذاري. علمي ۽ ادبي دنيا جي ڄاتل سُڃاتل ۽ هر دل عزيز شخصيت هو. اسانجو پاڻ ۾ 50 سالا تعلق رهيو. اسانجو عزيز پيارو دوست، علمي ۽ ادبي استاد رهيو. ادب ۽ علم سان لاڳاپيل سرگرمين ۾ گڏ رهياسين. خاص طور تي شيخ اياز سان ڪئي ملاقاتون گڏجي ڪيونسين. نور احمد، شيخ اياز، ابراهيم جويو، ع.ق شيخ، مراد علي مرزا جو گهاٽو دوست هو. هڪ موقعي تي اسان پنج ڄڻن گڏجي سکر ۾ شيخ اياز جي ڪلام جي وڊيو رڪارڊنگ ڪئي. نور احمد وٽ انهن عظيم عالمن دانشورن، شاعرن ۽ اديبن جا سوين قصا ۽ ڳالهيون محفوظ هيون. هن جي اندر ۾ ڪيئي داستان هئا، جيڪي تحرير ٿيڻ کپندا هئا. افسوس اهي داستان پاڻ سان گڏ کڻي ويو. آئون ۽ نور احمد گڏجي جيڪي چار پنج ملاقاتون شيخ اياز سان ڪيون ۽ ڪجهه ملاقاتون، ڪچهريون محترم جويو صاحب سان ڪيون. جناب پليجو صاحب، ع.ق شيخ ۽ مراد علي مرزا سان رهاڻيون مون پاڻ وٽ محفوظ ڪيون آهن، جن جو ذڪر منهنجي ايندڙ ڪتاب ۾ هوندو. *** 8 جون 2016 مون پنهنجي آتم ڪٿا کي مڪمل ڪيو، پريس مان ڊمي کڻي پليجي صاحب وٽ ويس، سائين جن کي ٻڌايم ته سائين مون پنهنجي آتم ڪٿا لکي آهي ۽ ان ۾ زياده تر ذڪر پنهنجي پارٽي، ساٿين جو آهي ۽ سائين توهانجو ذڪر به آهي، توهان هي پڙهي ٻه چار سٽون لکي ڏيندا ته اهو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز ٿيندو. منهنجي ۽ ڪتاب مٿان دعا جو هٿ هوندو. محترم پليجي صاحب مسودو وٺي ان کي ڏٺو، پڇيائين ڇا نالو آهي. مون چيو سائين اڃان نالو طئي ڪونه ڪيو آهي. مختلف نالا، جيڪي اسان شاهه لطيف جي رسالي مان ڪڍي چونڊيا آهن، اهي هي مٿان سڀ لکيا پيا آهن، توهان مهرباني ڪري چونڊي ڏيو. پليجي صاحب مسودي کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو ۽ واپس بند ڪري فائل ۾ رکي، ڇوڪري کي ڏنائين ۽ چيائين پٽ هي منهنجي پلنگ تي رکي اچ. مون سائين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پليجو صاحب کي ٻئي پروگرام ۾ وڃڻو هو، هليو ويو. مان ڏاڍو خوش پيو ٿيان ته پليجي صاحب ها ڪئي آهي. حالانڪه مونکي اميد گهٽ هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته سائين جي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي. 86 سال عمر آهي. پاڻ لکڻ، پڙهڻ به خبرناهي ڪندا آهن يا نه. بهرحال سائين جي راضي ٿيڻ جي خوشي ۾ مان واپس آيس. دوستن حميد ۽ بابل کي ٻڌايم ته پليجي صاحب مسودو وٺي رکيو آهي، منهنجو ڪم ڀلو ٿي ويندو. دوست به خوش ٿيا، پر حميد کٽڪو ڏنو ته يار اهڙا وڏا ماڻهو ٻه اکر لکي ڏيڻ ۾ مهينا به لڳائي ڇڏيندا آهن. بهرحال اسان سوچيو ته ڪوشش ڪنداسين ته جلدي ڪم ٿئي. *** 6 جولاءِ 2016 ڪالهه شام محترم رسول بخش پليجو سان ملاقات ٿي، مان ۽ بابل ٽائيم وٺي رات جو اٺين بجي، قاسم آباد وياسين ٻه ڏينهن اڳ پليجي صاحب جي طبيعت ڪجهه ناساز هئي. اسان سائين جي عيادت ڪرڻ جي ارادي سان وياسين. مون فروٽ سان گڏ هڪ ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي زندگي جو احوال اردو ۾ هو تقريبن 600 پيج جو ڪتاب هو، اهو تحفو ڪري ڏنو. پوءِ ته اسانج ڀاڳ هئا، جو پليجو صاحب ڏيڍ ڪلاڪ پنهنجي زندگي جا تجربا ۽ ننڍپڻ جا واقعا ٻڌائيندا رهيا. خاص طور، عورتن جي متعلق ٿيندڙ ظلم و ستم ۽ جبر سان ٽڪرائجي وڃڻ وارا دلچسپ واقعا ٻڌايا. اسان کي چيائون توهان سينئر ماڻهو آهيو، پارٽي ۾ سرگرم ٿيو، توهان اچو نوان نوان آئيڊيا ۽ خيال ڏيو، مشورا ڏيو. مون کي پليجي صاحب چيو تون سٺو ٿو لکين، پر فيس بڪ تي ضايع ٿيو وڃي. پاڻ لکون ٿا عام ماڻهن لاءِ غريب مظلوم عوام کي متحد منظم ۽ سجاڳ ڪرڻ ٿا چاهيون. فيس بڪ عام غريب ماڻهون، هاري، ناري، مزدور، نٿو هلاءِ، اهو غريب طبقو سنڌي اخبار ٿو پڙهي، وٺي نٿو سگهي ته به هوٽل يا دڪان تان به اخبار پڙهيو وٺي. ان ڪري تون اخبار ۾ لک ڪتاب جي قيمت پنج ڇهه سئو، غريب ماڻهون ته ڪونه وٺي پڙهندو ۽ فيس بڪ به گهڻو ڪري مٿئين طبقي جا ماڻهو ۽ نوجوان ٿا هلائين، عام غريب ماڻهو نٿو هلاءِ اهو ته سستي اخبار وٺي پڙهندو. پليجو صاحب چيو اخبار جي لاءِ مضمون لک اسانکي ڏيکار پوءِ اخبار کي ڏينداسين. بهرحال ڏيڍ ڪلاڪ پليجي صاحب جون قيمتي ڳالهيون ٻڌي واپس آياسين. *** Post Views: 288