ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ استاد جو قتل سنڌ جي تعليم جو قتل آهي

ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ فرض شناس استاد تعليم دوست انسان الهه رکيو سنڌ جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. اسين استاد جي عظمت کي سلام پيش ڪريون ٿا. شهيد الهه رکيو جي قرباني کي سنڌ ۽ سنڌ جو ماڻهو تاريخ ۾ ياد رکندو.
انهيءَ سان گڏ حڪومت جيڪا سنڌ جي امن امان کان لاتعلق نظر اچي ٿي، انهيءَ جي لاءِ شرم جو مقام آهي. حڪومتي وزيرن جا بيان ڏسون ٿا ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ صوبي جو امن پوري دنيا جي لاءِ مثال پيش ڪري ٿو. جڏهن زميني حقيقتون ڏسون ٿا ته ماڻهوءَ کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي خوف ٿو ٿئي. سنڌ جي اترين علائقن جو حال ته اهڙو آهي جو اتي قانون ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. عام انسان ساهه کڻڻ جي قيمت ڀتي جي صورت ۾ ڏئي رهيا آهن. ڌاڙيل ڪلچر ايترو مضبوط ٿي چڪو آهي، جو ڏينهن ڏٺي جو وارداتون ڪن ٿا. دڪاندارن کان ڀتا وٺن ٿا. انهن ضلعن جي ڪچي جي ڀرپاسي وارن علائقن سان لڳندڙ شهرن ۾ ڌاڙيلن جي حڪومت قائم آهي. هي واقعو به انهيءَ ڪري پيش آيو جڏهن شهيد الهه رکيو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو. جتي ڪوبه استاد وڃڻ لاءِ تيار نه هو. جتي علائقي جا ٻار تعليم جي زيور کان محروم آهن ۽ اڻ پڙهيل ٻار جڏهن جوان ٿيندو ته انهيءَ کي بري ڀلي جي تميز نه هوندي، صرف طاقت جي پوئيواري ڪندو يا طاقت حاصل ڪندو، ان لاءِ کيس ڌاڙيل بڻجڻو پوندو يا وري طاقت واري جي هيٺاهين ڪري سر بچائڻو پوندو. ڌاڙيل ڪلچر چاهيندو ئي اهو آهي ته ماڻهوءَ ۾ بهتر سوچ نه اچي ۽ بهتر سوچ سواءِ تعليم جي ڪيئن ايندي، انهيءَ ڪري هو انسان دشمن ته هوندو ئي آهي، پر تعليم دشمن به هوندو آهي، جنهن جو مثال ڌاڙيلن هڪ استاد کي شهيد ڪري سماج کي ڏنو آهي. هاڻي ڪهڙو استاد انهن علائقن ۾ وڃي ٻارن کي تعليم ڏيندو. سڀئي استاد ته شهيد الهه رکيو وانگر نه هوندا ته پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪن ۽ فرض شناسي کي اوليت ڏين. اسانجو سوال حڪومت سنڌ کان آهي جڏهن توهان بيان ٿا ڏيو ته صوبي ۾ امن آهي، توهان کي اهڙا هاڃا نظر نه ٿا اچن. اهي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل حڪومت جي طاقت کان ڏاڍا آهن، يا حڪومت انهن ڌاڙيلن جي ٻانهن ٻيلي آهي، جنهن جي ڪري ڌاڙيلن کي قانون جو خوف نه آهي. جيڪڏهن ائين نه آهي ته حڪومت پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري. ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو آڻي. پوري سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري، جيڪو هر شهري جو حق آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي. ڌاڙيل ڪلچر ايستائين ختم نه ٿيندو. جيستائين انهيءَ ڪلچر جا سهولتڪار موجود هوندا. جڏهن حڪومت اهڙن مسئلن تي ڪن لاٽار ڪري ٿي ته پوءِ محسوس ٿو ٿئي ته ڌاڙيلن جا سهولتڪار ۽ ڌاڙيل ڪلچر مان فائدو حاصل ڪندڙ حڪومت جو حصو آهن، اهي انهن ڌاڙيلن جي طاقت کي استعمال ڪري چونڊون کٽن ٿا ۽ حڪومتي ايوانن ۾ ويهن ٿا. پنهنجي مرضي جا آفيسر مقرر ڪرائين ٿا ۽ هڪ خوف جو ماحول پئدا ڪن ٿا.
جنهن جي ڪري ڪڏهن ماڻهو قبائلي دشمنين ۾ ماريا وڃن ٿا ته ڪڏهن ڪنهن کي للڪارڻ تي ماريا وڃن ٿا، 2023 ۾ اجمل ساوند جيڪو فرانس جي هڪ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر جو پروفيسر هو قبيلائي دشمني جو شڪار ٿي ويو ۽ سنڌ جو شاگرد جيڪو ان مان لاڀ حاصل ڪري ها، اهو حاصل نه ڪري سگهيو ۽ سنڌ جي مستقبل جو وڏو نقصان ٿيو. 2024 ۾ وري الهه رکيو جيڪو پنهنجي پوسٽنگ کي هڪ چئلينج سمجهي هڪ اهڙي علائقي ۾ استاد ٿي وڃي ٿو، جتي وڃڻ شايد آسان نه آهي، پر اهو ڌاڙيلن جي هٿان مارجي وڃي ٿو. انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي هر وقت خوف رهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ڏاڍي ڀوتار سان ڦٽايم ۽ هو ڪاوڙجي پيو ته سندس جيئڻ جنجال ٿي پوندو. انهيءَ علائقي جا ماڻهو ٻي ترقي جا گهرجائو نه آهن. هو صرف چاهين ٿا ته حڪومت انهن کي امن امان ڏئي جنهن ۾ حڪومت ناڪام وئي آهي.
حڪومت واضح ڪري ته هو عوام سان گڏ آهي يا لاقانونيت، ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪارن سان. سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته شهيد استاد جي خاندان کي معاوضو ملڻ گهرجي، جيڪڏهن هو زنده هجي ها ۽ هو پنهنجي رٽائرمينٽ تائين پهچي ها ته پنهنجن ٻارن کي، پنهنجي گهر کي سنڀالي سگهي ها ۽ ڪيترو ڪمائي ها ان جو حساب ڪتاب ڪري سندس خاندان کي معاوضو ادا ڪيو وڃي ۽ سندس پونيئرن مان ڪنهن لائق ماڻهو کي نوڪري پڻ ڏني وڃي.