نئون

ذوالفقار علي ڀٽو جي 39 هين ورسي

اڄ 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 39 هين ورسي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. تقريب جون سموريون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. سنڌ جي هوم منسٽر سهيل سيال پاران ڊي. آءِ. جي لاڙڪاڻي جي آفيس ۾ سيڪيورٽيءَ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ميٽنگ ڪئي وئي. تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ جا سڀئي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، بختاور زرداري، آصفه زرداري سوڌو گذريل ڏينهن نئون ديرو هائوس پهچي چڪا آهن. جڏهن ته پ پ شهيد ڀٽو جي چيئر پرسن غنويٰ ڀٽو به گذريل ڏينهن المرتضيٰ هائوس پهچي چڪي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.