ايڊيٽوريل

پريا ڪماري کي بازياب نٿا ڪرائي سگهو، پر محمود ملاح کي ته انصاف ڏيو

ڇا سنڌ صوبي اندر جهنگل جو قانون آهي؟ جنهن قانون ۾ ڏاڍي ماڻهوءَ جو ڏاڍ ڪمزور ماڻهوءَ جي مٿان ٿيندو رهندو، يا سنڌ صوبو آئين ۽ قانون تي هلندڙ رياست جو حصو نه آهي؟ اسان کي نظر ايئن ٿو اچي ته سنڌ صوبي ۾ 2024ع ۾ به ٻٽو انصاف ۽ ٻٽو قانون آهي. ڏاڍي جي لاءِ هڪڙو قانون آهي جنهن ۾ کيس ڏاڍ ڪرڻ جي آزادي آهي، هو جنهن وقت چاهي ڪمزور ۽ هيڻي جي عزت کي نيلام ڪري ان کي زندگيءَ کان محروم ڪري، قانون کيس ڪجهه به نه چوندو بلڪه قانون جا محافظ سندس ساٿاري بڻجي هيڻي کي وڌيڪ هيسائيندا، ڇا قانون صرف ڏاڍن جي حفاظت لاءِ آهي؟ ايئن ئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان کي هر طرف انارڪي نظر پئي اچي. ڏاڍا ماڻهو مختلف روپن ۾ معاشري اندر موجود آهن، ڪڏهن ڌاڙيل، ڪڏهن دهشتگرد، ڪڏهن مذهبي پيشوا، ڪڏهن مرشد، ڪڏهن ڀوتار، ڪڏهن وڏيرا، ڪڏهن جاگيردار، ڪڏهن سياستدان ۽ انهن جا ڇاڙتا سڀ گڏجي هيڻن تي حڪمراني ڪندا رهندا آهن. هنن جي ظلم جا روز اهڙا واقعا ميڊيا جي ذريعي سماج جي آڏو آندا وڃن ٿا، پر ان تي انصاف، قانون ۽ حڪومتون اکيون پوريو ويٺيون آهن. ڇو ته هي سڀئي طاقت جي ايوانن ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود آهن. ٿاڻا به انهن جا، ڪوٽ به انهن جا ۽ ڪورٽون به انهن جون. پريا ڪماري کي گم ٿئي 32 مهينا گذري چڪا آهن، پر سرڪار سڳوري انهيءَ ٻارڙيءَ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. ڇا پريا ڪماري کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کڻي ويو. پريا ڪماري جي اغوا جا پيرا طاقتور ماڻهن طرف وڃن ٿا، انهن طاقتور ماڻهن جي گهرن تي ڏيکاءُ خاطر پوليس جا ڇاپا لڳن ٿا، پر پريا ڪماري بازياب نٿي ٿئي. اسان قانون وارن کان اهو سوال ڪري سگهون ٿا ته پريا ڪماري جا اغوا ڪندڙ ظاهر نه آهن، ڀلا محمود ملاح جا قاتل ته ظاهر آهن انهن کي گرفتار ڪڏهن ڪندو؟ گرفتار ڪرڻ کانپوءِ انهن کي سزا ڏياريندو يا انهن جي به گرفتاري نالي ماتر هوندي.
محمود ملاح هڪ يتيم نوجوان هو جنهن جي عمر 15، 16 سال هئي. هو انهيءَ آسري تي ته پنهنجو پيٽ ۽ پنهنجن ٽن ننڍن ڀاءُ ڀينرن جو پيٽ ڀري سگهي. بگهڙن وٽ نوڪري ڪري رهيو هو، اهي بگهڙ طاقتور پئسي وارن ماڻهن جو نالائق اولاد آهن، انهن محمود ملاح کي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ ان کي ماري ڇڏيو. هن وقت تائين اسان جي “فرض شناس” پوليس انهن بگهڙن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ميڊيا جي دانهن ڪوڪ ڪرڻ تي اهي 3 نالائق ڇوڪرا گرفتار ته ٿين، پر ڪورٽن ۾ مناسب شاهدي نه هجڻ ڪري اهي آزاد ٿي ويندا. ان ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ محمود ملاح جي ننڍن ڀاءُ ڀينرن وٽ ناڻو ته نه هوندو جو هو ڪورٽ ۾ اچي وڪيل ڪري سگهن جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ هن نوجوان کي ٻن ويلن جي مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ جي لاءِ اهڙن بگهڙن وٽ نوڪري ڪرڻي نه پوي ها. باقي رهي ميڊيا اها ٻه چار ڏينهن دانهون ڪندي وري ڪو ٻيو محمود ملاح ڪٿي مارجي ويندو، پوءِ هن محمود ملاح جو قصو ماضيءَ ۾ هليو ويندو، پوليس خانا پوري ڪندي، پنهنجو پيٽ ڀريندي، وڪيلن کي فيس انهن ڇوڪرن جي ڪيس وڙهڻ لاءِ جام ملندي ۽ ٻين ڪيسن وانگر اهو ڪيس لڙهي ويندو. ڪجهه ڏاڍا ماڻهو ميڙ منٿ ڪري محمود ملاح جي وارثن کي ڪجهه رقم ڏيندا، کانئن لکرائي وٺندا ته انهن سندن بيگناهه ٻچي جي قاتلن کي معاف ڪيو، ايئن ئي اسان جي سماج جو ڪار وهنوار هلندو رهندو.
جيستائين ڏوهاري کي سزا نه ملندي ان وقت تائين ڏوهاري کي قانون جو خوف نه هوندو ۽ ڏوهه وڌندا رهندا، ڏوهاري غريب ۽ شريف ماڻهن سان هر قسم جون زيادتيون ڪندا رهندا. اسان به سواءِ مطالبي جي ڇا ٿا ڪري سگهون. مطالبو اهو آهي ته محمود ملاح جي قاتلن کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي. اهو ڪيس رياست طرفان پوليس داخل ڪري. ڪورٽ ۾ ويٺل جج سڳورا ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪري قاتلن کي سزا ڏين. ايئن ڪرڻ سان شايد ٻئي ڪنهن محمود جي زندگي بچي پوي ۽ ٻي ڪا پريا ڪماري اغوا نه ٿئي.