بلاگنئون

اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط ناول جو اڀياس

ادب احساسن جو اھڙو ته گلدستو آھي، جنھن ۾ ڏک، سک، خوشي، غم، پيڙاءُ، صدما سور، اذيتون، ايذاءَ توڙي سڀني جذبن جا گل موجود آھن. ھو ھڪ ئي وقت ڏکن سان گڏ خوشين کي به کڻي ھلي ٿو ته صدمن سورن کي به ڀاڪرين ڀري ٿو.
ھڪ اھڙو ئي ناول Letter a child never born دنيا جي مشھور ناول نگار ۽ صحافي اوريانا فلاچي جو لکيل آھي جنھن کي ڊاڪٽر فياض لطيف پاران ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ويس ڍڪيو آھي.
” اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ ھڪ اھڙو ناول آھي، جنھن ۾ ليکڪه جي بذات خود پنھنجي ڪھاڻي سمايل آھي، اوريانا فلاچي ھن ناول جي ڪھاڻي اندر ڏيکاريو آھي ته ھڪ عورت بنا شادي حاملا Pregnant ٿي وڃي ٿي ۽ ھوءَ ان ٻار کي جيڪو ھن دنيا ۾ آيو ئي ناھي بلڪه پيٽ ۾ ٺھيو ئي ناھي ان کي پنھنجي تخيل جي آئيني مان ڏسي ان سان مخاطب ٿئي ٿي. ھوءَ ان ٻار کي زندگيءَ ۾ اچڻ کان اڳ دنيا جي ٻٽن معيارن، دوکي، فريب، ٺڳي، سماج جي جڙتو عقيدن توڙي پنھنجي ڏکن سورن کان آشنا ڪري ٿي. ھوءَ پنھنجي ڌيءَ کي ھن دنيا ۾ مرد ۽ عورت جي اڻبرابري جو اظھار ڪندي چوي ٿي ته! منھنجا ٻچڙا! توکي خبر آھي ته ھن دنيا ۾ ڌيءَ پيدا ٿيڻ ڪيڏو نه غليظ ڪم آھي، جڏهن تون وڏي ٿيندينءَ ته تون مون وانگر محبت ڪري نه سگھندينءَ، تون ھر ماڻھو سان ملي نه سگهندينءَ، تون ھن مرداڻي سماج ۾ اھو پر پوءِ به مان توکي ان ڪري ڌيءَ ڪري ڄڻڻ چاھيان ٿي ته جيئن تون ھن سماج ۾ نئون نعرو ھڻي سگھين. ھوءَ مرد لاءِ چوي ٿي ته جيڪڏهن مان توکي پٽ بڻائي پيدا ڪرڻ چاھيان ٿي جيئن تون ھن سماج ۾ پنھنجي مردانگي جو رعب ڏيکاري سگھين. جيئن تون بنا ڊپ اھا دعويٰ ڪري سگھين ته خدا ھڪ اڇي ڏاڙھي وارو مرد آھي تون آزادي سان محبت ڪري سگھندين توکي اھو خوف ھرگز نه ٿيندو ته ڪو مون وانگر توکي پيٽ ٿيندو، پر سماج توکي تنھنجي مردانگي جا مھڻا ڏئي توکان ايترا ته ڪم وٺندو جو تون بي خبر ھوندين.
ھن ناول ۾ ھڪ عورت جي ان درد ۽ پيڙاءُ کي پيش ڪيو ويو آھي جيڪو اسان جھڙن سماجن ۾ عام عورتن سان پيش ٿيندو آھي. ھن ناول ۾ اھا عورت جيڪا بنا شادي جي حاملا ٿي وڃي ٿي ۽ خود اعتماديءَ سان پنھنجي ٻار کي ھن دنيا ۾ آڻڻ لاءِ وچن ڪري ٿي، پر ھو اسان جھڙن سماجن جيان اھڙين ته پيڙائن ۽ تڪليفن جي ور چڙھي وڃي ٿو جو ان جا درد فقط اهو ٻار ئي ڄاڻي ٿو.
ھن ناول ۾ ان عورت جي خود اعتماديءَ جو مثال ئي نٿو ملي جيڪو حمل دوران ھڪ ھنڌ ويھڻ بدران، آرام ڪرڻ بدران پنھنجي ڪم ڪار کي ترجيح ڏيندي چوي ٿي ته پيٽ انسان جي ڪا بيماري ناھي، پر اھا فطرت جي جماليات جو حصو آھي. ھوءَ حمل دوران به مسلسل ڪم ڪندي رھي ٿي.
کيس سماج اندر موجود فرد مثال طور: ڊاڪٽر، نرس، توڙي سندس ٻار جو پيءُ کيس مسلسل ان ٻار کي ضايع ڪرڻ چاھين ٿا، پر ھوءَ ٻار کي ضايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس تصور ۾ اھو سمائڻ ئي نٿي ڏئي ته ٻار حرامي يا حلالي آهي، پر ھن پنھنجي ذھن ۾ اھو سمايو آھي ته آئون ماءُ آھيان ۽ منھنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار منھنجو آھي. تنھنڪري ڪابه ممتا پنھنجي وجود جي حصي جي قاتل نٿي بڻجي سگھي…
اوريانا فلاچي ھن ناول اندر ٻار جي فڪري تربيت ڪري ٿي جيڪو اڃان ھن دنيا ۾ ناھي آيو. ھن کي سٺي زندگي گذارڻ جا اهي ڏس ڏئي ٿي، جيڪي سماج اندر ڪار وهنوار آھن. ھوءَ ڪٿي انھن سان بغاوت ڪندي نظر اچي ٿي ته ڪٿي وري ڀرپور حمايت ڪري ٿي. سندس ناول ۾ سندس ٻار جي زندگيءَ بابت جيڪي تصور جڙيل آھن اھي بلڪل اڻ ڇھيل احساس آھن، جيڪي مون ڪڏھن به ڪٿي پڙھيا ڏٺا ناھن. آئون سمجھان ٿو ته اوھان به ڪٿي پيش ٿيل نه ڏٺا ھوندا.
ھن ناول ۾ ھن جي ڪھاڻي جيڪا احساسن امنگن جذبن کان شروع ٿي ٻار جي بقا جي سوال تي پھچي ٿي، جتي سماج جي سڀني ماڻھن جي اھا ڪوشش آھي ته ھن جي ٻار کي ضايع ڪيو وڃي. سندس ٻار جو پيءُ به کيس ٻار ضايع ڪرڻ جون منٿون ڪندي نظر اچي ٿو، پر ھوءَ سندن ٻار ضايع ڪرائڻ واري ڳالھه کي رد ڪندي نظر اچي ٿي، پر ھوءَ پنھنجي ٻار ۽ پنھنجي شاندار زندگي گذارڻ لاءِ آرام ڪرڻ بدران پنھنجي نوڪري کي وقت ڏيڻ چاھي ٿي. ڇاڪاڻ ته ھن کي سندس مالڪ اھو طعنو ڏنو ھو ته: ھن جي مسلسل غيرحاضري ڪري سندس جاءِ تي ھڪ اھڙو مرد ملازم رکندو جنھن کي گھٽ ۾ گھٽ ڪڏھن پيٽ نه ٿيندو جو ھو ان حمل جي ڪري موڪل ڪري ويندو ۽ ھوءَ ان مھڻي، چتاءُ کي پنھنجي لاءِ گار سمجھي پنھنجي ڪم ۾ نڪري ٿي ۽ کيس مجبورن ڏھ ڏينھن جو مسلسل ڪار جو سفر ڪرڻو پوي ٿو. جنھن جي نتيجي ۾ سندس ٻار ضايع ٿي وڃي ٿو ۽ جڏھن ٻار ضايع ٿي وڃي ٿو ته سندس اھو ئي مالڪ، ڊاڪٽر، سندس ٻار جو پيءُ ھن کي قاتل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ھو پنھنجو ھٿرادو قانون جوڙي ھن کي ھڪ ٻار جو قاتل قرار ڏيندي کيس سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿا، پر اھي ساڳيا ماڻھو اھو محسوس ئي نٿا ڪرائين ته ھو پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ويا آھن ۽ ان ٻار جي قاتل اھا هڪ عورت نه آھي پر پاڻ خود قاتل آھن جنھن عورت کي، اھو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ نتيجي طور ٻار ضايع ٿي ويو، پر عورت وري به ڪنھن طرح سان جھڪي نٿي ۽ ناول جي آخر ۾ ھن کي ھڪ اھڙي بيماري (جيڪا علم نفسيات ۾ شينوفرينا نالي ڄاتي وڃي ٿي جنھن ۾ اڳيان واري جا تصور انسان جي ذھن ۾ اچي ويھي ويندا آھن جو ھن کي ھر ماڻھو اھو محسوس ٿيندو آھي جيڪو ھن کي اڳيان ايندو آھي) ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي جنھن ۾ ھن کي لڳي ٿو ته ھن جو ٻار ھن سان ڳالھائي ٿو، گھمي ٿو ڦري ٿو.
”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط” ناول جي سنڌي ۾ آڻڻ لاءِ ڊاڪٽر فياض لطيف جو ھڪ وڏو ڪارنامو آھي ھن ناول جي اھميت ۽ ضرورت ان ڪري به آھي جو ھڪ ته ھن جو موضوع اھڙو ته شاندار آھي جيڪو اسان جھڙن پٺتي پيل سماج ۾ ڪڏھن جنم ئي نٿا وٺي سگھن نه ئي ڪو فرد ان موضوع تي لکڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻيو ته ھن ناول ۾ جيڪي احساس جذبا جڙيل آھن اھي بلڪل اڻ ڇھيل احساس آھن جو پڙھندڙ جي ذھن ۾ ھڪ الڳ مقام حاصل ڪري وجھن ٿا.
مان سمجھان ٿو ته ڊاڪٽر فياض لطيف ھن ناول جي ترجمي سان نه رڳو ڀرپور نڀايو آھي، پر ھو ڪامياب ويندي نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته ھن ناول جي لفظن جي ترجمي بجاءِ ان جي روح کي ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جنھن سان ايئن پيو محسوس ٿئي ته اھو ناول ترجمي بجاءِ اصلوڪو ناول آھي. ھن ٻولي جو شاندار استعمال ڪيو آھي. سنڌي ٻولي جي پھاڪن چوڻين جي استعمال سان گڏ ڪيترائي اھڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آھن جيڪي اڄ اسان وٽان ٻين ٻولين جي قبضي ھيٺ اچي ختم ٿيڻ لڳا آھن. اھو سڀ ھوندي به ڊاڪٽر فياض لطيف کان ڪٿي ڪٿي لاشعوري طور تي اھڙا لفظ به ضرور استعمال ٿيا آھن جن جو پري پري تائين سنڌي ٻولي سان واسطو ناھي، پر اھو به ممڪن آھي ته ڊاڪٽر فياض لطيف جي مسلسل گھڻ رخي مطالعي جو احساس ڏيارين ٿا.
ھن ناول ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ مان ڪجھه سوال جنم وٺن ٿا .
ڇا انسان پنھنجي فائدي لاءِ پنھنجي اڳيان ايندڙ ھر جاندار کي ختم ڪري سگھي ٿو ؟
ڇا زندگي فقط انھن اميرن لاءِ آھي جيڪي ھن دنيا ۾ آقا آھن؟
ڇا انسان سدائين ھن سماج ۾ ايئن ئي غربت، بک، بدحالي سان جوٽيندورھند؟
ڇا عورت جي زندگيءَ ۾ پيٽ وارو عرصو ھن لاءِ اذيتون ئي رھندو، ان کي بيماري يا عيب تصور ڪيو ويندو ؟
ڇا انسان صرف ان لاءِ ئي ڄمي ٿو ته جيئن ھو وقت سر مري سگھي؟
بنا شادي شده جي ٻار جو پيدا ٿيڻ فقط عورت جي ئي خواري، بدنامي ڇو؟ ڇا مرد جو ان ۾ ڪوبه حصو ناھي؟
عورت سدائين بستري جي زينت ۽ مرد سدائين جنسي تسڪين وٺندو رھندو؟
ڪنھن ٻار تي حلالي حرامي جا نشان ڪھڙن قانونن موجب لڳندا آھن؟ ڇاڪاڻ ته ڪنھن به ٻار جي نرڙ تي اھو لکيل ناھي ھوندو ته اھو ٻار حلالي يا حرامي آھي. ڇا ڪو ماڻھو اھو ثابت ڪري سگھي ٿو ته اھو جائز آھي يا ناجائز آھي؟
***