ايڊيٽوريل

خطي ۾ جنگ جا امڪان ۽ ان جا هاڃيڪار اثر

جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه هوندي آهي، پر مسئلن جي جڙ ضرور هوندي آهي. جنگ صرف تباهي آڻيندي آهي.
ساڃاهه وند ماڻهو هجن يا ساڃاهه وند ملڪ هجن ڪڏهن به نه چاهيندا آهن ته جنگ ٿئي، اگر جنگ ٿئي ته ان کي هڪدم روڪيو وڃي، پر بدقسمتيءَ سان اهڙين جنگين کي روڪڻ جو بين الاقوامي فورم اقوام متحده آهي جيڪو پڻ ناڪام نظر اچي ٿو، دنيا ۾ جنگيون شروع ٿين ٿيون ته ان جا ڪارڻ ۽ ان جا حل انهي فورم جي ذريعي حل نٿا ٿين. جڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ۽ اها جنگ اڄ به جاري آهي ان جي ڪري پوري دنيا ۾ جيڪا قصاد بازاري آئي کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي ۽ پوري دنيا جي عوام مهانگائي کي منهن ڏنو جيڪا اڄ تائين جاري آهي، پر بدقسمتي هن خطي جي جان آزاد نه ڪئي. حماس جڏهن اسرائيل تي حملو ڪيو ته هر پرامن ماڻهو سمجهي پيو ته هڪ نئون ظلم غزا جي پٽيءَ ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ پوءِ ٿيو به ائين هزارين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. لکين ماڻهو دربدر ٿيا ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، پر اسرائيل جيڪا هڪ دهشتگرد رياست آهي ان کي آمريڪا جي سپورٽ پڻ حاصل آهي، ان جي ذهني تسلي نه ٿي ۽ هن ايران جي سفارت خاني تي حملو ڪيو، جنهن جو ايران کي نه چاهيندي به جواب ڏيڻو پيو آهي ۽ هاڻي هن پوري علائقي ۾ ڪشيدگي جو ماحول جڙي چڪو آهي ايئن محسوس ٿئي پيو ته پورو علائقو جنگ جي لپيٽ ۾ اچي ويندو جيڪا انتهائي بدقسمتي هوندي. ڇو ته هن علائقي جا ماڻهو جنهن ۾ ايران هجي، افغانستان هجي، عراق هجي پاڪستان هجي يا مصر هجي پهرين کان ئي بهتر پوزيشن ۾ نه آهن، پر جنگ جي اثر جي ڪري جيڪي ڀوڳنائون اينديون ان جو اثر هنن ملڪن جي ماڻهن تي تمام گهڻو پوندو. مهانگائي جو جن جيڪو پهرين کان بي قابو آهي اهو راڪاس بڻجي ماڻهن کي کائڻ شروع ڪندو، فائدو صرف انهن ملڪن جو آهي جيڪي جنگ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ان ڪري ادا نٿا ڪن جو انهن جي هٿيارن جي صنعت کي فائدو پوي ٿو. انهن جو انسانيت سان شايد واسطو نه آهي ۽ اهو اسان کي ويجهي ماضيءَ ۾ پڻ نظر آيو.
جڏهن غزا ۾ اسرائيل جون وحشتناڪ ڪارروائيون جاري هيون، پر انهن ملڪن ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو، هو اسرائيل کي سپورٽ ڪندا رهيا اڄ جڏهن ايران پنهنجي دفاع ۾ اسرائيل تي حملو ڪيو آهي ته اهي سڀئي ملڪ هڪ آواز ٿي ايران جي خلاف محاذ بڻائي رهيا آهن. ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي اسرائيل واپسيءَ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ايران تي حملو ڪري ٿو يا نه، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ تباهي هن خطي جو مقدر بڻجي ويندي. هاڻ اقوام متحده کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هي واقعا وڌي هڪ مڪمل جنگ جو روپ اختيار نه ڪري وٺن. ڇو ته ايران چوي پيو ته اسان شام ۾ ايراني سفارت خاني تي اسرائيل جي ٿيل حملي جو جواب ڏنو آهي. جيڪڏهن اسرائيل وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪئي ته پوءِ ايران به خاموش رهندو.
هاڻي سمورو وزن اقوام متحده ۾ ويٺل انهن ملڪن تي آهي جيڪي جنگ کي روڪڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، انهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انسانيت جي ناتي ماڻهن کي جنگ جو کاڄ ٿيڻ کان بچائين. نه صرف مشرق وسطيٰ جي علائقي ۾ پر يوڪرين جي علائقي ۾ پڻ جنگ بندي ڪرائي وڃي. عام ماڻهو چاهي ڪٿان جو به هجي هو جنگ نٿو چاهي، ڇو ته هو سمجهي ٿو ته جنگ سندس مسئلي جو حل نه آهي ۽ دنيا ۾ اگر ڪٿي به جنگ ٿئي ٿي ته ان جا نقصان پوري دنيا جو غريب ماڻهو ڀري ٿو، جنهن جا وسيلا محدود آهن. ساڃاهه وند ماڻهن ۽ اسريل ملڪن جو ان طرف ڌيان وڃڻ ضروري آهي.