بيساکي جو ڏڻ سک مذهب جي مڃيندڙن کان علاوه پوري پنجاب لاءِ هڪ بهترين ثقافتي ۽ معاشي ڏڻ آهي. جڏهن ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيندو آهي ان جي ڪٽائي ٿيندي آهي، ان وقت هي ڏڻ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي رنگن جو اظهار پڻ ٿيندو آهي.
فصل لهڻ سان جيڪا خوشحالي ايندي آهي انهيءَ جو به اظهار ان ڏڻ ۾ ڪيو ويندو آهي. هن وقت پنجاب اندر پوري دنيا مان آيل سک ياتري اهو ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ اولهه پنجاب ۾ پهتل آهن جن جو مرڪز ڪرتارپور آهي. انهيءَ ڏڻ جي شروعات وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف ڪڻڪ جي فصل جو لابارو ڪندي ڪئي. هن ان موقعي تي آيل سک ياترين سان پنهنجي پنجابي ٻوليءَ ۾ خطاب ڪيو. تمام سٺو لڳو ته پنجاب جي ڌيءَ آيل مهمانن کي پنجابي ۾ “جي آيا نون” چئي رهي هئي. پنهنجو پيارو پاڪستان مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ملڪ آهي. هر ماڻهو کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ نه صرف ڳالهائڻ جو، پر تعليم پرائڻ جو بنيادي حق مليل آهي. خبر ناهي ته ڪهڙين مجبورين جي ڪري اسان وٽ مادري ٻولي جي حق گهرڻ وارن کي ملڪ جو وفادار نه سمجهيو ويندو آهي، جيڪو بلڪل ڪوڙ آهي. اهڙن خيالن جا حامي سڀ کان وڌيڪ صوبي پنجاب ۾ رهن ٿا، جن پنهنجي مادري ٻولي پنجابي ڳالهائيندڙن کي اڻ پڙهيل سمجهيو، ڳوٺاڻو سمجهيو يا ته هو انگريزي زبان يا وري اردو زبان جي اهميت جي پرچار ڪندا رهيا. اهو سمجهه ۾ نه آيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مادري ٻوليءَ سان پيار ٿو ڪري ته ان جو مطلب اهو ڪيئن ٿو ورتو وڃي ته اهو ماڻهو اردو ٻوليءَ سان ڪاوڙ ٿو ڪري ائين ته بلڪل نه آهي.
پاڪستان جي قومي ٻولي اردو آهي ۽ رابطي واري ٻولي اردو ئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو ماڻهو ڪي پي جي شهر پشاور ۾ ويندو جتي جو پشتون پشتو ڳالهائي ٿو ته پوءِ سنڌ جو ماڻهو اتي وڃي سنڌي نه ڳالهائي سگهندو. پوءِ ان کي پشاور جي پشتون سان اردو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي، اها ئي اسان جي قومي ٻوليءَ جي افاديت آهي ته اها پوري ملڪ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي، پر انهيءَ جو مطلب ڪڏهن به ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ملڪ اندر ڳالهائيندڙ ٻين ٻولين جي ڪا اهميت نه آهي، انهن سڀني ٻولين جي تاريخ آهي، سنڌي هجي، پنجابي هجي، سرائيڪي هجي، پشتو هجي، بلوچي هجي، براهوي هجي، ڪشميري هجي، شينا هجي، گلگتي هجي يا پوٺوهاري هجي اهي سڀ ٻوليون پاڪستان ملڪ جي خوبصورتي ۾ ۽ ان جي ڪلچر ۾ سونهن ڀرين ٿيون. هاڻي جڏهن ملڪ جي وڏي صوبي جي وزيراعليٰ کي اهو خيال آيو آهي ته پنجابي ٻوليءَ جي به اهميت آهي، هو چاهي ٿي ته پنجابي ٻوليءَ کي پنجاب جي پرائمري اسڪولن ۾ پڙهايو وڃي. اسين سندس اهڙي سوچ جي آجيان ڪريون ٿا، اسان اهو به چاهينداسين ته جهڙي نموني سان مريم نواز پنهنجي مادري ٻوليءَ سان پيار ڪري انهيءَ ۾ پنهنجي تقرير ڪري اظهار ڪري ٿي ته کيس پنجابي ٻولي ڪيتري پسند آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي سنڌي به جيڪڏهن ڪوشش ڪن ته هو سنڌي پڻ ڳالهائي سگهن ٿا. خاص طور تي سنڌ جا رهندڙ سياسي اڳواڻ جن پنهنجي ٻوليءَ کي وساري ڇڏيو آهي. مثال طور: بلاول ڀٽو زرداري، محترمه آصفه زرداري به چاهين ته مريم نواز وانگر پنهنجن خيالن جو اظهار سنڌيءَ ۾ به ڪري سگهن ٿا.
هاڻي حڪومت پاڪستان تي پڻ فرض ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ڳالهائيندڙ سڀني ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، انهن ٻولين سان متڀيد وارو رويو نه رکي، اهڙي قسم جا بل پارليامينٽ اندر موجود آهن، انهن بلن کي پاس ڪيو وڃي. ان سان ملڪ جي رهندڙ ماڻهن ۾ هڪٻئي سان ۽ هڪٻئي جي ڪلچر سان محبت ۽ پيار جو اظهار وڌندو. اهو پڻ واضح ڪريون ته انهيءَ سان ملڪ جي قومي ٻولي اردو جي افاديت تي ڪوبه فرق نه پوندو. پاڪستان جو عوام هن وقت به اردو ڳالهائي رهيو آهي ۽ پوءِ به اردو ڳالهائيندو رهندو، پر ان جي پنهنجي ٻولي جي اهميت ضرور اجاڳر ٿيندي. اعليٰ اختيارين کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ گهڻ ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪ آهي ۽ سڀني ٻولين جي اهميت آهي. هڪ دفعو ٻيهر مريم نواز شريف کي سندس پنجابي ۾ ڪيل تقرير تي واڌايون ڏيون ٿا.