پاڪستان ۽ سنڌ صوبو ڏينهون ڏينهن مختلف مسئلن ۾ گهرجندو وڃي، جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ انصاف جا مسئلا ته سرفهرست آهن پر، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سماجي مسئلو عورتن سان ناانصافي ۽ مٿن تشدد ڪري کين انهن جي زندگين کان محروم ڪرڻ آهي. روز ڪيترين ئي عورتن کي انتهائي سنگدليءَ سان تشدد ڪري انهن کان جيئڻ جو حق ڦريو ٿو وڃي. ان جا ڪيترائي سبب آهن پر، سڀني جا نتيجا ساڳيا آهن جو هڪ قيمتي زندگي جيڪا پنهنجو مستقبل ٺاهي سگهي ٿي، هڪ خوبصورت خاندان جوڙي سگهي ٿي، اها ختم ٿي وڃي ٿي. ان قسم جو رويو هاڻي نه ختم ٿيندڙ هڪ لقاءُ بڻجي ويو آهي جنهن کي ڄڻ سڀني پنهنجي دل و جان سان قبول ڪري ورتو آهي ۽ اسان ان قسم جا حادثا ٻڌي اڳتي وڌي وڃون ٿا ۽ صرف ٿوري وقت جي لاءِ انهن تي ڳالهايو وڃي ٿو يا انهن جي خلاف لکيو وڃي ٿو.
ان قسم جي حادثن جا انگ اکر تمام ڇرڪائيندڙ آهن، تقريبن هر مهيني سوين عورتون سڄي ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وڃن ٿيون، جنهن جو غيرت سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي ۽ اهڙن قتلن کي صرف غيرت جو لباس پارائي قاتل پنهنجو پاڻ کي تحفظ ڏيئي رهيو هوندو آهي. حقيقت اها آهي ته عورتون پنهنجي بنيادي حقن جي لاءِ وڙهندي يا پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان جيئڻ جي جدوجهد ۾ جيڪو عورتن جي لاءِ هڪ خواب آهي، جنهن کي عورتون حقيقت جو روپ ڏيڻ چاهين ٿيون پر، اڃان تائين اهو هڪ مڪمل روپ نه ڌاري سگهيو آهي ۽ اڌ ۾ ئي ماريون وڃن ٿيون.
ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان جو سماج پدراڻو آهي، جيڪو عورت جي حقن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو. عورت کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿو ۽ انهن جي زندگين جا فيصلا مرد ڪري ٿو. اهو مائينڊ سيٽ نه صرف خاندانن ۾ بلڪه پوري رياست جي ڍانچي ۾ نظر اچي ٿو جتي عورت پنهنجي مرضيءَ سان نه ڪپڙا پائي سگهي ٿي ۽ نه پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي چونڊي سگهي ٿي. اسان جو تعليمي نظام به ان ڳالهه کي سپورٽ ڪري ٿو ۽ عورت کي مرد جي تحفظ هيٺ رهڻ جي لاءِ مجبور ڪري ٿو. اسان پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن پٽن کي وڌيڪ اهميت ڏيون ٿا، انهن جي کاڌي پيتي جو خيال رکون ٿا، انهن کي ڪاوڙ ڪرڻ جو حق ڏيون ٿا پر، ان جي ابتڙ انهن سڀني شين جو حق ڌيئرن کي نٿو ڏنو وڃي. اسان جو انصاف جو نظام به عورت کي ان جا بنيادي حق ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. قانون جو ڪم اهو هوندو آهي ته اهو ڪنهن به مظلوم کي ظالم کان مڪمل تحفظ ڏيئي سندس قانوني حق ان کي وٺي ڏئي پر، اسان جي سماج ۾ عورت پنهنجا بنيادي حق پنهنجي خاندان وارن کان به وٺڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهي حق وٺندي پنهنجي مڙس جي هٿان، ڀاءُ جي هٿان، پيءُ جي هٿان يا پٽ جي هٿان ماري وڃي ٿي. پر، اسان کي هرگز اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسان سڀ گڏجي پنهنجي نظام کي تبديل ڪري سگهون ٿا، اسان جي گڏيل سوچ ۽ سگهه ان ڪڌي نظام کي رد ڪري اڻبرابري جو خاتمو آڻي سگهي ٿي ۽ پنهنجين ڌيئرن کي اسين سماج ۾ طاقتور بنائڻ لاءِ کين تعليم جو زيور ۽ سٺي تربيت ڏيئي مقابلي ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهون ٿا. پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو اڌ حصو عورتن تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي اڌو اڌ آباديءَ کي سندس حقن کان محروم رکيو ۽ کيس معاشي سرگرمي ۾ اچڻ کان روڪيو ته هي ملڪ ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي. سماج ئي آهي جيڪو پنهنجي اندر تعليم ۽ شعور سان ان ايڏي وڏي چئلينج جو مقابلو ڪري سگهي ٿو ۽ عورتن سان گڏ بيهي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿو. اسان کي هڪ اهڙو سماج اڏڻو پوندو جتي عورت کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي، سندس عزت ڪئي وڃي ۽ کيس معاشي سرگرمي ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ مضبوط ڪيو وڃي، ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي سماج ۽ پنهنجي سوچ ۾ بنيادي تبديليون آڻڻيون پونديون.
اسان کي پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي صنفي برابري جي اهميت بابت ۽ عورتن جي حقن بابت تعليم جو سبق پنهنجي گهرن کان شروع ڪرڻو پوندو. اسان کي اهڙين آگنائيزيشنن جي پٺڀرائي ڪرڻي پوندي جيڪي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ ۽ سندن حقن لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. اسان کي ان ڳالهه جي به گهر ڪرڻي پوندي ته اسان پنهنجي پاليسي سازن کان جيڪي اسيمبلي ۾ ويٺا آهن اها گهر ڪريون ته اهي عورت جي تحفظ لاءِ ڪهڙيون پاليسيون ٺاهين ٿا ۽ انهن کي ڪيئن سماج ۾ لاڳو ڪرائين ٿا ته جيئن عورت پنهنجي گهر ۾ ۽ سماج ۾ خود کي محفوظ محسوس ڪري ۽ ٻه اکيائي جو شڪار نه ٿئي. ان کان علاوه اسان کي انهن اقليتن جو به خيال ڪرڻو پوندو جن جون عورتون کڄي وڃن ٿيون ۽ انهن کي زوري زبردستي مذهب تبديل ڪرائي پنهنجي مرضيءَ سان زنده رهڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي. پاڪستان جهڙي رياست ۾ عورت سان اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ هڪ وڏو سانحو آهي ان چيپٽر کي بند ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي سنجيده ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ اسان سڀني کي ان جي ذميداري به کڻڻي پوندي ۽ سڀني کي ان ماحول کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي ته جيئن ان چئلينج کي قبول ڪريون ۽ پنهنجي مستقبل کي تبديل ڪريون، هن سماج کي تبديل ڪريون ۽ عورت کي برابريءَ جي بنياد تي جيئڻ جو حق ڏيون.