وارياسي وجود کي وکيرڻ يا سميٽڻ جو فن صرف شاعر ئي ڄاڻن ٿا، واءُ جي تيز جهوٽي جيان وارياسي وجود کي جيئن هڪ شاعر جا شعر وکيريندا يا ميڙيندا آھن، اُن جو مثال ٻيو نٿو ملي. شاعري جو وجود ئي اهڙو آھي، جيڪو سڌو انساني جذبن کي متاثر ڪري ٿو، شاعري جو ناتو جذبن سان آهي ۽ جذبن جو ناتو دل سان، يعني شاعري جذبن سان گڏ دلين کي به متاثر ڪري پنهنجي جاءِ جوڙي ٿي، جيڪا شاعريءَ جي سڃاڻپ آھي. شاعري خاموش سڏڪو آھي، جنهن کي هڪ شاعر خاموشيءَ سان تخليق ڪري لکندو آھي پر، اُهو خاموش سڏڪو جڏهن دُکدائڪ ۽ احساس رکندڙ يا شاعريءَ سان پيار ڪندڙ ماڻهو پڙهندو يا ٻڌندو آھي ته انهن کي اُها شاعري خاموش سڏڪو نه پر، سماج ۾ اُڀرندڙ رڙ جيان لڳندي آھي.
“اُجرا ڳوڙها ميرا ڳل” وفا حاڪم وساڻ جو پهريون شعري مجموعو آھي جيڪو 2003 ۾ ڪنول پبليڪشن ڇپرايو. وفا حاڪم وساڻ جي نئين توڙي پراڻي شاعري دل کي جهير ڏيندڙ، يعني دل جي دردن کي کوليندڙ آھي. وفا حاڪم نه صرف شاعر آهي پر، استاد شاعر آھي، جنهن وٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ لاءِ اهڙو ته اظهار آھي جيڪو سڌو دل تي اثر ڪري وجهي ٿو.
درد دل جو رڳو خدا ڄاڻي
هو ته آ بي وفا سو ڇا ڄاڻي.
اوسيئڙو يا انتظاري هڪ اهڙي ڪيفيت آھي، جنهن کي هر شاعر پنهنجي شعرن ۾ ڏاڍي دلڪش انداز سان شامل ڪري لکيو آھي ۽ هر شعر ۾ انتظاري جي ڪيفيت جو اظهار ڪيو آھي. وفا حاڪم وٽ به انتظار آھي اوسيئڙو آھي پر، اهڙو اوسيئڙو اهڙي انتظاري آھي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. وفا جي شعرن ۾ وفائن جو روپ آھي، جڳ جي جهيڙن، جهڳڙن کان ڪوهين ڏور رهندڙ شاعر جا شعر ئي ٻڌائيندا آھن ته شاعر ڪيترو حساس دل آھي. نه رڳو ايترو پر، شاعر جو حقيقي روپ شاعري آھي. وفا حاڪم جي شاعري جهڙي به آھي پر، جذبن کي جاڳائڻ جو فن رکي ٿي.
ورجاءُ کان بنا پختگيءَ سان نڀائڻ ۾ ڪيترائي شاعر ناڪام ويندا آھن، ڇو جو اُهي مطالعو نه ڪرڻ سان گڏ زوريءَ لکڻ جي ڪوشش ۾ آھن، هڪ ته ڏات نه هجي ۽ مٿان وري ڏانءُ يعني مطالعي جي به ڪمي هجي ته ورجاءُ ته ٿيندو پر، اهڙو ٿيندو جو هر تخليق هڪ جهڙي لڳندي معنيٰ ڪجهه به نئون پڙھڻ لاءِ نه ملندو. انهيءَ جاءِ تي جيڪڏهن وفا حاڪم جي شاعري کي بيهاري پڙهنداسين ته اسان کي ورجاءُ ڪٿي به نه ملندو.
نما شام جئن ذلف ڇوڙي ڇڏي ٿي
انڌيري سان ناتو ڪو جوڙي ڇڏي ٿي
نگاهن جو نوخيز ٺاهي نشانو
سوين تير دل منجهه کوڙي ڇڏي ٿي.
وفا حاڪم جو هر شعر اهڙن خيالن سان جوڙيل آھي، جيڪو خيال ڪڏهن به ڪهڙي به موڙ يا ڪهڙي به ڪيفيت ۾ پڙهبو ته دل کي ڇهندڙ محسوس ٿيندو. ڏک، صدمي ۽ درد جهڙين ڪيفيتن کان تخليق ٿي نڪتل هر شعر منهنجي خيال ۾ جڏهن به اکين اڳيان گذرندو ائين لڳندو آهي ته هيءُ پڙهندڙ جي دل وٽان ڄڻ ته شاعر هاڻ هاڻ تخليق ڪيو آھي. نما شام ويلي ذلف ڇوڙڻ واري ڳالهه ۽ انڌيريءَ سان ناتا جوڙڻ واري ڳالهه ۽ نگاهن جي نوخيز نشانن سان دلين ۾ سوين تير کوڙڻ واري ڳالهه وفا حاڪم اهڙي انداز سان ڪئي آھي، جو انهن سڀني شعرن جا خيالي عڪس ذهن ۾ اچي وڃن ٿا، ائين لڳي ٿو ڄڻ ته اهو واقعو مون سان هاڻ هاڻ ٿيو آهي.
جڏهن شام پاڇا لڙن ٿا پرين
ڪي ڳوڙها اکين مان ڳڙن ٿا پرين
محبت ۾ منصور بڻجي اسان جا
هي احساس سوليءَ چڙهن ٿا پرين.
پنهنجي شروعاتي شاعريءَ کان وٺي وفا حاڪم وساڻ روانيءَ ۽ رڌم کي برقرار رکندو پيو اچي. هن مهل تائين ڪيتريون ئي تخليقون سندس ذهن جي تخليقي آبشارن مان تخليق ٿيون آهن پر، ڪٿي به ساڳي يا ملندڙ خيالن واري شاعري وفا ناهي ڪئي. نئين ۽ نڪور شاعري پنهنجي خيالن سان سجائڻ جو فن جنهن کي به ملندو آھي، اُهو شاعر ڪڏهن به پنهنجي شاعري جي خوبصورتي ناهي وڃائيندو. ڪيترائي شاعر آيا جن روايتي انداز سان ساڳيا خيال پوکيا ۽ تخليق ڪيا. اُهي اڄ ڪنهن کي ياد به ناهن، ڇاڪاڻ ته انهن وقت سان هلڻ جو فن نه سکيو، جنهن جي ڪري انهن جي شاعري ورجاءُ جي ور چڙهي پنهنجو هر احساس وڃائي ويٺي.
ٻين پهرن جي ڀيٽ ۾ شام ۽ پرهه ڦٽي ۾ يادگيري گهڻي ايندي آھي، وفا حاڪم پنهنجي غزل جي مطلع ۾ چئي ٿو ته: اي پرين جڏهن به شام جا پاڇا لڙڻ لڳن ٿا، منهنجي اکين مان ڪي ڳوڙها اوچتو ئي اوچتو ڳڙڻ شروع ٿين ٿا. اُها وفا جي شاعري جي حسناڪي آھي جو هو اڪيلائيءَ ۾ ويٺل اُن ماڻهوءَ جي دل جي به صدا ٻڌي وٺي ٿو جيڪو خاموش شام ويل رستن ڏي نهاري ٿڪجي نيٺ لڙڪ ڳاڙيندو گهر ڏي موٽندو آھي. اُن منظر نگاري کي اهڙي حسناڪ انداز سان تخليق ڪرڻ به حسناڪ شاعر ئي ڄاڻي سگهي ٿو.
اڙي خواب! محبوب جي گهر وٺي هل
ڏسان بي نقابو مان دلبر وٺي هل
جتي موج ۾ مست ٿي يار ماڻيون
انهيءَ ميڪدي جي ته اندر وٺي هل.
وفا خواب سان مخاطب ٿي چئي ٿو ته: اڙي خواب مون کي محبوب جي گهر ڏي وٺي هل، جتي مان پنهنجو بي نقابو محبوب دلبر ڏسان، ڇو ته هو ظاهريءَ جڏهن به ٻاهر نڪري ٿو ته منهن نقابن سان ڍڪي اچي ٿو ۽ جتي موج ۽ مستيءَ ۾ پنهنجو يار ماڻيون ٿا، اسان کي انهيءَ ئي ميڪدي ڏي وٺي هل. وفا جو هي اظهار توڙي جو ايڪيهه سال پراڻو آهي پر، لڳي ائين ٿو ڄڻ ته ڪجهه پل پهريان ئي اُها شاعري وفا جي نازڪ احساسن مان تخليق ٿي پني تي اُتارجي وئي آھي. اُها آھي هڪ شاعر جي صدين جي صدا، جيڪا هر دور جي دلين جي ترجماني ڪري.
شاعريءَ جي هن ڪتاب “اُجرا ڳوڙها ميرا ڳل” ۾ شعرن جي سرهاڻ آھي جيڪا ڊائريءَ ۾ رکيل پراڻي گل جيان لڳندي به نئين ٽڙيل گل جي خوشبوءَ جيان لڳي ٿي. اُها وفا حاڪم وساڻ جي شاعريءَ جي سونهن چئون يا وفا حاڪم وساڻ جي ڏات جي سهڻائي يا سندس ڪاريگري پر، جو به چئون اُهو سندس شاعريءَ تي ٺهي ٿو بيهي. وفا سونهن آھي ۽ سونهن وفا آهي. شاعري وفا آھي ۽ وفا شاعري. هن ڪتاب ۾ شامل جيڪي به ڪويتائون آھن منهنجي خيال ۾ وفا جي من موهيندڙ پنهنجي انداز جي ڪاريگري جو عڪس آھن، جيڪي ڏاڍيون خوبصورت آھن. وفا جي هن شعري مجموعي کان علاوه ٻيا ٽئي مجموعا پڻ هن وقت تائين شايع ٿي چڪا آھن ۽ اميد اُها به آھي ته وفا جي شاعري جي حسناڪي ۽ روشني ڪڏهن جهيڻي نه ٿئي پر، سدائين دلين جي پوٺن تي پنهنجي چانڊوڪي هاريندي رهي.
***