مون کي پنهنجو پٽ بنائڻ واري ماءُ کي، جيڪا ڪجهه گهڙيون دير سان اتي پهتي هئي، پنهنجي گهر اندر هڪ يورپي مرد جي موجودگيءَ بابت هڪدم وضاحت ڪرڻ ضروري هئي- پنهنجي يا پنهنجين ڌيئرن جي عزت ۽ آبرو تي ڪو داغ هڻائڻ بجاءِ، هن جيتري حد تائين حب الوطني ۽ دانشمنديءَ سان ممڪن ٿي سگهيو سچ ڳالهائڻ جي چونڊ ڪئي- هي اجنبي ڪير هو؟ ان “فرنگي” کان گهٽ نه هو جنهن کي پوليس تلاش ڪندي ٿي وتي، ان ماڻهوءَ جو ساٿي جنهن ان جابر ۽ ظالم جو خاتمو ڪري سندس شهيد مڙس جو بدلو ورتو هو!
حيرانگيءَ جو لمحو گذرڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو ويو- هنن مون کي واڌايون ڏنيون ۽ منهنجي ۽ منهنجي محافظه جي بهادريءَ جي تعريف ڪئي- ٿيڻ ته ائين ئي گهربو هو ته ايتري بي ڊولي صورتحال سامهون اچڻ تي جيڪو تفسير ان پيش ڪيو اهو ئي ان جو واحد ۽ معقول ترين حل ٿي سگهيو ٿي.
جيتوڻيڪ منهنجو انهيءَ گهر اندر ائين مزي سان پسار ڪرڻ ڪنهن حد تائين شڪ پيدا ڪري سگهيو ٿي، پر هن ڪهاڻي کي ان انداز سان بيان ڪيو، جو هاڻي منهنجو ماڻهن جي نظرن کان بچڻ اشد ضروري ٿي پيو-
عزت بهرحال بچي وئي، پر هاڻي اها ڳالهه به چٽي ٿي وئي ته مون کي هتان موڪلائڻ گهرجي- منهنجي سامهون ٻه رستا هئا- ظاهر رستو ته اهو هو ته عورت جي ويس ۾ نڪران ۽ سڌو آمريڪي لگيشن پهچان، مختصر ڳالهه اها آهي ته، ڪجهه هفتا پهرين جيڪو نامڪمل سفر شروع ڪيو هو مڪمل ڪريان- پر منهنجي “ماءُ” مون کي ائين ڪرڻ کان جهليو هڪ مخبريءَ جي مهم دوران هن ڏٺو هو ته لگيشن ڏانهن وڃڻ وارن رستن جي سخت نگراني ڪئي پئي وئي- وڌيڪ ايراني زناني ويس ۾ منهنجو ڇهه فوٽن کان وڌيڪ قد ڪنهن ستل سپاهيءَ کي به دوکو نٿي ڏيئي سگهيو-
ٻيو حل اهو هو ته جمال الدين جي ڏنل مشوري مطابق شهزادي شيرين کي مدد لاءِ پڪارجي- مون پنهنجي ماءُ سان شهزاديءَ جو ذڪر ڪيو ته ان ڳالهه جي حمايت ڪئي، هن مقتول شاهه جي پوٽيءَ بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو ته مسڪينن ۽ مفلسن جي حالت تي رحم کائيندي آهي ۽ هن پاڻ شهزاديءَ تائين پيغام پهچائڻ جي پيشڪش ڪئي- مشڪل ڳالهه اها هئي ته کيس ڪهڙن لفظن سان مخاطب ڪيو وڃي- لفظ جيڪي ضرورت مطابق واضح به هجن ۽ جيڪڏهن ٻين جي هٿ چڙهي وڃن ته منهنجو راز به نه کولي وجهن- پنهنجو نالو ته مان ٻڌائي نٿي سگهيس، نه ئي آقا جو- پوءِ مون ان ڳالهه تي ئي قناعت ڪئي ته هڪ پني تي بس واحد اهو جملو لکان جيڪو هن مون کي چيو هو:
“ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ٿي سگهي ٿو اسان جا رستا وري ڪڏهن پاڻ ۾ اچي ملن!”
منهنجي ماءُ مرحوم شاهه جي چاليهي واري رسم جي موقعي تي شهزاديءَ وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ان وقت جڏهن رسمون پنهنجي آخري مرحلي تي هيون- اتي موجود ماڻهو ۽ منهن تي ڪارنهن مليل پيشه ور ماتم ڪرڻ وارن جي اهڙي افراتفري واري حالت ۾ شهزاديءَ جي هٿ ۾ هڪڙو ڪاغذ جو ٽڪرو ڏيڻ ۾ ڪا گهڻي دير نه لڳي، جنهن کي هن پڙهيو ۽ ان پرچي لکڻ واري جي تلاش ۾ هن پنهنجين خوفزده نظرن سان پنهنجي چوڌاري ڏٺو- پيغام آڻيندڙ ڪن ۾ ٻڌايو: “هو منهنجي گهر آهي!” شيرين هڪدم ماتمي تقريب مان ٻاهر اچي وئي، پنهنجي ڪوچوان کي سڏرايائين ۽ منهنجي ماءُ کي پنهنجي ڀرسان ويهاريائين ته جيئن ڪنهن کي ڪو شڪ نه ٿئي- گاڏي جنهن تي شاهي علامت لڳل هئي، پهرين هوٽل “پري وو” جي سامهون وڃي بيٺي، جتان ٻنهي سخت پرديدار عورتن جيڪي سڃاڻپ ۾ نه اچي رهيون هيون پنهنجو سفر پيرن پيادو جاري رکيو-
اسان جي ٻي ملاقات ڪنهن به ريت پهرين جي مقابلي ۾ لفظن سان ڀرپور نه هئي- شهزاديءَ زير لب مسڪرائيندي منهنجو مٿي کان وٺي پيرن تائين جائزو ورتو- هڪدم حڪم صادر ڪيو:
“سڀاڻي صبح جو فجر وقت منهنجو ڪوچوان توکي وٺڻ ايندو- تيار رهجانءِ- برقعو پائي مٿو هيٺ جهڪائي رکجانءِ!”
مون کي يقين هو ته هوءَ مونکي منهنجي لگيشن تائين وٺي ويندي- پر پوءِ مونکي منهنجي غلطيءَ جو احساس ان وقت ٿيو، جڏهن گاڏي شهر جي دروازي کان ٻاهر نڪري وئي هئي- هن وضاحت ڪئي:
“مان توکي آساني سان آمريڪي وزير وٽ وٺي وڃي سگهيس ٿي- اتي تون تمام محفوظ رهين ها، پر ڪنهن کي به اهو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه لڳي ها ته تون اتي ڪيئن پهتين- قاجار خاندان جي هڪ رڪن جي حيثيت سان ڪجهه اثر ۽ رسوخ جي مالڪ هجڻ باوجود مان شاهه جي قاتل جي کلئي ساٿي کي بچائڻ لاءِ استعمال نٿي ٿي سگهان- هن مون کي ڏاڍي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ هنن ان بهادر عورت جو پتو لڳائي ورتو هجي ها، جنهن تنهنجي سارسنڀال ڪئي هئي. وڌيڪ اهو ته تنهنجي لگيشن کي اهڙي ڏوهاريءَ جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪابه خوشي محسوس نه ٿئي ها. يقين ڪر ته تنهنجي ايران ڇڏي وڃڻ ۾ سڀني جو ڀلو آهي. مان توکي پنهنجي ماسڙ وٽ وٺي ٿي وڃان جيڪو بختياري سردار آهي. هو پنهنجن سپاهين سان گڏ چاليهي جي رسمن ۾ شامل ٿيڻ هتي آيو هو- مون کيس تنهنجي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ اهو به ته تون بيقصور آهين، پر انهن ماڻهن کي ڪا خبر ناهي- انهن توکي عثماني سرحد تائين باحفاظت پهچائڻ جو ذمو کنيو آهي، اهڙن رستن کان جن کان ڪاروان ناواقف آهن- اهي شاهه عبدالعظيم جي گهر ۾ پنهنجا منتظر آهن. تو وٽ ڪجهه پئسا ٻئسا آهن؟”
“ها- مون پنهنجي جان بچائڻ وارين عورتن کي 200 تومان ڏنا آهن پر، مون وٽ اڃان به لڳ ڀڳ 400 باقي آهن-”
“اهي ڪافي ناهن توکي گهرجي ته ان جو اڌ انهن ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏين جيڪي تنهنجي همراهي ڪري رهيا هوندا ۽ باقي سفر لاءِ مناسب رقم محفوظ رک- هي وٺ ڪجهه ترڪي سڪا- ڪا وڏي رقم ته ڪونهي- ۽ هي هڪ متن آهي جيڪو مان چاهيان ٿي ته آقا جي لاءِ رک- تون قسطنطنيه مان ته هونئن ئي لنگهندين؟”
انڪار ڪرڻ مشڪل هو- هن ڪجهه ويڙهيل ڪاغذ منهنجي عبا جي کيسي ۾ سرڪائيندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
“ان ۾ مرزا رضا کان جيڪا آخري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي ان جو تحريري نقل آهي- مان سڄي رات ان کي اتاريندي رهي آهيان- تون پڙهي سگهين ٿو، بلڪه ضرور پڙهجانءِ- ان مان توکي گهڻي معلومات ملندي- ان کان علاوه ڊگهي سفر ۾ مصروف به رهندين. پر ٻئي ڪنهن کي هرگز ان جو پتو نه پوڻ گهرجي-”
هاڻي اسان ان گهر جي ويجهو پهچي چڪا هئاسين- پوليس چوڌاري پهرو ڏيئي رهي هئي ۽ هر شيءِ تان جو خچرن مٿان رکيل سامان جي به تلاشي ورتي ٿي وئي، پر ڪنهن جي مجال هئي جو شاهي ڪاروان کي ڪو روڪي؟ اسين پنهنجي رستي تان هلندا رهياسين تان جو هڪ زعفراني رنگ جي عمارت جي اڱڻ تي وڃي پهتاسين- ان جي وچ ۾ هڪ گهاٽو ۽ تمام پراڻو شاهه بلوط جو وڻ بيٺل هو، جنهن جي چوڌاري سپاهي پنهنجي ڇاتين تي ٻن ٻن ڪارتوسن جا جوڙا لڳائي مصروف نظر اچي رهيا هئا- شهزادي انهن مردانه آرائشي شين طرف حقارت سان ئي ڏسندي هئي جنهن جي تڪميل سندن گهاٽيون مُڇيون ئي ڪنديون هيون-
“ڏس، مان توکي خير خواهه هٿن ۾ سونپي رهي آهيان، هي انهن ڪمزور عورتن جي مقابلي ۾ جيڪي هيستائين تنهنجي حفاظت ڪري رهيون هيون تنهنجي وڌيڪ حفاظت ڪري سگهن ٿا-”
“مون کي شڪ ئي آهي-”
“منهنجين نظرن پريشانيءَ ۾ رائيفلن جي نالين جي پيڇو ڪيو جيڪي هر طرف کڄيل هيون.”
“مون کي پاڻ به شڪ آهي،” هوءَ کلي- “خير ڪجهه به هجي، هي توکي ترڪيءَ تائين پڄائيندا-”
جڏهن خدا حافظ چوڻ جو وقت آيو، ته مون هي چوڻ جو فيصلو ڪيو،
“مون کي خبر آهي ته اهو پڇڻ جو مناسب موقعو ڪونهي، پر شايد اوهان کي اتفاق سان ان ڳالهه جو پتو هجي ته ڪو پراڻو هٿ سان لکيل ڪتاب مرزا رضا جي سامان مان مليو هجي-”
هن پنهنجون نگاهون ٻئي پاسي ڪري ڇڏيون ۽ سندس آواز ۾ سختي اچي وئي-
“واقع ئي غلط موقعو اختيار ڪيو ويو آهي- قسطنطنيه پهچڻ کان اڳ ان چرئي جو نالو به پنهنجي زبان تي نه آڻجانءِ!”
“اهو خيام جو هٿ سان لکيل ڪتاب آهي!”
مان زور ڀرڻ تي حق تي هئس- آخر ان ڪري ئي ته مون پنهنجو پاڻ کي ان ايراني جوکم ۾ وڌو هو- ان جي باوجود شيرين ڪاوڙ مان ڊگهو ساهه ڀريو-
“مون کي ان باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه آهي- مان پڇا ڳاڇا ڪندس- مون کي پنهنجو پتو ڏيئي ڇڏ مان توکي خط لکي ڇڏيندس- پر مهرباني ڪري مون کي جواب نه ڏجانءِ-”
جڏهن مان “انا پوليس، ميري لينڊ” مان نڪري رهيو هئس ته مون کي محسوس ٿيو ته مان تمام گهڻو پري پهچي چڪو آهيان- مون کي ان ڳالهه تي افسوس ٿيو ته منهنجي ايراني مسافت ايتري مختصر رهي ۽ شروع ڏينهن کان وٺي ايتري غلط- مون ڪاغذ جو پرزو شهزاديءَ کي پيش ڪيو هوءَ اڃان وٺڻ واري هئي ته مون سندس هٿ پڪڙي ورتو، ٿوري دير لاءِ پر، مضبوطيءَ سان- هن به منهنجي هٿ کي زور ڏنو، پنهنجو هڪ ننهن منهنجي هٿ جي تريءَ ۾ گهيڙيندي بغير ڪنهن زخم ڏيڻ جي چند منٽن جي لاءِ پنهنجي ننهن جو واضح نشان ڇڏيندي- هڪدم اسان ٻنهي جي چپن تي مرڪ اڀري ۽ اسان ٻنهي هڪ ئي جملو دهرايو:
“ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ٿي سگهي ٿو وري اسان جون راهون پاڻ ۾ اچي ملن!”
ٻن مهينن تائين مون کي ڪابه اهڙي شيءِ نظر نه آئي جنهن کي مان رستو چوڻ جو عادي هئس- اسان شاهه عبدالعزيز ڇڏي ڏکڻ اولهه ۾ بختيارن جي قبائلي علائقي طرف وڌياسين- جڏهن اسان قم جي کاري ڍنڍ پار ڪري ورتي ته انهيءَ نالي واري نديءَ سان لڳو لڳ هلڻ لڳاسين پر، شهر ۾ داخل نه ٿياسين منهنجا رهبر جن جي هٿن ۾ رائيفلون هر وقت ڪنهن به مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار هيون. آباد هنڌن کان پنهنجو دامن بچائيندا ڏاڍي احتياط سان هلندا ٿي ويا ۽ جيتوڻيڪ شيرين جو ماسڙ مون کي گهڻو ڪري ٻڌائڻ جي زحمت ڪندو هو ته هاڻي اسان اموڪ ۾ آهيون، هاڻي ورتشا ۽ هاڻي خمين ۾، اهو بس هڪ قسم جي ڳالهه ٻولهه جو بهانو ئي هو جنهن مان سندس مقصد اهو هو ته اهو ٻڌائي رهيو هو ته اسان هنن جاين جي سامهون آهيون جن جا مينار اسان کي پري کان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن ۽ جن جي نقشن جو اندازو مون پنهنجي ذهني تخيل جي بنياد تي ڪري ئي گذارو ڪيو-
قم نهر جي نڪرڻ واري جاءِ ماورا لورستان جي جبلن ۾ منهنجا رهبر ٿورا گهٽ محتاط رهيا ڇو ته اسان هاڻي بختارين جي علائقي ۾ پهچي ويا هئاسين- منهنجي مان ۾ هڪ دعوت جو اهتمام ڪيو ويو منهنجي شغل لاءِ آفيم جو هڪ حقو ڏنو ويو ۽ مان انهن سڀني جي تفريح بازيءَ جي وچ ۾ چِت ٿي ويس- اتان کان ٻيهر روانو ٿيڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو انتظار ڪرڻو پئجي ويو- اسان هڪ اهڙي راهه کان وڃي رهيا هئاسين جيڪا پهرين واري کان به وڌيڪ ڊگهي هئي: لوهه وانگر سخت ۽ تيز هوادار ۽ آخر ۾ خطرناڪ ڌٻڻ واري علائقي کي اورانگهيندا بصرا، عثماني عراق جو شهر جيڪو شط العرب تي ٻڌل هو-
خدا خدا ڪري مان هاڻي صحيح سلامت ايران کان ٻاهر اچي چڪو هئس! پر، اڃان به بادباني ٻيڙيءَ ذريعي فاو کان بحرين تائين هڪ مهيني جو ڊگهو سفر باقي هو، پوءِ مون کي بحري ڦورن جي سامونڊي پٽيءَ کان هيٺ عدن وڃڻو هو ۽ پوءِ وري مٿي بحري قلزم، سوئس ڪئنال کان ٿيندي اسڪندريا، ته جيئن آخرڪار هڪ پراڻي سراڻي ترڪي ٻيڙي ۾ بحرِ اوسط کي پار ڪري قسطنطنيه وڃي پڄان-
ان ختم نه ٿيندڙ فرار جي ڪل مدت، جيڪا ٿڪائيندڙ هئي پر، بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پوري ٿي وئي، منهنجي واحد تفريحي سرگرمي مرزا رضا جي جرح جا ڏهه قلمي صفحا پڙهڻ ۽ وري وري پڙهڻ رهجي ويا هئا- جيڪڏهن مون کي پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ ٻيو ڪو سامان هجي ها ته يقينن ان حرڪت مان بيزار ٿي چڪو هجان ها، پر، هڪ ماڻهو کي جنهن کي سزاءِ موت ملي هجي ان جبري ملاقات مون کي حد درجي متاثر ڪيو هو، ڪجهه اهڙيءَ ريت جو مان ان جي مئل عضون، سندس تڪليف کان بيحال اکين ۽ سندس ديندار لباس ۾ باآساني تصور ڪري سگهيس ٿي- ڪڏهن ته مون کي بلڪل ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ سندس اذيتناڪ آواز پنهنجي ڪنن سان ٻڌي پئي سگهيس-
“اهي ڪهڙا سبب هئا جن توکي اسان جي محبوب شاهه کي قتل ڪرڻ تي راضي ڪيو؟”
“جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن بنا ڪنهن مشڪل جي ڏسي سگهن ٿا ته شاهه جو خاتمو بلڪل ان جاءِ تي ٿيو هو جتي جمال الدين شاهه سان بدسلوڪي ڪئي وئي هئي. ان ولي صفت، ان نبي جي حقيقي پوئلڳ ڪهڙو گناهه ڪيو هو جنهن کي درگاهه مان ايئن گهلي ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويو هو؟”
“توکي شاهه جي قتل تي ڪنهن اڀاريو هو، توسان گڏ ان ڏوهه ۾ ٻيا ڪهڙا ماڻهو شريڪ آهن؟”
“مان پنهنجي رب جو قسم کائي چوان ٿو، ان رب جو قسم جنهن جمال الدين ۽ ٻين سڀني انسانن کي خلقيو آهي، ته مون کان ۽ سيد کانسواءِ ٻيو ڪوبه شخص منهنجي شاهه کي قتل ڪرڻ جي نيت کان واقف نه آهي- سيد قسطنطنيه ۾ آهي- وڃي سگهو ٿا ته وٽس وڃي پهچو!”
“جمال الدين توکي ڪهڙيون هدايتون ڏنيون هيون؟”
“جڏهن مان قسطنطنيه ويو هئس، ته مون کيس هنن اذيتن کان آگاهه ڪيو هو جيڪي شاهه جي پٽ مون کي رسايون هيون- سيد مون کي چپ رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيائين ته، ‘ايئن روئڻ پٽڻ ڇڏي ڏي لڳي ٿو ته ڪنهن ماتم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهين! ڇا ڳوڙها ڳاڙڻ کان علاوه تون ٻيو ڪجهه به نٿو ڪري سگهين؟ جيڪڏهن شاهه جي پٽ توکي اذيت پهچائي آهي، ته کيس قتل ڪري ڇڏ!’”
“ته پوءِ تو شاهه کي سندس پٽ بجاءِ قتل ڇو ڪيو، توسان زيادتي ته سندس پٽ ڪئي هئي ۽ جمال الدين ته توکي سندس پٽ کان انتقام وٺڻ جي صلاح ڏني هئي؟”
“مون پنهنجو پاڻ کي چيو: ‘جيڪڏهن پٽ جو قصو ختم ڪريان ها، ته شاهه پنهنجي بي پناهه طاقت جي بنياد تي هزارن ماڻهن کي موت جي واديءَ ۾ موڪلي ڇڏي ها-’” رڳو هڪ شاخ وڍڻ جي مقابلي ۾ مون ظلم ۽ بربريت جي سڄي وڻ کي پاڙ کان پٽي اکيڙي ڇڏيو، ان اميد ۾ ته ان جي جاءِ تي نئون وڻ ڦٽي وڏو ٿيندو. بيشڪ ترڪيءَ جي سلطان جمال الدين کي اڪيلائيءَ ۾ چيو هو ته سڀني مسلمانن کي گڏ ٿيڻ لاءِ اسان کي ان شاهه مان پنهنجي جان آجي ڪرڻي پوندي-”
“سلطان جمال الدين کي اڪيلائيءَ ۾ ڇا چيو هوندو اها توکي ڪيئن خبر پئي؟”
“سيد جمال الدين پاڻ مون کي ٻڌايو هو- کيس مون تي تمام گهڻو اعتبار هو ۽ مون کان ڪابه ڳالهه ڳجهي نه رکندو هو- جڏهن مان قسطنطنيه ۾ هئس ته هو مون سان اهڙو سلوڪ ڪندو هو ڄڻ مان سندس پٽ هجان-”
“جيڪڏهن اتي توسان ايڏو سٺو سلوڪ پئي ٿيو ته تون واپس ايران ڇو آئين، جتي توکي گرفتار ٿيڻ ۽ اذيت رسائڻ جو خوف هجي؟”
“مان انهن مان آهيان جن جو ايمان آهي ته وڻ مان هڪ پن به خدا جي حڪم کان بنا نٿو ڪري- منهنجي تقدير ۾ لکيل هو ته ايران واپس موٽان ۽ هن عمل جو حصو بڻجان جيڪو هاڻي هاڻي مڪمل ٿيو آهي-
***