بلاگنئون

سٺي ۽ صالح استاد جون خوبيون

ترقي پسند ۽ سُڌريل سماج جي اڏاوت لاءِ سٺين خوبين ۽ نيڪ گڻن جو دائرو تمام وسيع آهي، جن منجھان ڪجھ خاص خوبيون جيئن صبر، سهپ، همت، حوصلو، احسان، شفقت، رحمدلي، قناعت، سچائي، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، شرم ۽ حيا، ايمانداري، وقت جي پابندي، خلوص، تعاون، مددگاري اعتبار، پيار، پرهيزگاري، نياز ۽ نوڙت، حب الوطني، غيرت، فرض شناسي، امن پسندي، قرباني، مهمان نوازي، نيڪ نيتي ۽ علميت جهڙيون خوبيون، گُڻ ۽ صلاحيتون، سماج جي سڀني فردن سميت، مڙني شعبن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهوءَ ۾ هجڻ ضروري امر آهن. مطلب هر چڱو گڻ انساني عظمت جو اهڃاڻ آهي، جنهن سان سماج جا قدر جڙن ٿا. اهڙن انساني قدرن ۾ تهذيبي ۽ ثقافتي قدر، اخلاقي ۽ معاشي قدر، مذهبي ۽ علمي قدر گڏجي شخصيت جي تعمير ڪن ٿا. اڳتي هلي فردن جا انفرادي عمل، اجتماعي ۽ سماجي تبديلين جو ڪارڻ ٿيندا آهن، جيڪي عمل انساني ترقيءَ جي قافلي کي اڳتي وٺي هلندا آهن، پر جڏهن اسان، سماج کي اڳتي ۽ گھڻو اڳتي، بلندين ڏانهن وٺي ويندڙ هستي استاد جي ڳالھ ڪنداسين ته ان ۾ سڀني خوبين هجڻ سان گڏ سندس شعبي جي حساب سان ۽ سماج ۾ رتبي ۽ ڪردار لاءِ جن گڻن ۽ خُوبين جو هجڻ ضروري ٿا سمجھون، سي ڪجھ خاص خُوبيون هي آهن: 1. شفقت 2. ڄاڻ جي مهارت 3. سخاوت 4. ترقي پسند سوچ 5. تنقيدي ۽ تخليقي سوچ 6. منصوبا سازي 7. عملي ڪردار جو نمونو 8. اثر وٺڻ نه پر اثر ڏيڻ جي صلاحيت 9. خيالن، سوچن، فڪرن ۽ نظرين بيان ڪرڻ جي شجاعت. هاڻي اچو ڏسون ته اهي خوبيون گڏجي ڪيئن هڪڙي سٺي ۽ صالح استاد جي رتبي ۽ ڪردار کي اعليٰ بڻائين ٿيون.
1. شفقت: استاد جي شفقت کانسواءِ انسان جي روحاني تربيت ناممڪن آهي. استاد نه صرف پنهنجن شاگردن سان شفيق هجي، پر سماج جو هر فرد سندس روحاني اولاد وانگر هجڻ گهرجي، جن جون دليون سندس شفقت منجھان ئي سيراب ٿي سگھن ٿيون. تنهنڪري استاد جو پهريون فرض اهو آهي ته هو جن کي پڙهائي ٿو تن سڀني لاءِ پيءُ وانگر شفيق ۽ ماءُ وانگر مهربان هجي ته جيئن اهي سکندڙ، کانئس سکڻ وقت ڪوبه ڀئو ڀولو، ڊپ يا ڪابه اوپرائپ محسوس نه ڪن، پر پنهنجائپ جي ڇڪ ۽ ڪشش محسوس ڪن ۽ علم جي سکڻ لاءِ منجھن چاھُ پيدا ٿئي.
2. پنهنجي شعبي ۾ علم جو ماهر: جديد دور جي گھرجن مطابق هر شعبي ۾ ماهرن جو هڪ اهڙو طبقو وجود ۾ اچي ويو آهي، جيڪو ان مخصوص شعبي جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو. مثال طور: ادب، آرٽ، سائنس ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل جي اڻ ڳڻين شاخن منجهان هرهڪ الڳ شاخ ۽ شعبي جي ماهرن جو ٽولو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. انهن کي ئي استاد جو درجو ملي ٿو جيڪو عملي ميدان ۾ ان مهارت سان نه صرف عام ماڻهن پر، سندس ئي شعبي جا خاص ماڻهو پڻ پنهنجا مسئلا ۽ مونجھارا حل ڪرائڻ لاءِ ساڻس رجوع ڪن ۽ اهي ماهر سندن مشڪل ڪشائي ڪندي نظر اچن ۽ ماڻهن جي واتان واھ واھ جا تعريفي لفظ نڪرن، تڏهن چئبو ته اهو واقعي استاد آهي. ان سان گڏ منجھس هر نئين علم سکڻ جو چاھ پڻ هجي ته جيئن پاڻ ۾ ايندڙ وقت جي للڪارن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪندو رهي. هڪ ڄاڻو استاد، قابل ۽ خود اعتماد هئڻ ڪري بهترين شاگرد پيدا ڪندو آهي. باقي چوڻي آهي ته: “جيڪي پاڻ نه پڙهيا، سي ڪهڙا اڪ ڪارا ڪندا.”
3. سخاوت: ملڪ ۽ قوم ۾ سڌارو تڏهن ايندو جڏهن علم جي نور کي عام ڪيو ويندو ۽ علم کي خرچ ڪرڻ سان ئي وڌي ٿو. علم زندگيءَ جي علامت آهي ۽ ان جي دلڪشي، ان جا جلوا سڀني انسانن جي گڏيل ميراث آهن. نه ان جي ڪا حد مقرر آهي ۽ نه ئي اها ڪنهن علائقي يا نسل جي جاگير آهي. سچو عالم ۽ استاد اهو آهي، جنهن جي علم مان انيڪ ماڻهو فيضياب ٿين. عالم ۽ استاد وٽ علم ۽ ڏاهپ ورهائڻ جي شوق سان گڏ پنهنجن شاگردن ۽ پيشي سان محبت جو جذبو ۽ سچائي اهم خوبيون آهن. علم هوندو ئي ڏيڻ، پکيڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجھائڻ لاءِ آهي. نه ته جهالت قومن جو مقدر بڻجي ويندي آهي.
4. ترقي پسند ۽ جديد سوچ جو مالڪ: فطري عملن جي ڇڪتاڻ ۽ تبديلين جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن قومن، قبيلن، معاشرن، طبقن، تنظيمن ۽ فردن تي اهڙو وقت اچي ويندو آهي، جو اهي ڪوششن جي باوجود به ترقيءَ جي بجاءِ تنزلي، تعمير جي بجاءِ تخريب جو شڪار ٿي ويندا آهن. سموري قوم جهالتن ۽ مايوسين جي اوندھ ۾ گم ٿي ويندي آهي. جڏهن اسان کي مستقبل جي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ اسان جو حال تڪليف ڏيندڙ ۽ مونجھاري جو شڪار هوندو آهي، تڏهن اسان ماضيءَ کي گھڻو ياد ڪندا آهيون. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ماڻهن ڪيئن شروعات ڪئي. انهن ڪهڙيون غلطيون ڪيون ۽ ڪهڙي هنڌ اوچتو اچي بيهي رهيا ۽ ختم ٿي ويا. اهو قومن جو ڪمال ۽ زوال ۽ انهن جي تاريخ جي مطالعي ۽ اڀياس مان معلوم ڪري سگهجي ٿو، پر هتي ته هر ڪنهن سان مستقبل جو معاملو آهي. ايندڙ نسلن جي بقا ۽ فنا جو معاملو آهي. تنهنڪري تعليمي ترقيءَ ۽ سڌاري لاءِ بهترين استاد ئي بنيادي ڪرنگھي جي حيثيت رکي ٿو. تنهنڪري هڪ سُٺي استاد جي هيءَ خاص خُوبي هوندي آهي ته هو نه فقط سماجي حالتن جو ڄاڻو هجي، پر پاڻ کي ۽ پنهنجي فرض کي سڃاڻي ۽ قوم کي اونداھين مان ڪڍي سوجھري ۾ آڻڻ جي لاءِ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪري سگھي. شاھ لطيف فرمايو آهي ته:
اوريان ئي آڻين، ميڙي معلم خبرون،
سا تان سُڌ نه ڏين، جتي وھُ وِڌَ ڪري.
5. تنقيدي ۽ تخليقي سوچ: تنقيدي سوچ مان مراد غلط ۽ صحيح جي پرک ڪرڻ آهي ۽ اها پرک استاد کي پنهنجو پاڻ کان شروع ڪرڻ گھرجي ته سندس سوچ ۽ عمل ڪيتري قدر صحيح آهي يا غلط ۽ ان جا سماج تي ڪهڙا اثر پوندا، ڪهڙا نتيجا نڪرندا. اهو تنقيدي عمل خود شناسيءَ کان شروع ڪري پوءِ ئي خلق شناسيءَ ڏانهن پڻ ڌيان ڏيڻ گھرجي ته اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان ۾ مختلف ذهانتن، مختلف نسلن سان گڏ مختلف ماحولن جا فرد گڏجي رهڻ جي ڪري گھڻ نسلي سماج جو اثر وٺندي عجيب غريب ڪردار جنم وٺن ٿا. استاد جو اهو پهريون فرض آهي ته هو جن کي پڙهائي ٿو انهن جي ذهانتن، ڪردارن، ماحولن جي ڄاڻ رکي ته جيئن انهن کي پڙهائڻ وقت مختلف سرگرميون ۽ طريقا استعمال ڪري سگھي. انهن سرگرمين ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ نيون سوچون ۽ نوان طريقا پڻ آزمائيندو رهي. جنهن سان سکڻ جو مرحلو آسانيءَ سان گڏ لاڀائتو ٿي سگھي. نفسيات جي ڄاڻن کي خبر آهي ته ڪنهن به شيءِ جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ دلچسپي ضروري آهي. جيستائين فرد ۾ دلچسپي پيدا نه ٿيندي تيستائين سکڻ ۽ سيکارڻ ممڪن نه آهي. سکڻ جو مرڪزي نقطو اهو آهي ته استاد، شاگردن ۾ سکڻ جو چاھُ پيدا ڪري.
6. منصوبا ساز: استاد جو اصل مقصد شاگردن کي پڙهڻ ۽ سکڻ ۾ مشغول رکڻو آهي، ان ڪم لاءِ ضروري ناهي ته صرف نصابي سرگرمين تي ڀاڙي ويهي رهي پر، هڪڙي سٺي استاد جي خاص خوبين مان هڪڙو گڻ هي به آهي ته هو نيون سرگرميون ترتيب ڏيئي، انهن لاءِ نوان منصوبا، نيون حڪمت عمليون سوچي انهن تي تجرباتي طور عمل ڪري، انهن کي سکيا جي مرحلن مان گذاري ڪامياب ڪري ڏيکاري ته جيئن شاگردن ۾ پڻ جدت سان گڏ منصوبن کي ڪامياب ڪرڻ جو هنر ۽ ڏانءُ پيدا ٿئي.
7. عملي ڪردار جو نمونو: سماج ۾ گڏجي رهڻ جي باوجود به هرڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته کيس سُک ۽ سڪون حاصل هجي. ان سڪون ۽ راحت لاءِ هر ڪا ڪوشش ۽ جتن پڻ ڪندا رهن ٿا. پوءِ ڪن کي عارضي طور تي جسماني سڪون به نصيب ٿي ويندو آهي، جيڪي راحتون هر انسان کي سندس سماجي رُتبي جي آڌار تي ملنديون آهن پر، روحاني سڪون صرف چند ماڻهن جي نصيب ۾ ايندو آهي ۽ ان روحاني سڪون لاءِ شرط آهي ته انسان جي سوچ سان گڏ ڪردار به اعليٰ هجي، جيڪڏهن ڪردار ۾ پختگي هوندي ته روحاني سڪون سان گڏ رتبي ۾ پڻ واڌارو ايندو رهندو. سماج ۾ ان روحاني راحت ۽ سڪون لاءِ اخلاق ۽ ڪردار جو عملي نمونو پڻ استاد کي پيش ڪرڻو آهي ته جيئن سماج ۾ مثالي ڪردار موجود هجن جن جو نقل ڪري سگھن. نه ته ٻي صورت ۾ سماج ۾ اعليٰ ڪردارن جي کوٽ ۽ فقدان جي ڪري سماج ابتريءَ جو شڪار ٿي ويندو ۽ اها سماجن جي ناڪامي نه، پر استادن جي ناڪامي چئبي.
8. اثر وٺندڙ نه پر، اثر ڏيندڙ هجي: سماج ۾ اٿڻ ويهڻ سان انفرادي طور اسين سڀ سماج جو اهم جز آهيون ۽ پنهنجي ارد گرد کان ئي سڀ ڪجهه سکون ٿا ۽ ان سکڻ ۾ اسان جي سوچ، سمجھ، عمل ۽ ڪردار تي والدين، بزرگن، مٽن مائٽن عزيزن ۽ سنگتين ساٿين جو اثر پوي ٿو، پر استاد جي شخصيت ۾ ڪردار ۽ عمل جي اهڙي ڪشش هجي جو هُو نه صرف پنهنجن شاگردن لاءِ پر، پوري سماج تي پنهنجي ڪردار جي ڇاپ ڇڏي سگھي ته جيئن ٻيا سندس ڪردار جي پيروي ڪرڻ ۾ دلي سڪون محسوس ڪن ۽ کين روحاني خوشي ملي سگھي، پر جيڪڏهن استاد سماج جو اثر وٺندڙ هوندو ته اهو پنهنجي دور جي معاشري جي ته ڪابه رهنمائي ڪري نه سگھندو، ابتو سماج پنهنجي روش ۽ هلت چلت ۾ پاڻ کي صحيح پيو سمجھندو ۽ سماج اڳتي هلڻ جي بجاءِ جمود جو شڪار ٿي ويندو.
9. شجاعت ۽ دليري: تعليم جي معنيٰ ئي آهي اونداهيءَ مان نڪري روشنيءَ ۾ اچڻ، ڇو ته علم اسان کي زندگيءَ جي ڪشمڪش جي سامهون فرار ٿيڻ يا جھڪڻ جي بجاءِ مڙس ٿي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائي ٿو، تيار ڪري ٿو. تنهنڪري هڪ سُٺي استاد کي پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ جيڪا روش صحيح ڏسڻ ۾ اچي ته ان تي هلڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه هجڻ گھرجي نه ئي ڪنهن جو خوف رکڻ گھرجي. استاد کي پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ ايتري پختگي ۽ اعتماد هجڻ گھرجي، جو سندس هر عمل ٻين جي لاءِ سبق هجي. جيڪڏهن ان سوچ ۽ عمل ۾ ڪا لچڪ هوندي ته ٻيا ان منجھان اثر وٺي نه سگھندا.