نئون

نواز شريف ۽ مريم نواز جي عدليه خلاف تقريرن تي پابندي، سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس

ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ پاران نواز شريف، مريم نواز ۽ نون ليگ جي اڳواڻن جي عدليه خلاف تقريرن کي نشر ڪرڻ تي 15 ڏينهن جي پابندي لڳائڻ جي حڪم کانپوءِ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ان جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن معاملي جي ٻڌڻي اڄ ئي ڪئي ويندي. واضح رهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ پارٽي جي مختلف اڳواڻن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون ڪيون ويون هيون جنهن ۾ چيو ويو هو ته ن ليگ جا اڳواڻ عدالت خلاف تقريرون ڪري ان جي تضحيق ڪري رهيا آهن جنهن کي روڪيو وڃي. ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي ۽ ڪجهه دير ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌايو ويو ته ٻيهر ن ليگ جي اڳواڻن جي عدليه خلاف تقريرن کي ميڊيا نشر نه ڪري. ان کان علاوه عدالت اهو به چيو ته پيمرا پنهنجي نگراني جي عمل کي سخت ڪري جيئن ڪنهن جي به عدالت مخالف تقرير يا ڪوبه اهڙو پروگرام نشر نه ڪيو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل اظهر صديق ۽ عدالتي بينچ جي سربراهه مظاهر علي  اڪبر نقوي وچ ۾ مقالمو پڻ ٿيو جنهن ۾ وڪيل اظهر صديق چيو ته منهنجو ڪم عدالت مخالف تقريرن جي معاملي کي عدالت ۾ سامهون آڻڻ آهي. جڏهن ته آرٽيڪل A 19 مطابق اظهار جي آزادي جو حق هر ڪنهن کي ڏنو ويو آهي. جنهن تي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته اظهار جي آزادي لاءِ شرط لاڳو آهن ائين نٿو ٿي سگهي ته هر ڪنهن کي اجازت ڏني وڃي ته فيئر تنقيد جي نالي تي ڪجهه به ڳالهائيندو رهي. توهان آرٽيڪل A 19 سان گڏ 68 به پڙهي ٻڌايو. جنهن تي اظهر صديق چيو ته آرٽيڪل 68 ۾ ته ايترو لکيل آهي ته عدالت جي ڪنهن فيصلي خلاف ته پارليامينٽ ۾ به نٿو ڳالهائي سگهجي. ٻئي طرف چيف  جسٽس ثاقب نثار طرفان هن معاملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته هن معاملي جي اڄ ئي ٻڌڻي ڪئي ويندي ۽ ان جو فيصلو ڪيو ويندو ته نواز شريف ۽ ساٿين جي عدالت خلاف تقريرن جي نشر ٿيڻ تي پابندي لڳائي وڃي يا نه لڳائي وڃي.