پاڻي ڪميشن پاران حيدرآباد جي ڪجهه هائوسنگ سوسائٽين تي جاچ جو حڪم
سپريم ڪورٽ جي جوڙيل پاڻي ڪميشن پاران حيدرآباد اندر تازو ٺهيل هائوسنگ سوسائٽين جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پاڻي ڪميشن جي سربراهه جسٽس عامر هاني مسلم پاران اريگيشن جي آفيسر جمال مصطفيٰ سيد کي انڪوائري واري ٽاسڪ فورس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. حڪم نامي موجب جمال مصطفيٰ سيد لاڳاپيل سوسائٽين تي جاچ ڪري انهن بابت رپورٽ جمع ڪرائيندو. جسٽس هاني چيو ته هنن پروجيڪٽن جي جوڙڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کان ليٽر ورتل نه هئا. جسٽس هاني پاران ايڇ. ڊي. اي ۽ واسا جي آفيسرن تي به ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو جنهن انهن پروجيڪٽن کي بغير پاڻي ۽ بجلي جي سهولتن هوندي منظوري ڏني. ڪميشن پاران ان ڳالهه تي به ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو ته هنن اختيارين پاران سنڌ جي ٻئين نمبر واري شهر جي گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام کي به خراب ڪيو ويو آهي. ڪميشن پاران چيو ويو ته جاچ ۾ گهربل سرٽيفڪيٽ نه ڏيکارڻ تي هنن سوسائٽين کي رد ڪري سگهجي ٿو.

