بلاگنئون

شعور ڇا آهي؟

هڪ دڪاندار صبح صادق اڃان روشني ئي ظاهر نه ٿي هئي ته اچي دڪان کولڻ لڳو، جيڪو هن جو روز جو معمول هو. اتفاق سان هڪ شخص ان کي ڏسي ورتو ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچڻ لڳو ته ڏسان هي دڪاندار سڀ کان پهريان ڪهڙو ڪم ڪري ٿو؟ دڪاندار دڪان کولڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين دڪان ۾ موجود بلب کولي ٿو ته دڪان ۾ روشني ٿئي پوءِ ٻيو ڪم ڪري ٿو، اسان هن ننڍڙي مثال مان پنهنجي قوم کي به سمجهائي سگھون ٿا. اونداهي ۾ ستل قوم کي سڀ کان پهرين روشني جي ضرورت هوندي آهي. اها روشني ذهنن کي روشن ڪرڻ جي هوندي آهي، جيستائين ذهن روشن نه ٿيندا، تيستائين هي سماج به روشن نٿا ڪري سگھون. روشن سماج روشن ذهن وارو ئي ٿيندو آهي. ان کانپوءِ ئي اسان ملڪ ۾ روشني آڻي سگھون ٿا.
حقيقت هيءَ آهي ته جيستائين اسان ماڻهن جي اندر شعور جي روشني نه آڻينداسين، تيستائين ملڪ ۾ حقيقي ڪم نٿو ڪري سگھجي. اسان کي ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان پهرين آخر جو اندازو لڳائڻو پوندو، جيڪي ماڻهو سفر جي شروع ۾ سفر جي آخري حالتن جي باري ۾ نٿا سمجهن انهن جي حصي ۾ اڪثر ڪري مشڪلاتون اينديون آهن.
وليم لا (William law) 1761-1686 هڪ مشهور انگريز ليکڪ هو. ان اخلاقيات جي عنوان تي لکيو آهي ته “برائي جي شروعات غرور کان ٿيندي آهي ۽ برائي جو خاتمو انڪساري جي ذريعي ئي ٿيندو آهي.” الله جي دين ۾ به اهو ئي آهي ته الله باري تعاليٰ جي نزديڪ سڀ کان وڏو جرم يا ڏوهه شرڪ ۽ غرور آهي، هر ڏوهه ۽ گناهه جي الله باري تعاليٰ معافي ڏئي سگھي ٿو، پر شرڪ ۽ غرور جي معافي بلڪل نٿو ڏئي سگھي.
اسان جي معاشري ۾ هڪ انسان ٻئي انسان سان جيڪو ظلم ۽ جبر ڪري ٿو، اها ئي غرور ۽ وڏائي آهي. ان غرور ۽ وڏائي جي ڪري ماڻهو حق سچ جو اعتراف نٿو ڪري. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته حق سچ جو اعتراف ڪرڻ سان ان جي وڏائي ۽ دٻدٻو ختم ٿي ويندو. حالانڪه حق سچ کي نه مڃي هو پنهنجي ٺهيل ذاتي حيثيت کي به وڃائي ويهي ٿو. اسان جي معاشري توڙي هن دنيا ۾ حق ئي وڏي شيءِ آهي جنهن کان ماڻهو انڪار نٿو ڪري سگھي.
موجوده زماني ۾ اوهان پاڻ غور ڪري ڏسو ۽ سوچيو ته ڇا پيو ٿئي؟ اسان جي نوجوان نسل کي ڇا ڏيکاريو ۽ سيکاريو پيو وڃي. اسان جي ملڪ جي اڪثريت نوجوانن جي آهي ۽ اهو نوجوان تقريبن اڻ پڙهيو، نا سمجهه ۽ شعور کان لاتعلق نظر اچي ٿو. جيڪڏهن اهو پورو نسل جنهن جي هٿن ۾ ملڪ جون واڳون اچڻ واريون آهن، اهو پڙهيل لکيل، سمجهه ۽ شعور وارو هجي ها ته ڪيڏو ته سٺو ٿئي ها. اسان جي سماج ۾ لڪير جا فقير گھڻا آهن، اهي وري ان ساري معاملي جو ڏوهه قسمت تي ڏيو ويٺا آهن، انسان جي قسمت پنهنجي هٿن ۾ آهي ان کي سنواري يا بگاڙي.
ماڻهو وقت جي ستم ظريفي جيڪا عارضي هوندي آهي جنهن جو دائمي بنياد نه هوندو آهي ان کي ڏسي تمام جلد دل برداشته ٿي وڃي ٿو ۽ رڳو اهو راڳ ڳائيندو رهي ٿو ته ملڪ ۾ تمام وڏيون ناانصافيون آهن اسان سان ڪهڙو انصاف ٿيندو؟ جيڪو سراسر غلط آهي، جيڪڏهن اسان وقتي حالتن کي چئلينج سمجهي مقابلو ڪريون ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ جي مسلسل ڪوشش ڪريون ته اهڙيون شيون اسان جي معاشري ۾ جنم نٿيون وٺي سگھن.
اسان چئون ٿا ته جديد دور هلي پيو، ماڻهو وڃي چنڊ تي پهتا آهن، اتي هميشه رهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. ان کان علاوه معاشي سڌاري ۾ ملڪ رڌل آهن. اوهان غور ڪريو اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، اهو سڀ علم، شعور ۽ سمجهه سان ئي ٿي سگھي ٿو. جيستائين اسان پنهنجي نسل کي اها شيءِ نه ڏينداسين، تيستائين اسان ڪيئن سوچي سگھون ٿا ته اسان به اهو ڪري سگھون اسان جيڪو پنهنجي ايندڙ نسل کي ڏئي رهيا آهيون، اهو ڇا آهي، اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي، بدانتظامي، ڪرپشن، ٻين جا حق ڦٻائڻ، اڻ برابري جيڪو ڏاڍو سو گابو، بيروزگاري، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ، بک، بدحالي حق تلفي، محرومي، ڇا پاڪستان ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ ڇا اسان جو دين ائين ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ آئون ته سمجهان ٿو ته اسان نه دين جا رهيا آهيون نه دنيا جا، اوهان يقين ڪريو هر ماڻهو اهڙي قسم جون دانهون ۽ ڪوڪون ڪري پيو، پر ڪو ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهي.
اسان کي گھرجي ته اسان مستقبل جي معمارن کي اهڙي تربيت ڏيون، جنهن سان اسان جو ڪريل اميج ٻيهر بحال ٿئي ۽ اهو سڀ ڪجھه تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن اسان پنهنجون ذميواريون چاهي دينوي هجن يا دنياوي، اهي سڀ ايمانداري سان سرانجام ڏيون ۽ اهو سڀ ڪجھه نيڪ نيتي سان پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچايون. ان کان علاوه اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي بجاءِ سورنهن، سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪريون، ذاتي خواهشن کي هرگز پورو نه ڪريون، پنهنجي نفس جا پوڄاري ٿيڻ کان بهتر آهي ته خالق حقيقي جا صحيح پوڄاري ٿيون، اسان الله تعاليٰ کي مڃون ٿا، پر هن جي هڪ به نٿا مڃون، ائين بلڪل نه ڪرڻ گھرجي، سندس حڪمن کي خلوص دل سان مڃڻ گھرجي. ڇو ته دنيا عارضي مقام آهي ۽ اصل مقام آخرت ئي آهي.
بگڙيل، اڻ سڌريل نظام کي جيڪڏهن هن وقت قابو نه ڪيو ويو ته ايندڙ نسل اسان کي ڏوهه ڏيندو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ اونداهي واري کوهه ۾ به وڃي ڪرندو. سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪرڻ جو واحد ذريعو تعليم ئي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي تعليم ۾ بهتري آندي ۽ شعوري تعليم ڏني ته انهيءَ مصيبت مان نڪري سگھون ٿا.
آئون ڪالم نگارن، عالمن، محققن، تجزيه نگارن، ٽيليويزن جي اينڪرن، وطن سان پيار ڪندڙن، علم دوستن ۽ وسوارن کي گذارش ڪندس ته خدارا پنهنجو علم، عقل ۽ سمجهه نئين نسل تائين صحيح ۽ مثبت طريقي سان پهچايو، جيئن اسان جو آئيندو بهتر ٿئي. کوهه جو ڏيڏر ٿيڻ بجاءِ سماج سڌارڪ ٿي جهر جهنگ وڃي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪريون. اڃان وقت ويو نه آهي، اسان جيڪڏهن اڄ کان اهو ڪم شروع ڪريون ته يقين سان چوان ٿو ته منزل دور نه آهي، اسان تمام جلد پنهنجي پيرن تي بيهڻ سان گڏوگڏ دنيا ۾ سرخرو ٿي سگھون ٿا.