بلاگنئون

جسم فروشيءَ جي تاريخ

پوري دنيا ۽ قديم تھذيبن ۾ جسم فروشي قديم بادشاھن جي ذاتي شوق جي پيداوار ۽ مذھب جي آڙ ۾ جنم وٺندڙ تاريخي حقيقت آھي، جيڪا ابد کان جاري آھي ۽ خبر ناهي ڪيستائين جاري رھندي. جسم فروشي فارسي جو لفظ آھي، عربي ۾ ان لاءِ ”دارڪ“ جو لفظ استعمال ٿيو آھي، انگلش ۾ ان ڌنڌي کي Prostitution چيو وڃي ٿو، جيڪو لفظ ”پراسٽيٽيونا“ prostitunia مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ ۽ مطلب آھي پنھنجي جسم کي ٻئي جي حوالي ڪرڻ يا پنھنجو جسم پنھنجي ڪنھن فائدي لاءِ ٻئي کي ڏيڻ آھي.
قديم بابلي قانون دنيا جو پھريون قانون يا آئين تصور ڪيو ويو آھي، ان ۾ به جسم فروشي جي باري ۾ قانون ملي ٿو، ان قديم قانون ۾ جسم فروشي جي اجازت مليل آھي، پر ڪجھ شرط ۽ ضابطا به لاڳو ڪيل آھن، ان قانون مطابق جسم فروشي ھڪ عبادت به ھئي ۽ جسم فروشي کي ”مقدس جسم فروشي“ به چيل آھي، جيڪي عورتون خاص مندرن ۾ وڃي پنھنجو جسم اجنبي مردن حوالي ڪنديون ھيون انھن بابت سمجھيو ويندو ھو ته انھن جو ان سان رتبو وڌي ويو آھي، “افروڊٽي“ يا ”وينس“ يوناني ديو مالا ۾ حسن ۽ محبت جي ديوي قرار ڏنل آھي، جنھن جي ذميداري ھئي ته اھا جنسي جذبن کي ڀڙڪائي ۽ جنسي ميلاپ ڪرائي، افروڊٽي جو مندر جنسي سرگرمين جو مرڪز ھو جنھن ۾ عام توڙي مذھبي جسم فروشي به عام ھئي. قديم اسرائيل، فلسطين ۽ ڪنعان ۾ يھودين جي قانون موجب جسم فروشي ناجائز ھئي، پر اتي ڪجھ ٻين مذھبن جا ماڻھو ”اشترا“ نامي ديوي جا پوڄاري به ھئا، جنھن کي عشق ۽ طاقت جي ديوي سمجھيو ويندو ھو، جنھن جي پوڄا جسم فروشي ۽ اگھاڙپ جي ذريعي ٿيندي ھئي. يھودي ان ديوي کان شديد نفرت ڪندا ھئا. بائيبل ۾ جسم فروشي جو قصو ڪتاب پيداش جي شق 38 ۾ بيان ٿيل آھي، جنھن تحت جسم فروش عورتون رستي جي ڪناري تي منھن ويڙھي بيھنديون ھيون ۽ ان طرح سڃاتيون وينديون ھيون، گراھڪ انھن سان ملي انھن جا شرط پورا ڪري انھن مان فيض حاصل ڪندا ھئا. قديم “مايا“ تھذيب ۾ ڳاڙھا ھندي (ريڊ انڊين) جيڪي ميڪسيڪو ۾ رھندڙ ھئا جن کي اصلي آمريڪي به چيو وڃي ٿو، سي جسم فروشي جي لاءِ “جيوڪليلي“ نالي عمارتون جوڙي ان جي دروازي تي ھڪ خاص مورتي لڳائي جسم فروشي جو ڪم ڪندڙ ھئا، جيوڪليلي جو مطلب آھي عورت جو گھر، جنھن تي جيڪا مورتي لڳائيندا ھئا ان بابت تصور ھو ته اھا مورتي پليت کي پاڪ ڪندڙ ھئي. قديم يوناني سماج ۾ عورتون توڙي مرد جسم فروشي سان وابسته ھئا، ان ڌنڌي لاءِ ادارا ۽ اصول قائم ٿيل ھئا ۽ ان ڌنڌي تي ٽيڪس به لاڳو ھو. قديم روم ۾ به جسم فروشي کي قانوني حيثيت حاصل ھئي، جتي وڏن عھدن تي مقرر ماڻھو به جسم فروشي جو ڪاروبار ھلائيندڙ ھئا.
ھندستان ۾ مغل بادشاھن کان علاوه ٻين بادشاھن به جسم فروشي کي وڌايو، ان جي لاءِ اڏا قائم ڪيا ۽ جسم فروش عورتن کي ان وقت جي مھذب لفظ ”طوائف“ سان نوازيو ويو.
لاھور ۾ صديون اڳ بازارِ حسن جنھن کي بعد ۾ ھيرا منڊي چيو ويو ۾ رقص جون محفلون ۽ مجرا ٿيندا ھئا، جن مان بادشاھ، وزير، شھزادا ۽ ٻيا لطف اندوز ٿيندا ھئا. طوائفن جي اتي موجود ڪوٺن کي مھذب سمجھي بادشاھ، امير ۽ ان وقت جا رئيس پنھنجي اولاد کي اتي تعليم، تربيب ۽ تھذيب سکڻ لاءِ موڪليندا ھئا، چون ٿا ته لاھور واري قديم بازارِ حسن ۾ بعد ۾ ڪجھ خراب خاندان آيا يا پراڻن ۾ خرابيون اچي ويون ۽ جسم فروشي عام ٿي وئي. ڪراچي ۾ نيپيئر روڊ، جيڪو چارلس نيپيئر جي نالي سان منسوب آھي، ممبئي ۾ ڪماڊي پورا، دھلي ۾ ريڊ لائين اسٽريٽ ۽ لاھور ۾ بازارِ حسن جسم فروشي جا تاريخي مرڪز آھن ۽ اڄ به آباد آھن. افغانستان ۾ به ايران، يوگينڊا، تاجڪستان، چين ۽ ٻين ملڪن مان جسم فروش عورتون گھرايون وڃن ٿيون. بنگال ۾ 18 سالن کان گھٽ عمر جي ڇوڪرين کان به جسم فروشي ڪرائي وڃي ٿي. پوري دنيا ۾ جسم فروشي سان لاڳاپيل ڪروڙين عورتن مان 35 سيڪڙو عورتن جي عمر ھڪ رپورٽ مطابق 11 کان 17 سالن تائين جي آھي. جسم فروشي دنيا جي قديم، وقت حاضر جي وڏي حقيقت آھي. ان ۾ عورت ويچاري جو ڏوھ نه آھي، پر جيڪي پاڻ کي پارسا سمجھن ٿا، سفيد پوش آھن سي ڏنل خيرات جي پائي پائي کي وصول ڪري ڄاڻن ٿا. ان کان علاوه انھن ڀڙوَن جو ھن ڌنڌي کي زنده رکڻ ۾ ھٿ آھي جيڪي عورتن جي ڪمائين تي پلجڻ جا ھيراڪ ٿي ويا آھن. ڪارن ۾ چڙھي گھمن ٿا ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٽوپي انھن جي مٿي تان لھي ئي نٿي.