بلاگنئون

ڪاربان جا اثر، موسمي تبديليون ۽ حڪومتي پاليسيون

آبهوا جي تبديليءَ جي موافقت سان ملڪن جي وڌندڙ آبادي به هڪ وضاحتي عنصر آهي، جنهن تي مهل سان غور ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ان ڪري ته وڌندڙ آبادي سبب خالي ميدان هاڻي شهر بڻجي رهيا آهن، معنيٰ جن حصن تي وڻ، ٻيلا ۽ ساوڪ هجڻ گهرجي ها، انهن جاين تي هاڻي آباديءَ جي پيھ وڌندي رهي ٿي، جنهن جو انت شمار ناهي، جنهن جي حد مقرر ناهي ته جنهن ۾ چين سميت هندستان جي آبادي به ليکي ۾ آڻي سگهجي ٿي. ڇو جو جتي دنيا جي آبادي 1900 ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ هئي سا هڪ صدي گذرڻ سان 8.1 ارب ماڻهن تي پڳي آهي. جنهن جو مثال هڪ ڪمري ۾ ماڻهن جو به وٺي سگهجي ٿو، جو جنهن ڪمري ۾ ٻن ماڻهن جي رهڻ جي گنجائش هجي اتي 20 ماڻهو نٿا رهي سگهن. ان ڪري ته اهي آڪسيجن جو کاپو هوندا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ به گهڻي ڇڏيندا. ساڳيو مثال هن ڌرتي جو به آهي ته جيڪي ميدان، ٻيلا، ساوا جبل، ساوڪ وارا ميدان، جهر جهنگ ۽ وڻ ٽڻ سُڪائي ماڻهن جي آبادي وڌائي ٿي وڃي. معنيٰ ڌرتي جي انهن حصن جو ساھ منجهايو ٿو وڃي. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالھ جو انهن زرعي ۽ ساوڪ وارن حصن تي صنعتي زون جڙي ٿا پون، جيڪي هڪ پاسي ڌرتي جي ساوڪ سڪائن ٿا ته ٻئي پاسي اهي ڌرتي تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌائين ٿا. جنهن سان ڌرتي جي جيوت کي وڏو نقصان رسي ٿو، جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي ۽ آخر هي نقصان ڪٿي دنگ ڪندا ۽ ڪير انهن جي ترت اپاءُ به وٺي سگهندو.
موسمي تبديلين جي ڪري غريب ملڪ بار بار موسمياتي آفتن جو شڪار ٿي رهيا آهن، اتي پاڪستان جهڙو جيتامڙو ۽ غريب ملڪ به تباهيون ۽ برباديون ڏسي رهيو آهي، جتي بارشن جي ڪري آباد علائقا ويران ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري قومي ۽ صوبائي شعبن کي موافقت جا منصوبا ۽ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، جنهن سان موسمي شدت کي گهٽائي سگهجي ۽ ماڻهن سان گڏ زمين جي چرندڙ پرندڙ جيوت کي جيون دان ڏئي سگهجي. ڇو ته زندگي جا اهڃاڻ يا هجڻ معنيٰ انسانن جو هن گولي تي هجڻ ئي آهي، جيڪڏهن اها خلق پنهنجو پاڻ نٿي بچائي سگهي ته پوءِ اها ڳالھ ڪير به نه ڪري سگهندو. ان ڪري ته وسيلا ۽ ذريعا وري به انسان ذات وٽ آهن، خاص ڪري انهن امير ملڪن وٽ جيڪي دونهين جو اخراج گهٽائي سگهن ٿا ۽ انهن وٽ ٽيڪنالاجي ۽ ذريعا وافر مقدار ۾ آهن، ان ڪري “هم تو ڊوبينگي صنم تمهين ڀي لي ڊوبينگي” واري ڳالھ بيهندي. اها ڳالھ مڃون ٿا ته جي غريب ملڪ مري کپي ويا ته امير ملڪ به سڙي خاڪ ٿي ويندا. ڇو ته دونهون ۽ ڪاربان سڀني جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا ۽ مسلسل ٿيندا رهن ٿا. حيرت جي ڳالھ اها به آهي ته دنيا اندر ۽ خاص غريب ملڪن ۾ موسمياتي تبديليءَ جي ڪري تباهي جي قيمت مسلسل وڌندي رهي آهي. بارشن ۽ طوفانن جي ڪري غريب ماڻهو ڏينهون ڏينهن تباھ ۽ برباد ٿيندا رهن ٿا، جنهن جا اپاءُ غريب ملڪن جون رياستون به نٿيون وٺي سگهن. انهن جي وس جي ڳالھ به ناهي. غريب ملڪ اڃان تائين ڪنهن به قابل اعتماد صلاحيت جو مظاهرو نه ڪري سگهيا آهن. معاشي ترقي ۽ غربت جي گھٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ماحولياتي تبديلين سان مطابقت پيدا ڪري سگهجي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج کي گهٽائي سگهجي. ان ڪري رياست کي گهرجي ته نون واپارن کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي موافقت جي حڪمت عمليون ۽ هڪ مڪينزم جوڙي هلي ته جيئن واپار ۽ موسمياتي موافقت ۽ گھٽتائي جي وچ ۾ موجود لاڳاپن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. واپار ۽ موسمياتي تبديليون ڪيترن ئي طريقن سان هڪٻئي سان تعلق رکن ٿيون، پر ساڳي جاءِ تي موسمياتي تبديليون زراعت لاءِ وڏو چئلينج پيدا ڪري رهيون آهن، جيڪو کاڌي پيتي جي شين کي اڃان به وڌيڪ هوڪاريندڙ (چئلينجنگ) بڻائي سگهي ٿو، جيڪو خطرو اڳ ۾ ئي آهي، جيئن 2022 واري ٻوڏ اهو سمجهايو ته وڌندڙ گرمي پد سبب ۽ بار بار بارشي آفتن جي خطرن خوراڪ جي حفاظتي انتظامن، فصلن جي سڀني قسمن ۽ وڌندڙ واپار کي متاثر ڪري سگهن ٿا. ڇو جو ڪيترن ئي علائقن ۾ بيٺل فصلن کي ٿيل نقصان نه رڳو اسان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي آمدني کي متاثر ڪيو، پر فوري طور تي ماڻهن (صارفين) جي مطالبن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ شين کي پرڏيهه مان گهرائڻ لاءِ به دٻاءُ وڌايو ته جيئن ماڻهن جي پورت ڪري سگهجي. جنهن ڪري اسان جي پرڏيهي ذخيرن تي به وڌيڪ دٻاءُ وڌيو هو. ان ڪري اهڙا واقعا ۽ قدرتي آفتون شين جي قيمت وڌائڻ ۽ ناڻي جي پکيڙ ۾ اضافو ڪن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ اهي آفتون سياسي غير پختگيءَ ۾ اضافو ڪن ٿيون.
حقيقت ۾ واپار معيشت جي ڪرنگهي واري هڏي آهي ۽ بهترين آبهوا جو هجڻ پڻ ان واپار ۾ مسلسل اضافو ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ موسمي موافقت ۽ گھٽتائي ۾ پڻ حصو وٺي سگھجي ٿو. وري بين الاقوامي واپار تبديل ٿيندڙ موسم سبب خوراڪ جي حفاظتي انتظامن کي منهن ڏيڻ ۾ اڃان به وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو: مثال هارين کي نون ۽ بهترين دنيائي مارڪيٽن جا منهن ڏيکاري سگهجن ٿا ته جيئن اهي انهن ملڪن ۽ مارڪيٽن سان لهه وچڙ ۾ اچي پنهنجي زراعت بهتر ڪري سگهن، جنهن جو سادو مثال چيني ۽ روسي هارين سان رابطا ۽ لهه وچڙ کي هٿي وٺرائڻ آهي (جيڪا لهه وچڙ کڻي ادارن جي مدد سان ممڪن هجي يا ڪري سگهجي) ان ڪري ته انهن وٽ نئين ٽيڪنالاجي، مشينري ۽ ٻجن تائين بهتر رسائي جي ضرورت آهي. جڏهن ته موافقت ۽ تخفيف (گهٽتائي) ٻنهي مقصدن کي پورو ڪري سگهي ٿي. اها به ڳالھ مڃون ٿا ته شهري آبادين ۽ زرعي زمين جو رهائش لاءِ استعمال ۽ ٻيلن جي کوٽ جو سڌو سنئون اثر موسمي اثرن کي وڌائي ٿو. اها ڳالھ به سمجهڻ گهرجي ته غير معمولي ذخيرن ۽ اسٽوريج جي صلاحيت سان واپار کي وڌائي سگهجي يا ڪري سگهجي ٿو. اهو شايد هڪ اهم موقعو فراهم ڪرڻ هوندو آهي، جيڪو رياست سان گڏ عام ماڻهن کي به فراهم ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ طلب کي منظم ڪرڻ لاءِ سماجي رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ به هوندو.
نئين ڪاربان بارڊر ايڊجسٽمينٽ مڪينزم جي ڏس ۾ يورپي يونين جي اڳواڻي ۾ ٻين ترقي ڪيل ملڪن جي طرفان تمام گهڻي پيروي ڪئي وئي آهي، جيڪا گهڻي پنهنجي حساب سان ترقيءَ تي آهي. اهي ڪاربان تي ٽيڪس جو تصور به نٿا ڪن. ڇو ته دنيا جون سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمون انهن صنعتن تي ماحولياتي گدلاڻ وڌائڻ جي ڪري ٽيڪس لاڳو ڪري سگهن ٿيون ته جيڪي به گهڻي ڪاربان خارج ڪندا اهي ٽيڪس ادا ڪندا ۽ جيڪي غريب ملڪ انهن جي گدلاڻ جي ڪري متاثر ٿين يا رهن ٿا اهي انهن جي ٽيڪس مان پنهنجي نقصان جو ازالو ڪندا رهن. ان ڪري امير ملڪن تي اهو به فرض آهي ته اهي ڪمايل دولتن مان غريب ملڪن جي امداد ڪندا رهن. ان ڪري نجي شعبي جي ڪاروباري دنيا ڪاربان مئنيجمينٽ اسڪيمن ۽ ڪاربان ليبلنگ جي شروعات وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي. تحقيقون سمجهائين ٿيون ته اهو نتيجو ٿيندو واپاري ڀائيوارين جي اثر ۾ وڌيڪ موثر آهي. مثال طور: بنگلاديش ۾ ٽيڪسٽائل ۾ سبز ٽيڪنالاجي جو تازو مثال بين الاقوامي مارڪيٽن تائين هڪ برتري ۽ مستحڪم پهچ ڏيکاري آهي. خاص طور تي انهن ملڪن جي مقابلي ۾ جيڪي گرين ٽيڪنالاجين ۽ ڪاربان جي گهٽتائيءَ ڏانهن اڃان تائين منتقل نه ٿيا آهن. پاڪستان جهڙن ڪيترن ئي ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ اهو ضروري ٿي ٿو پوي ته نه رڳو ڪاربان جي اخراج کي گهٽائي ۽ پنهنجي پيداواري لائين کي ۽ ڪاربان جي ليبلنگ (نشاندهي) کي به متعارف ڪرايو وڃي. سڀ کان وڌيڪ اهم اهو به آهي ته اڀرندڙ رجحان جيڪي واپاري پارٽنر ۽ مقابلن پاران مقرر ڪيا ويا آهن انهن تي نظر رکي، جيڪي ساڳيون مصنوعات ساڳين مارڪيٽن ڏانهن برآمد ڪري رهيا آهن. 2021 ۾ قومي طور تي طئي ٿيل تعاون ۽ تحقيقن مطابق پاڪستان توانائي ۽ صنعتي شعبن جي ڀيٽ ۾ زراعت ۽ ٻيلن جي نه هجڻ جي ڪري ڪاربان جو وڌيڪ اخراج ڪري ٿو، جنهن جي ڪري پيداواري توانائي، صنعتن ۽ هلندڙ ٽرانسپورٽ سان ڪاربان جي شدت تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو، ان ڪري پاڪستان جي متوقع اخراج ۾ ڪجھ اصلاحي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري واپاري صلاحيتن مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
ماحولياتي بهترين نظام به هڪ مضبوط بچاءُ ۽ موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو، جنهن سان پيداوار جي قوت وڌائي سگهجي ٿي، پر ان جي باوجود ملڪ ۾ اڃان تائين ڪيتريون ئي رڪاوٽون موجود آهن. جنهن ۾ ٽيڪس يا واڌو ٽيڪس جا نظام به رڪاوٽن جا اعليٰ مثال آهن. ڇو ته اهي ٽيڪس هڪ بي ترتيب ۽ متضاد پاليسين جو شڪار رهندا آيا آهن، جنهن ۾ قابل تجديد توانائي تي ٽيڪس مثال طور: شمسي پينل ۽ ونڊ ٽربائنز (اڪثر ڪري) اوچتو ئي اوچتو گذريل سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديل ڪيا ويا آهن، جيڪي گهڻو ڪري معيار مدت جي سرٽيفڪيشن جي ڪري محدود هوندا آهن. ماحول جي لحاظ کان ترجيحي شين تي وڏي ٽيڪس هنئي وڃي ٿي، جيڪڏهن گرين ٽيڪنالاجي وارين شين جي عام واهپي کي ٽيڪس فري ڪيو وڃي ته به گرين ماحول ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، پر ان لحاظ کان ملڪ جو علائقائي ۽ بين الاقوامي واپار ۾ حصو گهٽجي رهيو آهي، تنهنڪري انهن شعبن لاءِ ايندڙ ڏکائيون اڃان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿيون.