ترجمو: زاهده ابڙو
جيڪڏهن پنهنجي ايراني مُهِمن مان ڪجهه بچائي کڻي آيو هئس ته بس اهي ڪجهه کوجنائون ۽ خواهشون هيون- مون کي تهران پهچڻ ۾ هڪ مهينو لڳو هو ۽ ٽي مهينا اتان ٻاهر نڪرڻ ۾ لڳا هئا- مون ايران جي گهٽين ۾ ڪجهه ننڍڙا ۽ ٿڪائي ڇڏيندڙ ڏينهن ئي گذاريا هئا، مون کي ايترو وقت ئي نه مليو جو اتان جون خوشبوئون پنهنجي دماغ جي ان حصي ۾ لاهي سگهان ۽ انهن کي محفوظ ڪري رکان ايترو وقت ئي نه مليو جو ڪنهن سان ملان ۽ ڪو مشاهدو ڪيان- ڪيترائي جسم هئا جيڪي مون کي ان منع ڪيل زمين طرف سڏي رهيا هئا: منهنجي فخرمند حقي پيارڻ واري جو ٿڪل ۽ بدنما هٿ، پاڻيءَ جي ظروف ۾ پيل ڪوئلن مان اٿندڙ دونهن جي پيچدار گولن تي منهنجي حڪمراني، شيرين جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلڻ، هڪ واعدو ڏاڍي پاڪ بازي سان پيش ڪيل هڪ ماءُ جي ڇاتين تي منهنجا چپ ۽ هر شيءِ کان مٿانهون اهو هٿ سان لکيل ڪتاب جيڪو پنهنجي نگهبان جي ٻانهن ۾ کليل منهنجو انتظار ڪري رهيو هو-
اهي جن کي اوڀر جو سودو ڪڏهن ڀانئي نه پيو، مان تمام مشڪل سان اهو چوڻ جي جرئت ڪري سگهان ٿو ته ڇنڇر جي ڏينهن سج لٿي وقت مان ترڪي سليپر، ايراني عبا ۽ رڍ جي کل جي ٽوپي پائي انا پولس جي سامونڊي ڪناري تي هڪ اهڙي ٽڪري تي گهمڻ لاءِ نڪتس جيڪو منهنجي ڄاڻ مطابق تمام سنسان هو- اتي ڪوبه ساهه کڻڻ وارو موجود نه هو، ۽ واپسيءَ وقت پنهنجي بردباريءَ ۾ گهمندڙ رستي کان “ڪمپرومائيز روڊ” جي پاسي وڌندو ويس جيڪو بلڪل سنسان نه هو- “شام بخير مسٽر ليسيج،” “سير مبارڪ هجي مسٽر ليسيج-” “شام بخير مسز بي ماسٽر، مس هائيچرچ،” صاحب سلامتيون گونجڻ لڳيون، “شام بخير ريورينڊ”- اهي نجوميءَ جا مٿي کڄيل ڀرون هئا جن مون کي واپس موٽايو- مان هڪدم بيهي رهيس، ندامت مان سيني کان وٺي پيرن تائين پنهنجو جائزو ورتم، پنهنجي ٽوپيءَ کي هٿ لاهي ڏٺم ۽ تيزيءَ سان هلي پيس- منهنجي خيال ۾ مان ڊوڙي رهيو هئس، عبا ۾ ايئن ويڙهيل هئس ڄڻ ڪنهن جي اگهاڙپ کي ڍڪي رهيو هجان- گهر پهچندي ئي پنهنجي لباس کان جان ڇڏايم ۽ قطعي انداز سان ان کي گول ڪري ڪاوڙ مان ٻُهاري واري ڪٻٽ ۾ صفا پٺيان ڌڪو ڏيئي زور سان اڇلايم-
ان حرڪت کي ٻيهر دهرائڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪڻ لاءِ مون پنهنجي ڏاڍي سخت نگراني ڪئي، پر هاڻي ڇا ڪيو وڃي جو ان واحد چهل قدميءَ مون تي “چريائپ” جو ٺپو هڻي ڇڏيو اهڙو ٺپو جو ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته مون سان سڄي زندگي رهڻ وارو هو- برطانيه ۾ ان قسم جي ماڻهن کي هميشه دوستاڻي بلڪه پسنديده نظرن سان ڏٺو ويو آهي شرط اهو آهي ته انهن وٽ مالدار هجڻ جو عذر موجود هجي- آمريڪا، انهن ڏينهن ۾ مشڪل سان ئي ان قسم جي شين جو بار کڻي ٿي سگهيو، ملڪ خود پسنديءَ واري احتياط سان گڏ صدي پوري ڪرڻ وارو هو- شايد نيويارڪ يا سان فرانسسڪو ۾ اها صورتحال نه رهي هجي، پر منهنجي شهر ۾ يقينن هئي- فرانسيسي ماءُ ۽ ايراني ٽوپي- اهو انا پولس جي لاءِ معقول هجڻ کان وڌيڪ ٻطرفو تماشو هو-
اهو تاريڪ پاسو هو منهنجي بيوقوفيءَ جا ڪجهه روشن لمحا به هئا- ان سان مون کي ڏسندي ئي ڏسندي اوڀر جي هڪ عظيم کوجيءَ واري شهرت ملي وئي جنهن جو مون کي ڪو حق ڪونه هو- مقامي اخبار جي ايڊيٽر مٿايس ويب، جنهن جي ڪن تي منهنجي چهل قدميءَ جي ڀڻڪ پئجي وئي هئي، مون کي ايران بابت پنهنجا تجربا مضمون جي صورت ۾ لکڻ جي تجويز ڏني-
منهنجو خيال آهي ته انا پولس گزيٽ اينڊ هيرالڊ ۾ ايران جو نالو آخري ڀيرو 1856ع ۾ آيو هو ۽ اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن اوقيانوس جي آرپار هلڻ وارو بحري جهاز- فخر “ڪيونارڊ” ڪمپني پهريون ڀيرو معدني ڍانچي مان ٺهيل چپو چرخيءَ جي ٻيڙي برفاني گليشيئر سان ٽڪرايو هو- جهاز جي عملي ۾ اسان جي علائقي جا ست ماڻهو مري ويا هئا- ان بدقسمت جهاز جو نالو “پرشيا” هو-
بحري قسمت جي نشانين سان نه کيڏجي- مون پنهنجي مضمون جي تمهيد ۾ اهو به ٻڌائڻ ضروري سمجهيو ته “پرشيا” وارو اصطلاح صحيح ڪونه هو ڇو ته خود فارس جا رهڻ وارا پنهنجي ملڪ کي “ايران” سڏين ٿا جيڪو هڪ بيحد پراڻي فقري “ايران ويجا” (AIRANIA VAEDJA) جنهن جي معنيٰ آرين جي زمين جو مخفف آهي-
ان کانپوءِ مون عمر خيام جو ذڪر ڪيو، اهو واحد ايراني جنهن بابت گهڻن پڙهڻ وارن ٻڌو هوندو، ۽ سندس هڪ رباعي لکي جيڪا مڪمل طور تي شڪ ۾ رڱيل هئي- “جنت يا جهنم- ڪڏهن ڪنهن جو انهن جاين تان گذر ٿيو؟” ان هڪ ڏاڍي ڪارائتي تمهيد جو ڪم ڏنو جنهن کانپوءِ مون ڪجهه ڳتيل ڪتابن مان ڏاڍي شد ۽ مد سان ڪيترن ئي مذهبن جو ذڪر ڪيو جيڪي آڳاٽي وقت ۾ فارس جي سر زمين تي وڌي وڻ ٿيا، جيئن زرتشتي مذهب، ماني مذهب، سني ۽ شيعه اسلام اهو اسماعيلي فرقو جنهن کي حسن صباح قائم ڪيو هو ۽ اسان جي زماني ۾ ويجهو بابي، شيخي ۽ بهائي- مان اهو به ٻڌائڻ نه وساريو ته اسان جو لفظ پيراڊائيز اصل ۾ فارسي ٻوليءَ جي پرديس مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ “باغ” آهي-
مٿايس ويب منهنجي علمي وصعت تي مون کي مبارڪون ڏنيون، جڏهن مون سندس ئي تعريف مان همت پڪڙي وڌيڪ باقاعدگي سان لکڻ جي تجويز پيش ڪئي ته هو ٿورو منجهيل نظر آيو ۽ ٿورو ناراض به-
“سچ ۾ دل چوي ٿي ته توکي آزمائي ڏسان شرط اهو آهي ته واعدو ڪر ته پنهنجين لکڻين ۾ وحشي لفظن مان ۽ پنهنجي بيزار ڪندڙ عادت مان جان ڇڏائي وٺندين!”
حيراني ۽ غير يقيني منهنجي چهري تي پکڙيل هئي- ويب وٽ پنهنجا سبب هوندا-
“گزيٽ وٽ پنهنجا مالي ذريعا ناهن جو هڪ ماهر ايراني کي مستقل پاڻ وٽ رکي ها، پر جيڪڏهن تون سڀني پرڏيهي خبرن جو ذمو کڻين ۽ سمجهندو هجين ته پرڏيهي ملڪن کان اسان جي هم وطنن کي تون هٿ ۾ ڪري انهن کان خبرون وٺڻ جي صلاحيت رکين ٿو ته اخبار ۾ تنهنجي لاءِ جڳهه آهي- تنهنجي مضمونن ۾ گهرائيءَ جي ڪميءَ کي ان وسعت سان پورو ڪيو ويندو-”
اسان ٻنهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مرڪي ڏنو، هن ٺاهه طور سگار پيش ڪرڻ کانپوءِ چيو:
“ڪلهوڪي ڳالهه ئي آهي خارج جو اسان لاءِ ڪو وجود ئي ڪونهي اوڀر “ڪيپ ڪاڊ” تي اچي بيهي رهندو هو هاڻي اوچتو ئي هڪ صديءَ جي ختم ٿيڻ ۽ ٻي صديءَ جي آغاز جي بهاني سڄي دنيا جا غريب اسان جي پرسڪون شهر ۾ گهڙي آيا آهن-”
اهو ٻڌائڻ انتهائي ضروري آهي ته اسان جو اهو بحث 1899ع ۾ ٿي رهيو هو مطلب اسپيني آمريڪي جنگ کان ٿورو پهرين جيڪي اسان جي فوجن کي نه رڳو ڪيوبا ۽ پورٽوريڪو وٺي ويا هئا بلڪه فلپائن به- متحده آمريڪا پنهنجي سامونڊي پٽين کان ايترو پري اقتدار جو مظاهرو ان کان پهرين ڪڏهن به نه ڪيو- خسته حال اسپيني سلطنت تي اسان جي فتح ۾ رڳو ٻه هزار چار سئو سپاهي ڪتب آيا هئا، پر اناپولس ۾، جيڪا بحري اڪيڊمي جو مرڪز آهي، هر جاني نقصان جي نوعيت ڪنهن رشتيدار، هڪ دوست يا ٿيندڙ مستقبل جي مڱينديءَ جي موت کان گهٽ نه هئي، منهنجي شهر جي انتهائي قدامت پسند ماڻهن صدر ميڪنلي کي ڏاڍو خطرناڪ ۽ غير ذميدار چيو-
چئجي ته ويب جي اها راءِ بلڪل به نه هئي، پر هن کي پنهنجي پڙهندڙن جي وهمن کي هر حال رو رعايت ڏيڻي هئي- اهو نُقطو منهنجي ذهن ۾ ويهارڻ لاءِ هو، اهو سنجيده ۽ اڇن وارن وارو خانداني اڳواڻ بيٺو هو، هڪ رڙ ڪيائين ڏاڍو کل جهڙو منهن ٺاهيائين ۽ پنهنجين آڱرين کي مٿي ڪري اهڙو پيچ ڏنائين ڄڻ ڪنهن بلا جو پنجو هجي-
“ڏکوئيندڙ ٻاهرين دنيا وڏا وڏا قدم کڻندي اناپولس ڏانهن اچي رهي آهي، ۽ تنهنجو فرض، بينجامين ليسيج، پنهنجي وطن جي ماڻهن کي اطمينان ڏيارڻ آهي-”
اها ڳري ذميداري هئي جنهن کي مون بنا ڪنهن حيلي بهاني پورو ڪيو- منهنجي اطلاعن جا ذريعا پئرس، لنڊن ۽ ظاهري ڳالهه آهي نيويارڪ، واشنگٽن ۽ بالٽيمور جا اخباري مضمون هئا- مون بوير جي جنگ، 1904-1905ع ۾ زار ۽ مڪاڊو جي وچ ۾ ٿيڻ وارو جهڳڙو يا خراب حالتن جي باري ۾ جيڪو ڪجهه به لکيو، افسوس ته ان مان هڪ سٽ به تاريخ جو حصو بنجڻ جي لائق نه هئي-
مون جيڪو ڪجهه ايران جي موضوع تي لکيو بس ان تي منهنجي صحافياڻي پيشي جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو- مون کي فخر آهي ته گزيٽ ئي اها پهرين آمريڪي اخبار هئي جنهن کي مستقبل ۾ ٿيڻ واري ڌماڪي جي سڌ پئجي وئي ۽ جنهن جي خبر 1906ع جي آخري مهيني ۾ سڀني عالمي اخبارن جو گهڻو ڪالمي حصو ٿيڻ واري هئي- پهريون ۽ شايد آخري ڀيرو انا پولس گزيٽ ۽ هيرالڊ جي مضمونن جو ٻين جڳهين تي حوالو ڏنو ويو ايتري حد تائين جو ڏکڻ ۽ اوڀر ڪوسٽ جون سٺ کان وڌيڪ اخبارون ان خبر کي اکر جو اکر ائين ئي نقل ڪري پيش ڪري رهيون هيون-
منهنجي شهر ۽ اخبار تي گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ايترو حق ته ٿيو ٿي- ۽ ان لاءِ مان شيرين جو شڪرگذار هئس- حقيقت اها آهي ته سندس مهربانيءَ سان، ۽ منهنجي ايران ۾ رهڻ جي تجربن سان، يا اتي جيڪي واقعا پيش اچڻ لاءِ پنهنجا پر پکيڙي رهيا آهن انهن کي پوري نموني سمجهڻ جي اهل ٿيس- ست سال ٿيڻ وارا هئا مون کي پنهنجي شهزاديءَ طرفان اڃان تائين ڪجهه به نه مليو هو- جيڪڏهن ان هٿ سان لکيل ڪتاب جي حوالي سان هوءَ مون کي جواب ڏيڻ جي مقروض هئي ته بهرحال هن هڪ جواب موڪليو ئي هو جنهن منهنجي اڃ ته نه اجهائي هئي پر پورو پنو جواب هو- مون کي وٽانئس ٻيو ڪجهه ملڻ جي اميد نه هئي، جنهن جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪا اميد ئي نٿي ڪئي- جڏهن به ڊاڪ ورهائبي هئي، اهو خيال مون کي ضرور ايندو هو ۽ مان سندس تحرير جي تلاش ۾ لفافن تي نظر وجهندو هئس، ڪنهن اهڙي ٽڪليءَ جي ڳولا ڪندو هئس جنهن تي ڪجهه فارسي لفظ لکيل هجن، پنج جي عدد جي تلاش جنهن جي شڪل دل سان ملندڙ جلندڙ آهي- مان پنهنجي روزاني واري مايوسيءَ کان خوفزده نه هئس، بلڪه ان جو تجربو انهن خوابن جي خراج عقيدت طور ڪندو هئس جيڪي منهنجي چوڌاري پکڙيل هئا-
اهو ٻڌائڻ واجب آهي ته ان دور ۾ منهنجا گهروارا تازو ئي اناپولس ڇڏي بالٽيمور اچي ويا هئا جتي منهنجي پيءُ جو تمام گهڻو اهم ڪاروباري مرڪز هو- هو پنهنجن ٻن ننڍن ڀائرن سان گڏجي هڪ بينڪ کولڻ جي باري ۾ سوچي رهيو هو- باقي رهيس مان ته مون انهيءَ گهر ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو جتي مان ڄائو هئس، هڪ پوڙهي اڌ ٻوڙي بورچيءَ سان گڏ، ان شهر ۾ جتي منهنجا ڪجهه سٺا دوست هئا- ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته منهنجي اڪيلائي ئي منهنجي انتظار واري شوق کي تمام گهڻو وڌائي ڇڏيو هو-
پوءِ، هڪ ڏينهن، آخرڪار شيرين جو خط مليو- هن طويل خط ۾ ان هٿ سان لکيل سمرقند ڪتاب جي باري ۾ هڪ لفظ به نه لکيو هو ۽ نه ئي ڪا ذاتي ڳالهه، صرف اهو ته هن شروعات ائين ڪئي “پيارا پري رهندڙ دوست”- ان کانپوءِ انهن روزانين ڳالهين جو ذڪر هو جيڪي ان جي اوسي پاسي ئي رهڻيون هيون- سندس بيان ۾ ڏاڍي محنت سان جمع ڪيل تفصيلن جي گهڻائي هئي، جن مان ڪا ڳالهه اجائي نه هئي، ان وقت به نه جڏهن اها منهنجي عام نظر ۾ ايئن ئي معلوم ٿي رهي هئي مان سندس ذهانت جو عاشق هئس ۽ ان ڳالهه تي مون کي ناز هو ته هن پنهنجي خيالن جو ثمر پيش ڪرڻ لاءِ سڀني مردن ۾ منهنجي چونڊ ڪئي-
ان لمحي کانپوءِ منهنجي زندگي سندس ماهوار خط جي ساز ۽ سُر تي گذرڻ لڳي، اهو خط جنهن ۾ جيئرا جاڳندا واقعا هئا، ۽ جيڪڏهن هن مون کان رازداريءَ جو مطالبو نه ڪيو هجي ها ته مان انهن کي جيئن جو تيئن شايع ڪري ڇڏيان ها- پر هن مون کي ايتري اجازت ضرور ڏني هئي ته مان ان مان ڏنل معلومات مان پنهنجي شوق مطابق ڪجهه شيون کڻي استعمال ڪري سگهان، جيڪي مون نهايت ئي بيشرميءَ سان استعمال ڪيون جيئن مون انهن مان نتيجو ڪڍيو، ڪڏهن ڪڏهن ته مون انهن جون ڏنگيون ۽ اٽيلڪس هٽائڻ جي زحمت به نه ڪئي ۽ پوري جا پورا ٽڪرا ترجمو ڪري استعمال ڪري ڇڏيا- پر حقيقتن کي پنهنجي پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪرڻ جو منهنجو انداز سندس انداز کان مختلف هو مثال طور، شهزاديءَ کي هن ريت لکڻ جو خيال ڪڏهن ڀل ۾ به نه آيو هوندو:
“ايراني انقلاب ان وقت برپا ٿيو جڏهن هڪ بيلجين وزير کي هڪ مُلي جو ناٽڪ رچائڻ جو تباهه ڪندڙ خيال آيو-”
خير اهو حقيقت کان ڪجهه وڌيڪ پري به ڪونه هو، چئجي ته شيرين جي ويجهو بغاوت جا آثار ان وقت ئي نظر اچي رهيا هئا جڏهن شاهه 1900ع ۾ “ڪونتريڪسويل” ۾ زير علاج هو- اتي کيس پنهنجي درٻارين سان گڏ وڃڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هئي- معمول مطابق سندس خزانو خالي هو جيتوڻيڪ ان زار کان قرض گهريو هو ۽ کيس 2.22 ملين روبل عطا ڪيا ويا هئا-
ان کان وڌيڪ زهر جهڙو تحفو پهريان شايد ڪڏهن نه ڏنو ويو هوندو- اها پڪ ڪرڻ کانپوءِ ته سندن ڏکڻ وارو پاڙيسري جيڪو لڳاتار ڏيوالپڻي جي ويجهو رهيو ٿي ايتري وڏي رقم واپس ڪري سگهندو، سينٽ پيٽرس برگ جي انتظاميه ايراني ڪسٽم هائوس پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿي ويو هاڻي ڪسٽم هائوس جا سڀئي ٽيڪس سڌو سنئون انهن ڏانهن ٿي ويا- پورن پنجهتر سالن لاءِ! ان ڳالهه کان پوري طرح آگاهه هجڻ ته اها ڪيتري وڏي رعايت هئي ۽ ان ڳالهه کان خوفزده به ته ڪٿي ٻيون يورپي طاقتون ايران جي غير ملڪي واپار تي پنهنجو مڪمل قبضو ڄمائڻ ۾ مقابلي ۾ نه اچي بيهن، زار ڪسٽم هائوس جو انتظام پنهنجن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ۽ شاهه ليوپولڊ ٻئي کي انهن مٿان ترجيح ڏني- ان ريت لڳ ڀڳ ٽيهه سال بيلجين عملدار شاهه جي درٻار ۾ پهتا ۽ انهن جو اثر ۽ رسوخ انهن بلندين تائين پهتو جو دماغ چڪرائجي وڃي. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪارندو، ڪوئي موسيو نائوس، اقتدار جي بلندين تائين پهچي ويو- انقلاب کان ٿورو اڳ هو ملڪ جي مجلسِ اعليٰ جو رڪن، مواصلات جو وزير، ايران جي ملڪي خزاني جو خازنِ عام، پاسپورٽ اداري جو اڳواڻ ۽ ٽيڪس کاتي جو مديرِ عام هو ان کان علاوه ٻيا فرض، سندس ذمي سڄي مالي نظام جي نئين سر جوڙجڪ به هئي ۽ خچرن تي ڍوئجندڙ مال تي لڳل ٽيڪس به ان سان ڳنڍيو ٿو وڃي-
اها چوڻ جي هاڻي باقي ضرورت ناهي ته ان وقت تائين موسيو نائوس سڄي ايران ۾ سڀ کان وڌيڪ قابلِ نفرت هستي بڻجي چڪو هو هو غير ملڪي قبضي جي علامت هو ڪڏهن ڪڏهن کيس هٽائڻ جي مطالبي جو ڪٿان ڪو آواز اٿندو هو، هڪ مطالبو جيڪو هونئن به ڪجهه وڌيڪ حق تي هو ته صاحب نه رشوت خوريءَ کان مٿانهون هو ۽ نه ئي منجهس ڪنهن ڪم ڪرڻ جي اهليت هئي- ان جي باوجود، هو پنهنجي جڳهه تي قائم رهيو، ڇو ته کيس زار جي پٺڀرائي حاصل هئي، يا کڻي ايئن چئجي ته ان پراڻ پسند ۽ هيبتناڪ ٽولي جي جيڪو زار کي گهيرو ڪيو ويٺو هو ۽ جنهن جا سياسي مقصد هاڻي سينٽ پيٽرس برگ جي سرڪاري صحافتي اداري ۾ کُلي عام تذڪرن ۾ هئا- مطلب ته ايران ۽ ايران نار (خليج فارس) جي بنا ڀائيواري سرپرستي ۽ عملداري-
موسيو نائوس جو اقتدار تمام مضبوط پئي نظر آيو ۽ مضبوط ئي رهيو تان جو خود ان جي سرپرست کي ئي لوڏي رکيائين- ۽ اهو ايتري تيزيءَ سان ٿيو جو ايران ۾ ڪوبه ان جو تصور نٿي ڪري سگهيو- ٻن واقعن ان کي عمل ۾ آندو- پهريون جاپان سان جنگ جيڪا سڄي دنيا ڏسي دنگ رهجي وئي، زار جي شڪست ان جي ٻيڙي جي تباهيءَ تي ختم ٿي- پوءِ روسي عوام جي ڪاوڙ جنهن کي روسي سربراهن جي نااهلي سبب شڪست هوا ڏني: پتمپڪن ۾ گوڙ ڪرنشٽاٽ جي بغاوت، سيبا ستوپول جي سرڪشي ۽ ماسڪو ۾ ٿيڻ وارا واقعا- مان انهن حقيقتن جو تفصيل سان ذڪر نه ڪندس جن کي ڪوبه وساري ناهي سگهيو پر تاڪيد طور اها ڳالهه ڪندس ته ان جو اثر ايران تي ڏاڍو تباهه ڪندڙ پيو خاص طور تي اپريل 1906ع ۾ جڏهن نڪولس ٻئي کي “دوما” منعقد ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو-
اها حالت هئي جنهن ۾ اهو انتهائي درجي جو معمولي واقعو پيش آيو- هڪ بيلجين عهديدار جي گهر هڪ نقاب پوش محفلِ رقص منعقد ٿي جنهن ۾ موسيو نائوس هڪ مُلا جي روپ ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ڏاڍو گوڙ ٿيو کل ڀوڳ ٿي، ڏاڍيون تاڙيون وڳيون، ماڻهو مبارڪ ڏيڻ لاءِ سندس چوڌاري جمع ٿيا ۽ ساڻس گڏ تصويرون ڇڪرايون- ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انهن تصويرن جون سوين ڪاپيون تهران جي بازارن ۾ ورهائجي رهيون هيون-
***