بلاگنئون

پاڻي جي وهڪرن کي رستا ڏنا وڃن ۽ هر شهر جي لاءِ ماسٽر پلان جي ضرورت آهي

شهري آبادين ۾ ٻوڏ جو اچڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي نه ئي ڪو اربن فلڊ ڪو اجنبي لفظ آهي يا ڪا انوکي وارتا آهي. ڇو ته ڪراچي کان لاهور ۽ پشاور تائين ملڪ جا سمورا شهر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مون سون دوران شهري ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيا آهن. گذريل سالن کان وٺي موسمياتي تبديليون شديد ترين ۽ غير يقيني موسمي صورتحالون کڻي آيون آهن، جن شهري نظامن کي درهم برهم ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻي صورت انهن پڪن شهرن جي نظامن کي به بي نقاب ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري شهري زندگي سان گڏ ملڪي معيشت به تباھ ٿي وئي هئي ۽ گڏوگڏ شهري ملڪيتن ۽ جانين کي پهچندڙ نقصانن جي انديشن ۽ خطرن کي وڌائي ڇڏيو هو. شهري ٻوڏ جي مثالن مان هڪ مثال 27 آگسٽ 2020 جو وٺي سگهجي ٿو، جنهن ۾ پوسٽ مون سون جي بارشن ڪراچيءَ شهر جي اڪثر علائقن کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻوڙي پاڻيءَ هيٺ آڻي ڇڏيو هو، جنهن ۾ ڊفينس جهڙا علائقا به ٻڏي ويا هئا، جنهن ۾ ڪروڙين رپين جون اليڪٽريڪل ۽ هائبرڊ گاڏيون ٻڏي تباھ ٿي ويون هيون ۽ انهن ڏينهن ۾ برساتن لاهور ۽ پنجاب جي ٻين هنڌن تي گهٽ ۾ گهٽ 26 حياتيون ضايع ڪري ڇڏيون هيون ۽ پشاور جي لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري گهر گهاٽ، ندين جي ڪناري ٺهيل هوٽلون، ريسٽ هائوس ۽ ٻيون ملڪيتون لڙهندي نظر آيون. ان ڪري شهري آباديءَ کي اهڙين سلائيڊنگ جو خطرو ضرور رهي ٿو، جنهن ۾ مالي ۽ جاني نقصان ٿين ٿا، پر اهو تڏهن ٿو ٿئي جڏهن تيز برساتن جي ڪري گڏ ٿيندڙ سطحي پاڻي شهري نيڪال جي نظام سان گڏجي سموري نيڪال جي سرشتي کي به بگاڙي ٿو. ڇو ته اهو نظام اضافي پاڻي وهائي نٿو سگهي ۽ ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو رهي ٿو ۽ وقت سان گڏ اها حالت ويتر وڌي خراب به ٿيندي ٿي رهي. اهو مسئلو تڏهن ٿو ٿئي جڏهن شهرن لاءِ مناسب منصوبابندي نٿي ڪئي وڃي ۽ شهري آبادي جي ترقي بنا ڪنهن منصوبابنديءَ جي وڌندي رهي ٿي، جنهن ۾ اهو به آهي ته وقت سر وڌندڙ شهري آباديءَ جي پکيڙ، نامناسب بارشي پاڻي جي نيڪال جو نظام، سالڊ ويسٽ جو هنڌ هنڌ جمع ٿيڻ ۽ حددخلين جي ڪري بند ٿيل سيوريج لائنن جو مسئلو بي ترتيب تعميرات جي ڪري قدرتي نيڪال جي رستن جي تبديلي، روڊ رستن ۽ نالن تي قبضا ۽ ناقص شهري انتظام جي ڪري اهي مصيبتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، جن جي ڪا مهل سان سارسنڀال نٿي لڌي وڃي.
يا اها ڳالھ به مڃڻ گهرجي ته فطري نظام به شديد ۽ غير يقيني برساتن لاءِ ذميوار تڏهن هوندا آهن، جڏهن ماحولياتي گدلاڻ نامناسب طرح سان وڌي ٿي وڃي. ڇو ته اهڙيون غير يقيني حالتون آفتن کي اچڻ لاءِ دعوت ڏين ٿيون ۽ خالص طور تي انسانن جي ٺاهيل ناقص نظامن جا سبب اهي آفتون ئي آهن. وري اها حقيقت به سامهون آهي ته شهري علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته آبادي ۾ واڌ جي وڏي شرح ڳوٺاڻن علائقن مان شهري علائقن ڏانهن لڏپلاڻي رهي آهي، جيڪا 2050 تائين تقريبن ملڪ جي اڌ آباديءَ جيتري ٿي ويندي. اتي اها ڳالھ به مڃجي ته جيڪي به شهري آباديءَ جون اسڪيمون آهن، جنهن ۾ 57 شهر رڳو پنجاب جا آهن جن ۾ اربنائيزيشن جي عمل جي تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، جتي سرڪار پاڻ ماڻهن ۾ رجحان پيدا ٿي ڪري ته اهي صنعتي زون جي طرف وڌي اچن ۽ شهري آبادي کي وڌائين. ان ڪري شهري ٻوڏ، طوفان، گرميءَ جو پد، هيٽ ويوَ ۽ گليشيئر جي پگهرجڻ جا وڌندڙ واقعا شهري رٿابندي ڪندڙن لاءِ هڪ وڏو چئلينج پڻ آهن، جنهن جي لاءِ هڪ پيرائتي حل جي ضرورت آهي. موجوده شهري ترقي جي پاليسين ۾ جيڪا نمايان ترقي ٿي آهي، سا روڊن رستن جي وري وري مرمت، پلين جو گهڻي مقدار ۾ ٺهڻ، سگنل فري ڪوريڊور جي وڌندڙ تعمير ۽ رجحان جنهن ۾ رڳو ماڻهن کي ذاتي گاڏين جي لاءِ گهرن تائين رستا ٺاهي ڏيڻ ۽ گرين، ريڊ، اورينج ۽ وائيٽ اليڪٽريڪل بسين جا الڳ الڳ ٽريڪ ٺاهڻ به آهي، پر شهري رٿابندي وارين اختيارين کي ان ڳالھ ۽ رجحان کان به گهڻو اڳتي ڏسڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ هر شهر کي هڪ ماسٽر پلان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن برساتن جي وڌندڙ شدت کي نظر ۾ رکندي سيوريج ۽ بارشي پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام جي صلاحيت کي وڌائي سگهجي. ان سان گڏوگڏ ساوڪ وارين جاين جڳهين جن ۾ رستن جا وڻ ۽ پبلڪ پارڪ پليسز جي ساوڪ ۽ وڻن جي اشد حفاظت ڪرڻ، برساتي پاڻي جي اضافي مقدار کي نيڪال ڪرڻ، نالن جي مهل سان صفائي ڪرڻ، تيزيءَ سان ٿيندڙ شهري پکيڙ کي ترتيب سان وڌائڻ ۽ ان سان گڏ لاڳاپيل نظامن ۾ وقت سر سڌارا آڻڻ، سولڊ ويسٽ جي نيڪال، جمع ٿيندڙ گند کي شهر کان ٻاهر اڇلائڻ جي انتظامن کي بهتر بڻائڻ، سول نظامن جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ جديد بڻائڻ، تفريحن جي جاين کي وڌائڻ وغيره شامل آهن. ڇو ته انهن مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ شهرن جي جامع ترقي ممڪن ناهي يا انهن کي لائف انڊيڪس وارين ڳالهين ۾ نٿو آڻي سگهجي. ان ڪري ان مسئلن جي حل جي لاءِ ترت قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو وڃي، جنهن سان ٻوڏ جي خطرن کي ختم ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو ۽ مهل سان منهن به ڏئي سگهبو.
مون سون جي بارشن جي ڪري ملڪ جا هيٺانهان شهري علائقا پاڻي هيٺ اچي ٿا وڃن. ڇو ته جڏهن جڏهن زوردار بارشون ٿين ٿيون ته اهي علائقا سدائين پاڻي هيٺ اچي ٿا وڃن، جن جي ڪري انهن علائقن جو مالي ۽ جاني نقصان ٿو ٿئي. ان ڪري برساتن ۾ انهن خطرن کان الرٽ رهڻ گهرجي. ڇو ته تيز برساتن جي صورت ۾ شهري علائقن ۾ اربن فلڊ جو خدشو گهڻو ٿو رهي. جڏهن ته جابلو علائقن ۾ وري لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو ۽ خطرو دائمي رهندو ٿو اچي. ساڳي جاءِ تي تيز هوائن ۽ برساتن دوران ڪمزور انفرااسٽرڪچر جهڙوڪ: بجلي جي پولن جو ڪرڻ، ندين ۽ نالن جو اڀري وهي اچڻ، بل بورڊن جو اوچتو ڪرڻ وغيره. ان ڪري بارشن جي ڏينهن ۾ انهن کان پري رهڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. ان دوران نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پڻ شهرين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جو چوندي رهي ٿي.
ڇو ته موسمياتي حالتن جي خراب ٿيڻ جي ڪري اسان جهڙا ملڪ مستقبل ۾ ڪيترن ئي شديد موسمي واقعن کي منهن ڏئي سگهن ٿا. ان ڪري قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جنهن مان رياست جي صلاحيتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. موسمياتي تبديلي واري وزير تازو ئي قومي سلامتي ڪائونسل جو هڪ اجلاس سڏرائي ۽ واضح طور تي ٻڌايو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، جنهن ۾ شديد تباهي واريون بارشون ۽ ٻوڏون يا فليش فلڊ اچي سگهن ٿا، ناقابل برداشت گرمي جي لهرن ۽ تيزيءَ سان پگھرجندڙ گليشيئرز به شامل آهن. ان ڪري انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رياست جي ڪردار بابت ٻه سوال پيدا ٿين ٿا: پهريون ته حڪومت قدرتي آفتن جي اثرن کي وڌائيندڙ عنصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيل تائين ڇا ڪري رهي آهي؟ ۽ ٻيو ته اهي ڪهڙيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن موسميات ۾ هڪ اهڙو لچڪدار انفرااسٽرڪچر ٺاهي سگهجي، جيڪو آفتن جي بدترين اثرات جي مزاحمت ڪري سگهي. مثال طور: اهو چڱيءَ طرح سمجھ ۾ اچي ٿو ته تيزيءَ سان ٻيلن جي وڍجڻ جي ڪري جيڪي سوڪهڙا ٿين ٿا انهن جا اثر جر جي پاڻيءَ سان گڏ زراعت تي به پون ٿا ۽ جن جا خراب اثر وري ماڻهن جي مالي حالتن تي به پون ٿا. گذريل سالن ۾ ملڪ جي اترئين ۽ ڏاکڻين حصن ۾ ٻوڏن ۽ بارشن جو اثر شدت سان ڏسڻ ۾ آيو. ان کان علاوه جڏهن سرسبز ٻيلن کي ڪٽيو ويندو آهي ته گليشيئر جي ڳرندڙ پاڻيءَ کي ۽ لينڊ سلائيڊن کي ڪنهن به صورت ۾ هيٺ ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي يا ڳڻتي اها به آهي ته انهن علائقن ۾ ٻيلن جي پکيڙ کي زرعي زمينن ۾ تبديل ڪرڻ به هڪ ٻرندڙ سوال پڻ آهي ۽ انهن ٻيلن جي جاءِ تي غير قانوني اڏاوتن جي تعمير جا مسئلا پڻ آهن، جيڪي خطرناڪ طور تي دريائن جي ويجهو اڏيا ويا آهن، جن جي نتيجي ۾ ملڪيتن جي وڏي تباهي ٿيندي رهي ٿي. سوات ۽ خيبر پختونخواهه جي ٻين علائقن مان گذريل سال جي ٻوڏ دوران هوٽلن ۽ ٻين اڏاوتن کي تباھ ڪندڙ بي رحم بارشن ۽ طوفانن جون تصويرون ياد رکڻ گهرجن، جنهن ۾ گليشيئر ۽ جابلو پاڻيءَ جي ويجهن ڍنڍن جي ارد گرد آباديءَ جي تباهي واري ٻوڏ جو مسئلو پڻ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪي غير معمولي طور تي تيز گرمي جا سبب پڻ آهن. جڏهن ته گرمي پد جي واڌ کي گهٽائڻ پاڪستان جي وس کان ٻاهر آهي ۽ هڪ عالمي مسئلو پڻ آهي. ان ڪري رياست ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ ۾ وڌيڪ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته انفرااسٽرڪچر موسمياتي تبديلين ۽ انتهائي موسمي واقعن جي تباهيءَ لاءِ لچڪدار هجن ۽ رياست اهو يقيني بڻائي ته اڏاوتون جهڙوڪ: پل، دريائي بند ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو شڪار علائقا هاڻي مضبوط آهن، ان ڪري غير قانوني تعميرات کي رد ڪري پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن کي رستا ڏنا وڃن.