شهري آبادين ۾ ٻوڏ جو اچڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي نه ئي ڪو اربن فلڊ ڪو اجنبي لفظ آهي يا ڪا انوکي وارتا آهي. ڇو ته ڪراچي کان لاهور ۽ پشاور تائين ملڪ جا سمورا شهر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مون سون دوران شهري ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيا آهن. گذريل سالن کان وٺي موسمياتي تبديليون شديد ترين ۽ غير يقيني موسمي صورتحالون کڻي آيون آهن، جن شهري نظامن کي درهم برهم ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻي صورت انهن پڪن شهرن جي نظامن کي به بي نقاب ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري شهري زندگي سان گڏ ملڪي معيشت به تباھ ٿي وئي هئي ۽ گڏوگڏ شهري ملڪيتن ۽ جانين کي پهچندڙ نقصانن جي انديشن ۽ خطرن کي وڌائي ڇڏيو هو. شهري ٻوڏ جي مثالن مان هڪ مثال 27 آگسٽ 2020 جو وٺي سگهجي ٿو، جنهن ۾ پوسٽ مون سون جي بارشن ڪراچيءَ شهر جي اڪثر علائقن کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻوڙي پاڻيءَ هيٺ آڻي ڇڏيو هو، جنهن ۾ ڊفينس جهڙا علائقا به ٻڏي ويا هئا، جنهن ۾ ڪروڙين رپين جون اليڪٽريڪل ۽ هائبرڊ گاڏيون ٻڏي تباھ ٿي ويون هيون ۽ انهن ڏينهن ۾ برساتن لاهور ۽ پنجاب جي ٻين هنڌن تي گهٽ ۾ گهٽ 26 حياتيون ضايع ڪري ڇڏيون هيون ۽ پشاور جي لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري گهر گهاٽ، ندين جي ڪناري ٺهيل هوٽلون، ريسٽ هائوس ۽ ٻيون ملڪيتون لڙهندي نظر آيون. ان ڪري شهري آباديءَ کي اهڙين سلائيڊنگ جو خطرو ضرور رهي ٿو، جنهن ۾ مالي ۽ جاني نقصان ٿين ٿا، پر اهو تڏهن ٿو ٿئي جڏهن تيز برساتن جي ڪري گڏ ٿيندڙ سطحي پاڻي شهري نيڪال جي نظام سان گڏجي سموري نيڪال جي سرشتي کي به بگاڙي ٿو. ڇو ته اهو نظام اضافي پاڻي وهائي نٿو سگهي ۽ ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو رهي ٿو ۽ وقت سان گڏ اها حالت ويتر وڌي خراب به ٿيندي ٿي رهي. اهو مسئلو تڏهن ٿو ٿئي جڏهن شهرن لاءِ مناسب منصوبابندي نٿي ڪئي وڃي ۽ شهري آبادي جي ترقي بنا ڪنهن منصوبابنديءَ جي وڌندي رهي ٿي، جنهن ۾ اهو به آهي ته وقت سر وڌندڙ شهري آباديءَ جي پکيڙ، نامناسب بارشي پاڻي جي نيڪال جو نظام، سالڊ ويسٽ جو هنڌ هنڌ جمع ٿيڻ ۽ حددخلين جي ڪري بند ٿيل سيوريج لائنن جو مسئلو بي ترتيب تعميرات جي ڪري قدرتي نيڪال جي رستن جي تبديلي، روڊ رستن ۽ نالن تي قبضا ۽ ناقص شهري انتظام جي ڪري اهي مصيبتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، جن جي ڪا مهل سان سارسنڀال نٿي لڌي وڃي.