بلاگنئون انساني روايتن جي ڪهاڻي (قسط ٻين) August 7, 2024 Zahida Abro ليکڪا: مارگريٽ فرائي ڪم ڪرڻ جي روايت ڪيئن جُڙي؟ هر ڪنهن کي قانون موجب ڪم ڪرڻو آهي. ننڍڙا ٻار جڏهن ڪنهن مخصوص عمر تائين پهچن ٿا، تڏھن هو رانديڪن کي پري ڪري ڇڏين ٿا. ننڍڙيون نينگريون گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجين مائرن جو هٿ ونڊائين ٿيون. ننڍڙا ڇوڪرا عام طور تي روزانو پنهنجي پيئرن جي ننڍن وڏن ڪمن ۾ مدد ڪن ٿا. اسان جڏهن اسڪول وڃون ٿا، تڏھن اسان کي شين سکڻ جي لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي. اسڪول جي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پيٽ پوڄا جي لاءِ اسان هٿ پير هڻون ٿا. اسان جيستائين وڏڙا ٿيون ۽ پنهنجي لاءِ ڪمايون، تيستائين ٻيا اسان جي لاءِ ڪمائيندا آهن. اسان جيڪي ٽوپلا، جُوتا، جوراب، پوشاڪ، ڪوٽ يا ٻيون شيون پهريون ٿا، ان جي پويان ڪن ماڻهن جو پگهر شامل هوندو آهي. اسان جيڪا به شيءِ کائون ٿا، ان ۾ محنت شامل هجي ٿي. جيئڻ جي لاءِ اسان کي مليل آسائشن ۽ سهولتن جي پٺيان ٻين ماڻهن جون محنتون شامل آهن. اسان ڪم کي پسند ڪريون ٿا ۽ ان کان لڄي ڪو نه ٿا ٿيون، اھو ان ڪري، جو اسان کي ايئن سيکاريو ويو آهي. انھن ماڻھن، جن وٽ اڻ کٽ پئسو هجي ٿو، جي اهي ڪم نه به ڪن ته به سڄي زندگي ويهي کائين، اھي به ڪم ڪندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو کين ائين ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. ڪم هاڻ عام روايت آهي. ائين به نه آھي ته ڪو ھميشه کان ماڻهن ڪم کي ڪا چڱي شيءِ سمجهيو آهي. ڪجھه قبائلي بزرگن ۽ ڏاهن جي نظر ۾ ڪم ٿڪائيندڙ رهيو آهي. مثال طور: اهي کاڌي جي لاءِ زمين کي کيڙڻ ۽ ڪپڙن کي اُڻڻ ۾ مرد جي گهٽتائي سمجهندا هئا. انھن جي نظر ۾ اهي ڪم زنانا هئا. سندن موجب مرد جهڙي سگهاري ۽ بهادر جِيوَ کي زمين ۾ ٻج ڇٽڻ جهڙا هلڪڙا ڪم ڪرڻ نٿا جُڳائين. انھن کي خوفناڪ جهنگلي جانورن جو شڪار ڪرڻ کپي ۽ ٻين قبيلن سان وحشي جانورن جيان وڙهڻ کپي. تنھنڪري جانورن جي کَلِ لاهڻ ۽ ان کي سُڪائڻ جو ڪم عورتن جي ذِمي هو. عورتون انھن کَلن مان ڪپڙا سبينديون هيون. اهي ان کان علاوه گوشت کي رڌي کاڌو پڻ تيار ڪنديون هيون. اهي باھه ٻارڻ جي لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪنديون هيون. اهي واڌو کاڌي کي منفرد طريقي سان پچائي، ان کي گڏ ڪري رکنديون هيون. اهي لٺ سان پنهنجي گهرن جي ويجهو زمين کي کوٽي، ان ۾ ٻوٽن جا ٻج پوکينديون هيون ته جيئن کاڌو سندن گهرن جي ڀرسان تيار ٿئي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. شڪار جي لاءِ تير ۽ ڪمان جهڙا اوزار ٺاھڻ مردن جي ذِمي هو، پر ڪڏهن ڪڏهن عورتون به ان ڪم ۾ سندن هٿ ونڊائينديون هيون. عورتون نهايت ئي بُردباريءَ سان محنت ڪنديون هيون. ان جو اهو مطلب نه آھي ته ڪو مردن جي زندگي سهنج ۽ سُک واري هئي. انھن جي زندگي مسلسل خطري هيٺ هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو سگهارن ۽ وحشي حيوانن کي کاڌي خاطر مارڻ لاءِ سندن اوزار بي ڊولا ۽ گهٽ اثرائتا هوندا هئا. ڪو شڪاري انسان پنهنجو ڪهاڙو يا رندو استعمال ڪرڻ کان اڳ ئي جهنگلي حيوانن جي رُخ چڙهي ويندو هو ته اهي کيس چيري ڦاڙي ڇڏيندا ھئا. خطري جو امڪان ھميشه کان موجود هوندو هو. عورتن ۽ ٻارڙن جي حفاظت مردن جي بِلي هئي. ڪجھه قبيلن ۾ مردن وارا ڪم، ٻئي قبيلي ۾ وري عورتون سرانجام ڏينديون هيون. ڪجھه قبيلن ۾ جانورن کي سوگهو ڪري پالتو بڻايو ويندو هو ۽ ڪجهه قبيلن ۾ وري ٻين قبيلن جا ماڻھو قابو ڪري، انھن کي غلام طور رکيو ويندو ھو. ان کان گھڻو پوءِ جڏهن دنيا وڌيڪ تهذيب يافتا ۽ سڌريل بڻجي وئي، تڏھن به ڪن ماڻهن جي نظر ۾ مردن طرفان ڪم ڪرڻ کي مردن جي شان موجب سمجهيو نه ويندو هو. يونان جي پنهنجي دور جا ڏاها ۽ سياڻا سمجهيا ويندا هئا، انهن جي نظر ۾ ڌن جي لاءِ ڪم ڪرڻ مرد جي شان ۾ شامل نه ھو. انھن جي نظر ۾ مرد جي لاءِ اهم هو ته ھُو پنھنجو ڪُل وقت مطالعي ۾ لڳائي، ته جيئن هُو گهڻي کان گهڻو عِلم سکي سگهي. روم جا ڏاها به مردن جي ڪم ڪرڻ کي سٺو نه سمجهندا هئا. ڏوڪڙن جي لاءِ ڪم ته سندن لاءِ شرم جهڙي ڳالھه هئي. اھي ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ ٻين سان وڙهي، انھن جون ملڪيتون قبضي ۾ ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. شين جي مالڪي حاصل ڪرڻ لاءِ ان طريقي کي ھو ڀلو سمجهندا هئا. گهريلو ڪم ڪار غلامن ۽ عورتن جي حوالي هو. صرف ڪجهه سئو سالن جي اندر ئي ڪم ڪرڻ روايت بڻجي چڪو آهي. هاڻ ڪم ڪرڻ کي حقير سمجهڻ بجاءِ ان کي سٺو ۽ شاندار سمجهيو وڃي ٿو. هاڻ ڪم ڪرڻ تي لڄِي ٿيڻ بجاءِ ان تي فخر ڪيو وڃي ٿو. اسان کي خبر آهي ته ڪم ڪرڻ سان غريب به پنهنجي زندگين کي بهتر ۽ جيئڻ لائق بڻائي سگهن ٿا. اسان شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ محنت سان ڪم ڪندا آهيون. آخر اهڙو ڇا ٿيو، جو ماڻهو ڪم ڪرڻ ۾ شرمساري محسوس ڪرڻ بجاءِ فخر ڪرڻ لڳا؟ ان وڏيءَ تبديليءَ جي پٺيان کوڙ سارا مُحرڪ آهن. انهن اهم محرڪن مان ھڪ اھم محرڪ نون کنڊن جي دريافت هو. ان جو مطلب ٿيو ته ماڻهن جي رهڻ لاءِ نيون جايون ملي ويون. اھي ماڻھو، جي پنهنجي اصلي جڳهين تي ناخوش هئا، اهي هاڻ نين جاين ڏانهن هجرت ڪري پئي سگھيا ۽ اتي خوش رهي پئي سگھيا. ان کان علاوه نين جاين تي ماڻھوءَ جي خوشحاليءَ جا موقعا وڌيڪ هئا. ڇاڪاڻ جو اتي سڀنيءَ کي ساڳيا موقعا هڪ ئي وقت ميسر هئا. ڪولمبس طرفان آمريڪا کي دريافت ڪرڻ کانپوءِ ڪيترائي ڌاريا لوڪ اتي پهتا. اھي تعداد ۾ بنھه ٿورڙا هئا. انھن جي پنھنجي اباڻي قديم ملڪن جي ڀيٽ ۾ هتي (آمريڪا ۾) زندگي ڏاڍي ڏکي هئي. انھن مان ڪجھه واپس پنهنجي ڏيھه هليا ويا، جڏھن ته باقي ڪجھه اتي ان اميد سان رهي پيا ته کين اڳتي ھَلِي، بي انتها دولت هٿ ايندي ۽ اهي جلد شاهوڪار بڻجي، پنهنجين غمناڪ ۽ دکدائڪ زندگين ۾ خوشين جا رنگ ڀريندا. نين دريافتن سبب ڪم ۾ آساني ٿي پئي. ماڻهن جا ڪم بابت خيال تبديل ٿيڻ لڳا. ڌاڳي ڪَتڻ ۽ ڪپڙي اُڻڻ جا نوان طريقا سامهون اچڻ لڳا. مشينن جي اچڻ سان، اھو ڪم جيڪو هٿن سان آهستي ٿيندو هو، ان ۾ تيزي اچي وئي. هارين ۽ گهر ڌياڻين جي لاءِ هاڻ نوان اوزار موجود هئا. جُوتن ٺاهڻ ۽ جورابن کي ڳنڍڻ واريون مشينون اچي ويون. ٻاڦ تي هلندڙ نئين ٻيڙي ٺاهي وئي. ان کان علاوه ٻاڦ جون انجڻيون پڻ ريل گاڏين کي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين ڌِڪڻ ۾ ڪم اچڻ لڳيون. هوا ۾ پيغام ڇڏڻ جو طريقو ڳوليو ويو، جنھن کي ٽيليگراف جو نالو ڏنو ويو. ان کانپوءِ ڪنهن هڪ عجيب مشين ٺاهي، جنھن جي مدد سان اوهان پري تائين ڳالهائي پئي سگھيا ۽ اڳيان ڪير ٻڌي پئي سگھيو. هزارين ميلن تائين هڪٻئي سان ڳالھه ٻولهه ڪرڻ جي ان اوزار کي ٽيليفون جو نالو ڏنو ويو. هڪ ڏينهن هڪ عجيب شيءِ رستن تي ڏٺي وئي، ان تي ماڻهو ڏاڍو کِليا. اھا گهوڙي بنا بگي هئي، جا ڪنهن ماڻهوءَ ٿي ڇِڪي. ماڻهن ان کي وڏو ڀوڳ ڄاتو. اڄ ان خيال تحت ئي اسان لاتعداد گاڏيون روڊن تي ڏسون ٿا. هڪ دفعي ٻن ڀائرن هڪ مشين تي ڪم ڪيو، انهن جي خيال ۾ اها هوا ۾ اڏائي سگهجي ٿي (اهو خيال انسانن پکين کي هوا ۾ اڏامندو ڏسي، حاصل ڪيو. مترجم ڪ.ج). دُور دراز ميلن کان ماڻهو پنڌ ڪري پهتا ۽ انھن تي ٽوڪون ۽ طنز ڪرڻ لڳا ۽ ٽهڪ ڏئي کين پاڳل چوڻ لڳا. ھاڻ توهان کي هوائي جهاز جتي ڪٿي عام نظر ايندا. انھن وڏين ايجادن سان گڏ ننڍين ايجادن پڻ ماڻهن جي زندگين کي تبديل ڪيو. سلائي مشين، ويڪيوم ڪلينر، چُلها، ريڊيو، ريفريجريٽر، ڀاڄين ۽ گوشت کي ڪَٽيندڙ مشينون، ڪپڙن ڌوئڻ جون مشينون، برقي استريون، ماني سيڪڻ وارا اوزار ۽ ڪافي جا برتن پڻ ان ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا. هٿ تي ڪپڙا سبڻ بجاءِ جڏهن مشين اچي وئي، تڏھن وقت بچڻ لڳو ۽ پوشاڪ ججھي تعداد ۾ سبجڻ لڳي. ھاڻ وڌيڪ ڪپھہ ۽ پشم جي گهرج ٿي پئي، ان جو مقصد ٿيو ته هارين کي ھاڻ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پئجي ويو. ڪپھه ۽ پشم کي مشينن ذريعي ڌاڳي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جي ضرورت پيدا ٿي. پوشاڪ ۽ جوراب کپائڻ لاءِ وڌيڪ ماڻهن جي گهرج پيدا ٿي. مطلب ته وڌيڪ ڪم ڪرڻو پيو، جيڪي ماڻهو هٿن تي ڪم ڪندا هئا، انهن کي گذر معاش لاءِ ٻيا ڌنڌا اختيار ڪرڻا پيا. ساڳئي وقت خريد ۽ فروخت جو ڪاروبار پڻ وسيع ٿيندو رهيو. سامان سان سٿيل ٽرينون ۽ ويگنون، ڪڻڪ، پٽاٽن ۽ گوشت سان سٿيل ٻيڙيون هڪ ديس کان ٻئي ديس ڏانھن موڪلجڻ لڳيون. واپسي ۾ اهي ڪپڙا، جُوتا، ساز سامان ۽ اوزار آڻڻ لڳيون. ان طرح ملڪن جي وچ ۾ تيزيءَ سان واپار وڌندو رهيو. وڏيون ٻيڙيون هر سمنڊ ۾ هر پورٽ تي وڃڻ لڳيون. واپاري ڪوئلي کي کاڻين کان ڪارخانن ڏانهن نيئڻ لڳا. ھر قسم جون شيون سندن نظر هيٺ هيون. اها روايت، جا ھزارين سال اڳ، ٻن وحشين جي هڪٻئي سان اوزارن جي مٽاسٽا سان شروع ٿي هئي، اها اڄ هڪ وڏي وڻج واپار ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جنهن کي ھاڻ عالمي تجارت سڏيو وڃي ٿو. وڻج واپار ۽ تجارت اسان جي زندگين تي گهرو اثر ڇڏيو آهي. اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻ ماڻهن کي ڪم جي اجرت بهتر ملي ٿي. ان جو مطلب ٿيو ته اسان ناڻي جو وڌيڪ استعمال ڪري سگھون ٿا. پئسي ڏوڪڙ جي گهڻائي سبب اسان جي زندگين جو معيار پڻ وڌيو آهي. تسڪين بخشيندڙ شين جي موجودگيءَ سبب اسان جي زندگين ۾ آسودگي ٿي سگھي ٿي. اهي تسڪين بخشيندڙ شيون ڪهڙيون آهن، جن جي اسان کي ضرورت پوي ٿي. مثال طور: اسان کي رھڻ لاءِ هڪ زبردست گهر کپي. نالي ماتر ڀتين ۽ ڇتين وارو گهر نه پر اهڙو گهر کپي، جو اسان کي گرمين ۾ ٿڌاڻ ۽ سردين ۾ ڪوساڻ ڏئي. اهڙو گهر، جنھن جي فرش تي قالين، درين تي پردا ۽ ڀتين تي تصويرون لڳل هجن. اهڙو گهر، جتي واش روم الڳ سيبتي نموني ٺهيل هجي، گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون الڳ ٽوٽيون هجن. کاڌي پيتي لاءِ چُلهو هجي. سٺا بسترا هجن. ان کان علاوه فون، ريڊيو، ڪتاب، مئگزين ۽ ٻارڙن جي کيڏڻ لاءِ رانديڪا هجن. اسان وٽ پائڻ لاءِ سٺا ڪپڙا هجن. هي، اھي شيون آهن، جن بابت اسان سوچيون ٿا ته اھي اسان وٽ ڪيئن به ڪري هجڻ کپن. جيڪڏهن اهي شيون، اسان کان کسيون وڃن ته هوند اسان جو سک ۽ آرام ڦٽي وڃي. اسان جي ڏاڏن ۽ ڏاڏِين جا گهر ڪيئن هوندا هئا؟ اسان کي خبر آهي ته انهن وٽ اڇو ٽب نه ھوندو هو ۽ نه ئي ڪو انھن وٽ گرم يا ٿڌي پاڻيءَ جون ٽوٽيون لڳل هونديون هيون. انهن مان گهڻن وٽ ٽيليفون ۽ ريڊيو نه هوندا هئا. اهي ٿڌ کان بچڻ لاءِ باھه جا مچ ٻاريندا هئا. انھن وٽ اسان جيان هيٽر نه هئا. ڏاڏِي کاڌي پچائڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪري، باھه واري چُلهي ۾ وجهندي هئي. گهر جي پٺئين پاسي گڏ ڪيل ڪاٺين کي ڏاڏو ۽ ڏاڏي گڏجي کڻي ايندا هئا. ڇا توھان اُن دور ۾ رهڻ چاهيندا؟ ڇا توھان تصور ڪري سگهو ٿا ته اڄ جي ڀيٽ ۾ تڏھن رهڻي ڪهڻي ڪيتري نه مختلف هئي؟ ايتريون تڪڙيون تبديليون ڪيئن آيون؟ ان جو سبب نون ملڪن ۽ کنڊن جي دريافت ۽ نون ايجادن جي شروعات آهي. ان سان ڪم جي نوعيت وَڌِي ۽ شين جي خريد ۽ فروخت ۾ پڻ تيزي آئي. انھن شين جي ڪري ماڻهن سخت محنت ڪئي ۽ گهڻي ناڻي ڪمائڻ جي ڊوڙ شروع ٿي. گهڻي ناڻي سان ماڻھو ضرورت واريون شيون خريد ڪري پئي سگھيو. اهي شيون انسان جي لاءِ عيش عشرت مان ضرورتن ۾ تبديل ٿي ويون. عيش عشرت اها شيءِ آهي، جنهن کي توهان چاهيو ٿا، پر ان جي توھان کي ضرورت نه آھي. ضرورت هر حال ۾ اوهان کي کپي. اڳ ۾ روشنيءَ واري بلب جيان ٻيون انيڪ شيون ماڻهوءَ جي وندر ۽ عيش عشرت لاءِ هيون، پر اڄ اهي اسان جون ضرورتون بڻجي ويون آهن. آهستي آهستي ماڻهن جو ڪم بابت تصور تبديل ٿيندو رهيو. ماڻهن سوچڻ شروع ڪيو ته ڪم سندن زندگين ۾ سکيائي ۽ سهنجائي آڻي ٿو، عمده ڪپڙا، سٺو کاڌو، آرامده گهر ۽ ٻيون آسائشون ان سان ملن ٿيون، پوءِ ڇو نه ان تي فخر ڪجي. تنھنڪري ڪم ڪرڻ روايت بڻجي وئي. ھاڻ ماڻهو صرف ٿوري کاڌي کائڻ ۽ سمهڻ لاءِ جڳھه حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر سٺا کاڌا کائڻ، عمده گهرن ۾ رهڻ ۽ ٻين آسائشن خاطر ٿوري ڪم کي وڌائي، سخت محنت ڪرڻ شروع ڪئي. ھاڻ ڪم ڪرڻ روايت ۾ شامل آهي. اها سڀنيءَ کي خبر آهي ته گهڻي ڪم ڪرڻ سان اسان جهجھو ناڻو ڪمائي سگهون ٿا ۽ پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪرڻ جي سگھه حاصل ڪري سگهون ٿا. *** Post Views: 363