بلاگنئون

شھيد نذير عباسي جي ياد ۾

ٽنڊوالھيار سميت سموري سنڌ جي سياست عجيب ٿي ڏسجي اڄ شھيد نذير عباسي جي ورسي جو ڏکوئيندڙ ڏينھن آھي، پر گھڻي ڀاڱي خاموشي درگذري ۽ بي خبري وارو ماحول ٿو ڏسجي. ڇو جو مفاد پرستي پنهنجا مضبوط چنبا کوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب اڪثر سياسي ورڪرن به ھاڻ اھا پراڻي عوامي سياست ڇڏي ڏني آهي. جيڪا اڳ ۾ غريب عوام جو آواز بنجڻ جي لاءِ ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي سياسي ورڪر ۽ دانشور فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ئي نظر اچن ٿا. ھو خاموش رھڻ پسند ڪن ٿا ۽ پنهنجن پوسٽن تي واھ واھ پسند ٿي ويا آھن. ھنن مان ڳالھائڻ جي سگھ جھڙوڪر ختم ٿيندي وڃي. ھي پنهنجي پارٽي ۾ به تنقيدي پھلو يا سچائي واري ڳالھ ڪرڻ کان قاصر ٿا ڏسجن. ھو پنهنجن اڳواڻن کي عوام جي ڀلائي واسطي بھتر راءِ ڏيڻ ۾ به جھڙوڪر گھٻرائين ٿا.
ان ڪري کين شھيد نظير عباسي جي زندگي ۽ شھادت بابت خبرون ئي ناھن يا ھو اھڙي خبر چار رکڻ پسند نٿا ڪن، جي خبر اٿن ته اھي ان کي عام قرباني ٿا سمجھن. نذير عباسي شاگرد سياست جي شروعات ٽنڊوالھيار کان ڪئي جيڪو شھر سندس جنم ڀومي آھي. ھو عزت، وقار، فن ۽ بھادري سان سياست ۾ حق ۽ صداقت جو آواز بلند ڪندي ھميشه عملي ميدان ۾ متحرڪ رھيو. ھو ڳائيندو به سر ۾ ھو ته ڳالھائيندو به سر ۾ ھو، جيڪا ڳالھ حاڪم طبقي کي سٺي نه لڳي ان ڪري ھن جي گرفتاري جا حڪم ناما جاري ٿي ويا. عباسي پاڻ کي روپوش ڪري ويس بدلائي سياست کي جاري رکيو، پر نيٺ کنڀجي ويو ۽ وقار سان شھادت جام پيئندي دنيا خاص ڪري پاڪستان ۽ عام طور ٽنڊوالھيار کي ھميشه لاءِ عزت بخشي ڇڏي. ڀلي سندس “قبر سخي حسن قبرستان ڪراچي” ۾ آھي، پر ھو اصل ٽنڊوالھيار جي غيرتمند ۽ وقار واري سر زمين جو ڀلوڙ سياسي ورڪر ٿي پنهنجو نالو وفادارن ۾ اوچو ڪري راھي ٿيو آھي ان ڪري زنده آھي.
اڄ 9 آگسٽ تي سندس ورسي آھي، ان حوالي سان ڏسجي ته ڪھڙن شھرن ۾ کيس ياد ڪندي ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تقريبون منعقد ڪري بھادري ۽ وفاداري جا سلام پيش ڪيا وڃن ٿا.
ٽنڊوالھيار سان گڏوگڏ سنڌ جي باشعور رھواسين خاص طور سياسي تنظيمن جي ورڪرن ڪارڪنن ۽ سياست ڪندڙن کي “نذير عباسي ” جي زندگي (جنھن کي ھو گيت چوندو ھو) بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان تي لکيل ڪتاب ۽ مضمون پڙھڻ جي ھدايت ڪجي ٿي. جيڪي ھاڻ انٽرنيٽ تي موجود آھن. ھن غريب عوام جي بنيادي مسئلن، تڪليفن ۽ شاگرد سياست کي آزادي ڏيڻ جي جي ڳالھ ڪئي تنهن ڪري ھتان جي ھاءِ ڪلاس کي اھا سياست ۽ بلند ٿيندڙ آواز ۾ خطرو سمجھ ۾ آيو جيڪو سندن نظر ۾ چڱو نه لڳو!
افسوس! اڄ نذير جھڙو بيباڪ سياسي ورڪر زنده دل انسان ٽنڊوالھيار جي صحافي دوستن کي به لڳي ٿو ته وسري چڪو آهي. ايتري قدر افسوس جي ڳالهه آهي جو ڪامريڊ اڄ پنهنجن ڪلاس فيلوز دوستن کي به ياد نٿو اچي، جن سان گڏ ھن سياسي تنظيمن جا بنياد وڌا، ڪچھريون ڪيون ۽ جيل ڪاٽيا!
شاگرد سياست کان ويندي مزدورن جو آواز بڻيل ھوندي بعد ۾ پاڪستان جي غريب عوام جي حقن جو آواز بڻجي مختلف پارٽين جي پليٽ فارم تان انصاف توڙي عوام جي بنيادي حقن جي ڳالھ ڪندڙ نذير عباسي ٽنڊوالهيار کي ڇڏي حيدرآباد جو رخ ڪيو. جتي سندس سياست وڌيڪ طاقتور بڻجي نروار ٿي ته ڪيترن سندس ھم خيال ساٿين سان ملاقاتون ٿيون. نذير جو جنم 10 اپريل 1953ع ڌاري ٿيو. سندس والد بزرگ شخص جان محمد عباسي اسٽامپ وينڊر ھو. سندس ٻيا ڀائر ھئا پر اھي سياست کان پري پنهنجن ڪمن ڪارين يا تعليم ۾ مصروف رھيا سياست جي ڦِيري فقط نذير عباسي ۾ ٿي ڏٺي. ان لاءِ پاڻ 70 جي ڏھاڪي دوران ٽنڊوالهيار ۾ تنظيمون قائم ٿي ڪيون ته ڪن ۾ شموليت اختيار ٿي ڪئي ڪنھن پارٽي کي ڇڏي ٿي ڏنو. اھڙي ڀڃ ڊاھ ۾ نذير اڳتي وڌندو رھيو. ھن پنھنجي گھريلو حالتن کي ڏسندي پورھيا ڪيا ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار ۾ منشي طور ملازمت ڪئي ان بعد چڻا وڪڻي ھوڪا ڏيندي غريبن جي مسئلن توڙي رابطن لاءِ سندن ويجھو ٿيڻ ٿي چاھيو.. پاڻ “حميده گهانگهرو” جھڙي سڄاڻ سياسي ورڪر نياڻي سان پوليس جي پھرن توڙي جاسوسي نظام دوران لڪ ڇپ ۾ شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
آخري ڏھاڙن ۾ ھي مزدورن، شاگردن پورھيت طبقي سميت صحافين ۽ پيڙھيل طبقي جو نوجوان ڳڀرو اڳواڻ نذير عباسي “ڪميونسٽ پارٽي” جو ميمبر ٿي اتان سياست ڪئي. ھِن پارٽي تان سياست سبب سندس رستا روڪ جي گهنٽي وڄي وئي جنھن ڪري خفيا ادارا سندس پويان لڳي پيا جن نيٺ وڃي کيس ھٿيڪو ڪيو. مٿائنس ٽارچر جون خبرون عام ٿي ويون جنھن کي گھڻو برداشت نه ڪندي مڙس مٿڀرو ٿي ساھ ڏئي 9 آگسٽ 1980ع ۾ شھادت جو رتبو ماڻيو. ھن سياسي شخصيت جي موت حڪمرانن جون متيون منجھائي ڇڏيون جنهن ڪري تڙتڪڙ ۾ کيس “سخي حسن قبرستان ڪراچي” ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري سندس عزيزن کي اطلاع ڏنو ويو. اھڙي ريت پورھيتن، شاگردن، ھارين ۽ مظلوم طبقي جو آواز بند ڪيو ويو، پر پوءِ ڪامريڊ نذير عباسي جي سياست جا ڪي ڪڻا اڃان سندس سياسي واٽ تي ھلندي عوام جا بنيادي حق ڏيڻ جو آواز بلند ڪندا رھن ٿا.
ھن بيباڪ سياستدان جو موت اڃان به سواليا نشان بڻيل آهي، ڪي چون ٿا ته ڪن پنهنجن جي سازش سان رھندڙ جڳھ تي ڇاپو لڳائي گرفتار ڪرايو ويو. رب کي خبر.
جي موت مھلت ڏئي ته سنڌ کي نمي سجدو ڪجان
مرڪندي سر گهورجان تبسم سنڌ جي سينڌ تان.