ڪهاڻيوننئون ڪھاڻي: لڙڪن جو سمنڊ August 13, 2024 Zahida Abro عيني؟ ھون، تون ڇا ٿي سمجھين ته آئون توسان دوکو ڪري رھيو آھيان فريب ڪري رھيو آھيان..!؟ “مون ته ائين ڪونه چيو” عيني منھن تي آيل وارن جون چڳون هٽائيندي چيو. پوءِ ھيءَ ھيڏي وٿي ڇو؟ عيني ڇو؟ ھيءَ ھيڏي وڏي فيصلي تي به تون ماٺ ڇو. مون روئڻهارڪي آواز مان عيني کان پڇيو. جمال زندگي جي سمنڊ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو ڪناري تي بيٺل ھجڻ باوجود به ٻڏي ويندو آهي. لھرون ساحل تان به کڻي وڃي وچ سير ۾ اڇلائينديون آهن، جتان بچڻ مشڪل ھوندو آهي. ته ڇا ھي واعدا ھي وچن ھي مرڪ سڀ ڪجھ ڪوڙ ھو؟ نه جمال اسين پنهنجي زندگي ۾ کوڙ خواب ڏسندا آھيون ۽ انهن جي تعبيرن پويان ڊوڙندي ڊوڙندي اسان جا پير زخمي ٿي پوندا آهن ۽ انهن زخمي پيرن سان اسان ٿڙندا ٿاٻڙندا موت جي طرف وڌندا ويندا آھيون، اسان وٽ ڪجھ به ڳالهائڻ لاءِ يا وڇڙڻ لاءِ جواز نه بچندو آهي، اسين ھارايل جوارين جيان تنھاين جي تپش ۾ سڙندا رھندا آھيون. مون ڏٺو ته ھن جي اندر ۾ سونامي اٿي پيو ھو، ھن جي اکين جا بند ڀڄي پيا هئا، عيني ۽ آئون هڪ ئي آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندا هئاسين. اسان جا ڏک تڪليفون الڳ نه هئا. زندگيءَ جي ڀيانڪ موڙ کان ڪڏھن به خوف نه کائڻ گهرجي، ھن پنهنجي وارن کي ڳلن تان هٽائيندي چيو. آئون خوفزده ناھيان عيني پر سوچيان ٿو ته ايئن ڇو آهي اسين جڏھن ڏيئا ٻرڻ جي تمنا ڪندا آهيون ته انڌيرا اسان کي اردگرد گھيري وٺندا آهن..! مون عيني جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي چيو. … ۽ پوءِ جيڪڏهن انهن گھگھ انڌيرن ۾ ٽانڊاڻي جيتري به لاٽ ٻري پوي ته اسان وري به نئين عزم سان اٿي ويندا آهيون اسان روشنين جا منڪر نه ٿينداسين جمال…! عيني مون ڏانهن ڏسندي چيو. اسان اڪثر جڏهن ٿڪي ٽٽي آفيس مان نڪرندا هئاسين ته يا ته سمنڊ ڪناري تي يا پارڪ جو رخ ڪندا هئاسين. اکين جي پلڪن تي وڇايل ننڊ کان وٺي رات جي انڌيرن تائين جي سفر ۾ پاڻ ماڻهن رڳو ڀوڳيو ئي آهي. دردن جا ڌاڳا پنهنجي تن کي ڪيترو سبن پاڻ ھنڌان ھنڌان اڊڙي ويل ماڻھو آھيون، پنهنجون اکيون وحشتن جي ھن نگري ۾ روز لاشا تماشا ڏسي سن ٿي ويون آهن. پنهنجي اکين ۾ ھاڻ ڪو به لڙڪ ڪو نه بچيو آهي جو پنهنجي اجاڙ زندگي لاءِ ھاري سگھون ۽ پاڻ جياري سگھون. مون مدتن کان ڄاتو آهي ته ھن سماج ۾ پاڻ ساده ماڻھو جٽاءَ ان ڪري نه ڪري سگھنداسين جو پاڻ ٻھروپيا ناھيون. ھن تتل نگري جا ڏينهن ڄاڻن ٿا ته وحشتون وڻ ويڙھي ول جيان پنهنجي رستن تي وڇائجي ويون آهن، پنهنجي اکين کان ڪنهن پڇيو آهي ته انهن جا ڪھڙا خواب ڪھڙي مند ۾ ڀيلاڙ ٿيا!؟ پاڻ فقط اھو ڄاڻون ٿا ته پنهنجي اڇي اجري دل جي ديوارن تي نفرتن جا پوسٽر ھڻي ڪو ھڙ حاصل ڪرڻ چاھي ته ڀلي چاھي، پاڻ رڳو اھو چيو آهي ته پاڻ نه ڄاڻون دنيا داري جنهن کي ھوندي تنهن کي ھوندي. سماج پاڻ کي نه ڪلھ سمجھ ۾ اچي سگھيو نه سڀاڻي سمجھ ۾ اچي سگھندو، پنهنجي پيچرن تي گل وڇايلن ناھن ته ڪا ڳالھ ناھي پاڻ ڪنڊن ھاڻن رستن تي ھلندي پنهنجا زخمي پير کڻي به ڪنهن تي آڱر نه کنئي آهي نه کڻنداسين جمال. عيني کي مون عقيدت جي حد تائين چاھيو آهي ان عشق ان عقيدت کي آئون ڪوبه نالو نه ڏيئي سگھيو آھيان. عيني منهنجي راتوڪي لکيل ڪھاڻي تي الائي ڇو شڪجي پئي هئي ته ان ڪھاڻي ۾ مون پنهنجو ڪردار اڳيان آندو آهي ان ڪھاڻي ۾ جنهن ڇوڪري جو مون ذڪر ڪيو آهي سا منهنجي زندگيءَ سان ڪو تعلق رکي ٿي…!! کيس ڪافي سمجھايم چري اسان چريا شاعر ڏينهن کي رات رات کي ڏينهن به لکي ڇڏيندا آھيون فرضي ڪھاڻي آهي، پر ھن نه مڃيو. چيم عيني شڪ جو طوفان محبتن جا باغ اجاڙي ڇڏيندو آهي. جمال حالتن جي پل صراط تي ھلندي ھلندي جڏهن من اندر ۾ ڀڃ ڊاھ ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ته زندگي موھن جي دڙي مثل بڻجي پوندي آهي جنهن مان پراڻا رانديڪا ھٿ ايندا آهن، سمبارا جو مجسمو ته ھٿ ايندو آهي، پر سمبارا مري ويندي آهي، سمبارا جا رقص اڌورا رھجي ويندا آهن! عيني ۽ مون حالتن ھٿان ڪڏهن به شڪست نه کاڌي هئي، عيني جي اجرين اجرين تمنائن ۾ الائي ڪھڙو عشق ھو جنهن منهنجي زندگيءَ جي لاھن چاڙھن کي به حوصلن ۾ بدلايو ھو. اسين سماج لاءِ توڙي جو عجيب ماڻھن جي قطار ۾ بيٺل هئاسين، پر ايئن ڪونه ھو، حقيقت ۾ اسين ٻئي غريب ماڻهن جي قطار ۾ بيٺل هئاسين ۽ ان قطار کي ڪوبه ڏسي نه سگھيو ھو، سواءِ اسان جي پيرسن ماءُ پيءُ جي جن لاءِ اسان آفيس ۾ نوڪري ڪندا هئاسين، مئنيجر جا داٻا، ايڊمن جون چٿرون سھندا هئاسين، توڙي جو حالتن اسان مان وچ سير ۾ ھٿ ڪڍي ڇڏيا هئا، پر اسان اھو چئي حالتن کي شڪست ڏني. “آڏو ٽڪر ٽر متان روھ رتيون ٿئين” زندگي جي سفر ۾ اسان رڳو درد ئي سٺا آهن عيني…!؟ ھون! ٻڌو اٿم..! لفظ ساٿ ڇڏي ويا چپ ٿي ويس. ڇا ٻڌو اٿئي؟ ته تون تون مون کان پري پري وڃين رھي آھين. فاصلي ايسي ھونگي يي کبھي سوچا نا تھا سامني بيڻھا تھا مگر ميرا نا تھا مون رومال سان پنهنجا لڙڪ اگھندي چيو. ھا جمال اھو فيصلو منهنجي چاچا جو آهي منهنجو نه چاچا جو فيصلو آهي ته آئون مبشر سان شادي ڪريان. توکي ته خبر آهي ته چاچن جا فيصلا تبديل نه ٿيندا آهن، آئون ان فيصلي جي اڏيل ديوار جي وچ ۾ ڦاٿل آھيان ڪٿي ڪٿي ماڻھو بيوس بڻجي ويندو آهي، ايستائين جو ساھ کڻڻ جو اختيار به ٻين جي ھٿن ۾ وڃي رھندو آهي ۽ آئون زندگيءَ جا الٽا سلٽا پساھ کڻي جيئڻ جي تمنا فقط تنهنجي ۽ بستر تي پيل بابا ۽ امان جي ڪري رھي آھيان. زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻھو مري ويندا آهن، پر انهن جا جنازا نه پڙھيا ويندا آهن; اھي طبعي موت بعد پڙھيا ويندا آهن. مون کي اڃان به زھر جو ڍڪ ڍڪ پيئڻو آهي، مون ڏٺو لاڙ جي شفق ڀري شام اونداھي ڏانھن وڌي رھي هئي ھن پوتيءَ ۾ پنهنجن لڙڪن کي لڪائڻ چاھيو، پر لڪائي نه سگھي. عيني استاد بخاري چيو آهي ته: تک تار تري وڃبو آ ترندي به پري وڃبو آ ھڪ ڇرڪ ڀري ڇڏ جاني جيئري به مري وڃبو آ جمال..؟ ھون! نه پاڻ زنده رھنداسين سماج ھٿان شڪست نه کائينداسين ھٿ ھيڏانھن ڪر ھن پنھنجو ھٿ منهنجي ھٿ ۾ ڏيندي چيو ته واعدو ڪر ته تون به پنهنجي محبتن کي امرتا بخشيندين تون مون کي وساري ڇڏيندين ۽ سماج ھٿان شڪست قبول نه ڪندين جيڪي دلين ۾ ھوندا آهن محبت انهن سان ھوندي آهي منهنجي عشق جو اھو ايمان آهي…! جھري پيو هئس مٽيءَ جي ڪچي گھر جيان اکين اڳيان ھڪ طوفان ھو واچوڙو ھو جنهن جي دز ۾ اسان ھڪٻئي جا چھرا به مشڪل سان ڏسي پئي سگهياسين…! مدتن پڄاڻان اڄ جڏهن مال وٿاڻن وريو ھو ان وقت ھڪ خط منهنجي ھٿن تائين پھتو آهي جيڪو عيني جو لکيل آهي. پيارا، جمال اکين جي پلڪن ۾ وڃائجي ويل خوابن جي ڪٿائن کان وٺي ڪاري رات ۾ سڏڪن جي سرگوشين تائين جي سفر ۾ پاڻ ماڻهن رڳو ڀوڳيو ئي آهي. “انت بحر دي ڪل نه ڪا ئي رنگ رنگ بنا اي” واري سٽ کان وٺي ڀريل مٽيءَ جھڙا خواب اکين ۾ رکي ڪيئن جيا آهيون اھو ڇڏ کڻي. درد اھو ناھي ته شامن جي لامن تي ھاڻ اھي جمالا ناھن رھيا جن جي اوٽ ۾ ڪنهن جي اجرڪ ۾ لڪل ڳوڙھا ڪا ڳالھ بڻجي آڌيءَ جي اوجاڳن ۾ وھاڻي ۾ جذب ٿي ويندا هئا. سوال اھو ٿو ماري ته بي رحميون انڌيون ھونديون آهن ڪنهن جا ڪنورا لڙڪ ناھن ڏسنديون، ايش ٽري ۾ اجھاڻيل سگريٽ جيتري اھميت رکندڙ پنهنجا احساس ڇيڀاٽجي ڇو ويا ان ڳالھ تي مڪلي جيان پاڻ ڪلھ به ماٺ هئاسين ته اڄ به ماٺ آهيون. جڏهن وڇڙڻ لاءِ ماڻھو جواز ڳوليندا آهن ته چوڻ لاءِ ڪجھ به نه بچندو آهي، بچندا آهن سڏڪا جن سڏڪن ۾ صدين جون صدائون ھونديون آهن. ڳالھ اتي نٿي کٽي ڳالھين جا ڳوٺ اڃان به وڏا آهن. وارن ۾ آڱرين جي ڦڻي ڦرڻ کان وٺي اکين تي ھٿ رکي کنيل قسمن جھڙيون چريائيون پنهنجي اظھاريل محبت جي حصي ۾ آيون ته پاڻ کي پنهنجا لڙڪ پاڻ اگھڻا پيا. اسين ماڻھو پنهنجي محبتن جي ڳولا ۾ رڳو رت ھاڻن پيرن سان سفر ڪندا رھيا آھيون. نا آشنائي جي ھوا پاڻ کي وکيري نه وکيري پر پنهنجن جون ڪاتيون پنهنجن سينن کي زخمي ضرور ڪن ٿيون. پاڻ جياپي جي جنگ ۾ ھارايل سپاھين جيان رڳو معاشي حالتن سان جھيڙيندا رھيا آهيون، پنهنجا زخمي احساس نه ڪلھ زمانو سمجھي سگھيو نه سڀاڻي سمجھي سگھندو ۽ پاڻ صحرا جي سفر ۾ اڃايل ھرڻن جيان ھار کائي وينداسين، ماڻهن ھٿان دوکن ھٿان فريبن ھٿان، پر نه پاڻ کي اڃان ٽھڪ ڏيڻا آهن. ڇو ته سماج پنهنجن ٽھڪن کان خوفزده آهي جيستائين وقت بدلجي تيستائين پاڻ اچو ته ھن شعر کي قبولي وٺون: بخشا تھا جس ني روح کو زخمون کا پيرھن محسن وه شخص کتنا طبيعت شناس نکلا آئون تنهنجي پنهنجي عيني. پڙھي دنگ ڪيم روشني ٿي وئي انڌيرو ختم ٿي ويو. آئون جيئڻ لاءِ وري وک وڌائي امان جي لاءِ دوائون وٺڻ لاءِ نڪري پيس. *** Post Views: 279