ايڊيٽوريل

غزه ۾ جنگ بنديءَ لاءِ مذاڪرات

قطر جي گاديءَ واري شهر دوحه ۾ فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بنديءَ متعلق مذاڪرات ٿي رهيا آهن. انهن ڳالهين ٻولهين ۾ آمريڪا، قطر ۽ مصر ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي ٿي سگهي ۽ غزه جي الميي جو ڪو حل نڪري سگهي. جنگ جيڪا 7 آڪٽوبر 2023ع کان شروع ٿي آهي انهيءَ ۾ مري ويل ماڻهن جو تعداد 40 هزارن کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ ان سڄي ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ غزه ۾ ٻار متاثر ٿيا آهن ۽ ننڍي عمر جي ماڻهن جو جنگ جي حوالي ٿيڻ جي انساني ضمير کي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، پر جيئن ته طاقت جا پنهنجا اصول ۽ قانون آهن، ائين چئجي ته طاقت دراصل پنهنجي وجود ۾ بي رحم هجي ٿي.
اسرائيل به لڳي ٿو ته جنگ بنديءَ جي معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ شروع ڪيو آهي ان جي مذاڪراتي ٽيم ۾ موساد جو سربراهه ڊيوڊ برني، گهرو سيڪيورٽي جو سربراهه رونن بر ۽ يرغمالين جي متعلق اهم فوجي نمائندو به شامل آهي، پر لڳي ٿو ته سڀني کان اهم ڪردار قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني ۽ مصر جي انٽيليجنس ٽيم عباس ڪامل جو رهندو، جن غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ انهن مذاڪرات جي تجويز ڏني هئي ۽ هاڻ اهي مذاڪرات ٿي رهيا آهن. خطي ۾ جنگ جي ڏکوئيندڙ صورتحال تي سموري دنيا اهو چاهي ٿي ته اها جنگ ختم ٿئي. هتي اها ڳالهه واضح ڪندا هلون ته اها ڪابه ٻطرفي جنگ ڪونهي اسرائيل جا حملا آهن جيڪي گذريل سال کان اڄوڪي ڏينهن تائين جاري آهن. جنگ جي انهيءَ رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ وچ اوڀر جا ملڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ دوحه هڪ دفعو وري عالمي سياست جو مرڪز ٿي ويو آهي. ان کان پهرين دوحه افغانستان جي مسئلي تي مذاڪرات جو مرڪز رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا پاڪستان ۽ افغانستان هڪ معاهدي تي پهتا هئا. وچ اوڀر جي سياست ۾ قطر جي عملي ڪردار کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. غزه جي جنگ بندي مذاڪرات لاءِ آمريڪا به سرگرم آهي ۽ ان جو وزير خارجه اسرائيل پهتو آهي، جيئن جنگ بنديءَ لاءِ سفارتي دٻاءُ وڌائي سگهجي. غزه جي صورتحال ايتري نازڪ آهي جو آمريڪي وزير خارجه انٽوني بلنڪن جو مشرق وسطيٰ جو اهو ڏهون دورو آهي. غزه ۾ اها صورتحال نئين ڪونهي فلسطين جو مسئلو اسرائيل جي قيام کان وٺي اڄ تائين فلسطيني مسلمانن جي قرباني جو داستان آهي. فلسطيني اهڙا ماڻهو آهن جن کان انهن جو وطن کسيو ويو آهي، پر اسرائيل انهن کي جيئڻ جو حق به ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. تازو 40 هزار فلسطيني ماڻهن جي جانين جي قرباني انهيءَ جو مثال آهي. اسرائيل ۽ انهن جا اتحادي اها ڳالهه جيترو جلدي سمجهن ته ڪنهن به قوم کي بندوق جي زور تي هميشه لاءِ دٻائي ختم نٿو ڪري سگهجي. فلسطيني مسئلي جي دائمي حل ۾ جتي اسرائيل ۽ مغربي طاقتن جو ڏوهه آهي اتي وچ اوڀر جي ملڪن ۽ فلسطيني قيادت جي به شراڪتداري آهي. فلسطيني مسئلي جو حل جنگيون ناهن ڳالهيون ٻولهيون آهن، پر ٿيو ائين آهي ته ٻنهي ڌرين بندوق جي زور تي مسئلي جي حل جي ڪوشش ڪئي آهي. 1978ع ۾ اسرائيل ۽ مصر جي وچ ۾ ڪئمپ ڊيوڊ معاهدو ٿيو ته جيئن اسرائيل ۽ فلسطين واري علائقي ۾ امن اچي سگهي. سڄي دنيا جي سفارتڪارن انهيءَ معاهدي جي ساراهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي سربراهن کي 1978ع ۾ نوبل پيس پرائز ڏنو ويو، پر خطي ۾ موجود عسڪريت پسندن شايد امن نٿي چاهيو، نتيجي ۾ مصر جو سربراهه انورالسادات قتل ٿي ويو. خطي ۾ جيستائين دهشتگردي موجود آهي تيستائين دائمي امن جي توقع نٿي ڪري سگهجي، پر موجود وقت ۾ غزه ۾ جنگ بندي ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڇڪتاڻ ۾، اسرائيلي حملن ۾ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي جان ڏئي چڪا آهن. سڄي دنيا آمريڪا، مصر ۽ قطر جي ڪوشش سان غزه ۾ جنگ بندي جي مذاڪرات ۾ ڪاميابيءَ جي اميد ڪري رهي آهي. موجوده حالتن ۾ غزه ۾ تڪڙو جنگ بنديءَ کانسواءِ ٻيو ڪو حل ڪونهي.
انهيءَ کانسواءِ وچ اوڀر جا ملڪ پنهنجي مفادن کان مٿي ٿي فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پيدا ٿيل تنازعي کي ختم ڪن ۽ ٻنهي رياستن جي وچ ۾ دائمي امن جو خواب تعبير ٿي سگهي.