بلاگنئون

بلوچستان جون سياسي حالتون

اصل ڳالھ اها آهي ته شين ۾ مرڪزيت ناهي يا سياسي مسئلن ۽ انهن جي حل جي سينٽر پوانٽ ناهي، ان ڪري ته هڪڙا سياستدان ماڻهن کي ڏٽا ڏئي وٺي ٿا اسلام آباد ڀڄن ۽ ٻيا موسمي سياستدان وري ساڳيا ئي ڪرائي تي آندل ماڻهو ميڙي وٺي ٿا صوبائي حڪومت جي خلاف واويلا ڪري شهرن جا رخ ڪن. حالانڪه اهي سمجهن ٿا اهي موسمي سياستدان پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا حالَ ناهن سڌاري سگهيا ته اهي ٻين جو ڇا سڌاريندا؟ ساڳي ڳالھ اها به آهي ته ماڻهو جڏهن اهو ٻڌن ٿا ته اهي وفاقي حڪومت وارا سياستدان ڪيترائي دفعا چئي چڪا آهن ته سنڌ صوبو انهن جو ناهي يا اهي اين ايف سي ايوارڊ نه ڏيندا، صحت ڪارڊ نه آڇيندا، لائف انشورنس اسان جي صوبي کي نه ڏيندا، گرين ۽ اورينج بس پروجيڪٽ به اسان جي ماڻهن جو نصيب ناهن ۽ بلوچستان جي حصي ۾ ترقي ناهي ته پوءِ به اهي ماڻهو وري اهي ئي رونشي ڪوڏيا بڻجي، رڳو دهل جو ڏونڪو ٻڌي اتي نچڻ شروع ڪندا آهن، معنيٰ انهن کي مفادن جي خبر نٿي پئي، اهي رڳو ڊرائنگ روم سياست ڪري ڄاڻن. ساڳي ويڌن بلوچستان جي ماڻهن جي به آهي ته جڏهن سياست جون يا اڳواڻيءَ جو واڳون ۽ لغام آهن ئي وڏيرن، چوڌرين، ميرن، سردارن، رئيسن، اميرن ۽ سيٺين جي هٿ ۾ ته پوءِ ملڪ کي جيڏانهن وٺي وڃن ته وٺي وڃي سگهن ٿا، وري اسان جا لوڪل اڳواڻ افلاطون ۽ سياسي فلاسافر به جڏهن آمريڪا جي صدرن جا بوٽ چٽي موٽي ايندا هئا، تڏهن آمريڪا صحيح هوندي هئي ۽ هاڻي جڏهن روس جي ايجنسين، چائنا جي پاليسين يا خطي جي ڊپلوميسي اک پٽي آهي ته اهي سمورا آمريڪي هنن جا هاڻي ناهن ۽ هاڻي جيئن روس چئي تيئن ڪندا (ڏاڍي ڀلي ڳالھ آهي جي ائين ئي ڪن ۽ ڪندا رهن) ڇو ته روس جي پاليسي، چين جي پاس خاطري يا آمريڪي چمچاگيريءَ ۾ واضح فرق آهي، پر شرط اهو به آهي ته ايندڙ ويندڙ حڪمران ۽ سياستدان ان ڳالھين ۽ رمزن کي سمجهن ۽ سمجهائي به سگهن.
ان سڄي تناظر ۾ بلوچستان جي صورتحال به تيزيءَ سان بدلجندي رهي ٿي. مسلسل اهي لوڪل ماڻهو ڳالهين کي سمجهن ٿا ۽ اهي ڏتڙيل ۽ محروم ماڻهو محاذ به کڙا ڪندا رهن ٿا. ڇو ته شروع کان وٺي ريڪو ڊيڪ، سينڊيڪ، سوئي گئس يا هاڻوڪي گوادر جي مهاڻن جا مسئلا، جن ۾ هنن لوڪل مهاڻن کي مڇي مارڻ يا ٻين غير ملڪي ٺيڪيدارن کي انهن جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ کان روڪڻ جي لاءِ هنن مڇيرن گوادر کي ئي جام ڪري ڇڏيو هو ۽ جيستائين انهن لوڪل مڇيرن کي اهي ٺيڪا نه آڇيا ويا، تيستائين انهن اهو احتجاج ختم نه ڪيو هو. ساڳي ڳالھ انهن سون، ٽامي، لوھ، سنگ مرمر جي پٿرن جي کوٽائي سان به واڳيل آهي، پر انهن سڀني ڳالهين کان اتم اها ڳالھ به آهي ته اڄ ڪلھ ايران جي رستي جيڪي امپورٽ تيزي سان ٿئي پئي، ان ۾ کائڻ جي تيل کان وٺي، پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ، يا ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون يا ٻيو استعمال جو سامان جن جي امپورٽ يا اسمگلنگ وڏي تيزي سان جاري آهي، جن جي لاءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ سي پيڪ جا ننڍڙا ننڍا دڪان يا رستا جوڙي ٺاهي هاڻي کان ئي ڪم هلائين پيا، پر ويڌن اها به آهي ته اهي سڀ شيون سڌو سنئون وڃن رڳو پنجاب ڏانهن ٿيون، انهن شين جي اسمگلنگ ٿئي ئي رڳو پنجاب جي لاءِ ٿي. ائين جيئن افغان بارڊر تان به شين جو يا ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ايترو آسان هوندو آهي، جيترو ايراني بارڊر تان شين جي اسمگلنگ ٿي اچڻ. ان ڪري ته ٻئي رستا ٽڪي پئسي ڏيڻ سان آسان ٿي ٿا وڃن. گذريل سال آمريڪي فرمائش تي پاڪستان تي زور هو ته افغان بارڊر تي خاردار تارون هڻو ۽ موٽ ۾ پاڪستاني حڪمرانن جي هاڪار انهن طالبان کي وري چيڙائي وڌو هو ۽ پاڪستاني حڪمران وري اهڙا خاموش ٿي ويا هئا جو طالبان جي فرمائش آڏو ڪڇي نه سگهيا ۽ انهن جي ڳالھ پوري ڪيائون.
اسلام آباد وارا هاڻي لڳي ٿو ته پنهنجي ساک وڃائي چڪا آهن، جنهن ۾ بيروني طاقتن جي لفٽ ان ڪري به جهڪي ٿيندي ٿي وڃي. ڇو ته خراب بيروني پاليسين جي ڪري اندروني پاليسيون به گڙ ٻڙ جو شڪار رهنديون اچن ٿيون، جنهن جي ڪري بين الاقوامي ڳالھ ۽ ساک به خراب ٿي ٿي وڃي. حيرت اها به آهي ته ڪي پي ۾ ٿيل ڌماڪن جو بار کڻڻ جي لاءِ هاڻي اهي لوڪل طالبان به تيار ناهن. ساڳي ڪار وري بلوچستان جي به آهي ته داسو پاور پروجيڪٽ واري بس ڌماڪي کانپوءِ چين ڀلي اها ڳالھ ڳهِي (برداشت) ڪري ويو، پر حالتون ته پوءِ به ڪنٽرول ۾ ناهن، ان ڪري سي پيڪ جي هلڻ جو گھڻو بار يا وڏي ذميواري آهي ئي بلوچستان ۽ سنڌ صوبي جي مٿان ۽ انهن صوبن جي سيڪيورٽي جي حالتن کي سڌارڻ رياست جو اولين فرض ۽ انتهائي نفيس معاملو به بڻجي ويو آهي، پر حڪومت جي غير سنجيدگي ان ڳالھ کي منجهائي ٿي ته چين جي هزارين ڊالرن جي سيڙپ ڪنهن وڏي مونجهاري کي جنم نه ڏئي. ڇو ته رياست ديسي ساخت جي دهشت ۽ وحشت کي منهن ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهي يا نٿي ڪري سگهي. اها به حقيقت آهي ته افغانستان ۾ حقاني گروپ جي چرپر به ڪي پي سان گڏ بلوچستان جي حالتن کي ڇيهو رسائي سگهي ٿي، ان جو بلوچستان جي حالتن جو تعلق کڻي اتان جي لوڪل ماڻهن سان به هجي، پر ان سڄي سيڙپڪاري ۾ چين جو ساھ مُٺ ۾ هجي ٿو، ان ڪري جو بگڙجندڙ صورتحال گوادر جي پروجيڪٽ کي منجهائي ٿي وجھي، ان ته بلوچستان جي لوڪل ماڻهن کي اهو ديرينا حق ملي نٿو يا نٿو ڏنو وڃي، جنهن جي لاءِ اهي وقت بوقت اک پٽيندا ٿا رهن، جنهن ۾ مڇيرن وارو مسئلو يا هاڻي ريڪوڊيڪ يا سينڊيڪ، پر ڳالھ اها به آهي ته جيستائين بلوچن جون حالتون نٿيون سڌرن، تيستائين حڪومت به اهڙن پروجيڪٽن جي ساک نٿي ڏئي سگهي، ان ڪري هاڻي اهڙي لُٽَ ڦُرَ لوڪل ماڻهن کي چيڙائي ٿي وجهي، جنهن جو بار رڳو حڪومت جي مٿي تي آهي يا اهي ئي ڪري سگهن ٿا يا نٿا ڪري سگهن يا انهن جي نيت ۾ ڦند ڦير آهي، پر اها ڳالھ به مڃڻ گهرجي ته لٽريسي ريٽ جو گھٽ هجڻ پنهنجي جاءِ تي، پر اتي سوشل ميڊيا جي جاڳرتا يا مهم جوئي، شين جي جيئن جو تيئن پڄڻ، ماڻهن تائين حق سچ پڄائڻ، ترت قدم کڻڻ، ڳالهيون جلدي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تائين پڄائڻ هاڻي ايترو وڏو مسئلو يا مونجهارو ناهي، هاڻي ماڻهن کي پل پل جي خبر ڏيڻ به وڏي آسان ٿي پئي آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا جي لاءِ وڏي پڙهائي يا ڊگري جي ضرورت ناهي، ان ڪري ماڻهن کي انهن جي حقن جي جاڳرتا ڏيڻ وڏو آسان ڪم ٿي پيو آهي (فاير وال هڪ ٻيو بحث آهي)، جنهن ۾ وائيس نوٽ ڏيڻ، ميسيجز ڏيڻ به ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ٿو ڪري.
بلوچستان جي ماڻهن ۾ جاڳرتا جو هجڻ هاڻي انهن جي لٽريسي ريٽ سان ڳنڍيل ناهي، ان ڪري هاڻوڪي مسئلن تي اٿي پوڻ به انهن ڳالهين جو ثبوت آهي ته بلوچستان جاڳي ٿو يا جيڪي بلوچ شاگرد، اڳواڻ، سياستدان يا سوشل ايڪٽوسٽ ٻين صوبن يا ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا، اهي وري اهڙيون ياداشتون به بين الاقوامي ادارن ۾ جمع به ڪرائيندا رهن ٿا، جيڪي پڻ اهڙي جاڳرتا جو سبب بڻجن ٿا، جنهن جي ڪري شيون اڳ جي نسبت بهتر آهن. ان ڪري هاڻي آسان ناهي جو انهن بلوچن جي زمين جي هيٺان گئس ڪڍي وڃن ۽ اهي چپ ڪري ويهي رهن. ان ڪري اتان جو لوڪل ماڻهن ۾ ان ڳالھ جي ڪاوڙ هاڻي وڌندي ٿي وڃي ۽ حڪومت هاڻي ٻه قدم اڳتي وڌي انهن شين کي منهن ڏئي. اهي بلوچ هاڻي به چون ٿا ۽ انهن گونگن ۽ خاموش بلوچن جا لکيل “بينر” به هاڻي ڳالهائين ٿا ته گوادر کي حق ڏيو. لوڪل ماڻهو هاڻي هر ڳالھ سمجهي ٿو، سڀ ڪو هاڻي سياست ڊرائنگ روم ۾ ويهي نٿو ڪري، پر بلوچ روڊن تي نڪتل آهي. نوشڪي، پنجگور ۽ ڪيچ وارن ضلعن ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا ۽ حملا به ان ڳالھ جو ثبوت هئا ته ماڻهو حڪومت جي ڳالهين ۽ لوڪل ماڻهن جي حالتن سڌارڻ لاءِ جيڪي قدم کڻن ٿا اهي ماڻهن کي سمجھ ۾ اچن ٿا.
بلوچستان جي ماڻهن جو هاڻي اسلام آباد جي واعدن ۽ اقرارن تي اعتبار ناهي رهيو. ڇو ته هاڻي ته حڪومت سان گڏ انهن لوڪل ماڻهن مخالف ڌر جي ڪوڙن ۽ ميڊيا جي ٺڳين کي به سمجهي ورتو آهي. بلوچ اڳواڻ ۽ مرڪزي سياست بلوچستان جي ماڻهن سان سچي ناهي ۽ نه ئي اهي ڪڏهن سچ ڳالهائي سگهن ٿا. ان ڪري سيڪيورٽي جي مسئلن سبب بلوچن ماڻهن جو اعتبار ڏينهون ڏينهن کڄندو ٿو وڃي. جن جو اهو خيال آهي ته سي پيڪ جي ڪري لوڪل ماڻهن سان مسئلا وڌي ويا آهن ۽ اهي خطري ۾ پئجي ويا آهن. جنهن جي ڪري عسڪري ادارن جي اڳواڻ ايف سي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا رهن ٿا ته جيئن انهن لوڪل ماڻهن، حڪومتي ڌرين، عسڪري ادارن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وٿي ڀري سگهجي ۽ لوڪل ماڻهن جو اعتبار بحال ڪري سگهجي، نه ته ٻي صورت ۾ سڀ کان وڏو ڌڪ گوادر جي پروجيڪٽ کي ئي رسندو (ڀلي ايئرپورٽ جو افتتاح به ٿئي) جنهن تي چين جا اربين ڊالر لڳل آهن ۽ ان کان علاوه ان ۾ روس ۽ خود پاڪستان جي جياپي جو به سوال اٽڪيل آهي، جنهن جي لاءِ لوڪل ماڻهن جي بنيادي سهولتن جو خيال رکڻ حڪومت جي منصوبن جو هلڻ جو سرٽيفڪيٽ پڻ هوندو.