بلاگنئون

انساني روايتن جي ڪهاڻي (قسط ٽين)

ليکڪا: مارگريٽ فرائي
فيشن جي روايت:
توھان جيڪڏهن ڇوڪرا آهيو ۽ توهان جي اسڪول ۾ ٻيا سڀ ڇوڪرا ڊگھا ٽرائوزر پائي اچن ٿا، ڇا توھان به اھڙي ٽرائوزر پائڻ جي تمنا نه ڪندا؟ ڇا ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ننڍين شين جي قرباني ڏيندا؟ توھان جيڪر ڇوڪريون آهيو ۽ توهان جن به ڇوڪرين کي سڃاڻو ٿا، اھي اِسڪرٽ ۽ سوئيٽر پائڻ شروع ڪن ۽ توهان وٽ صرف ھڪ ئي ڊريس هجي، ڇا توھان مايوسي محسوس نه ڪنديون؟ توھان انھن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي امڙ کي چونديون. توھان تيستائين خوشي محسوس نه ڪنديون، جيستائين توهان ٻين ڇوڪرين جيان نئين پوشاڪ نٿيون پهريو. امڙ ۽ ابو به ائين محسوس ڪندا آهن. گهڻو ڪري سڀئي ائين محسوس ڪندا آهن. اسان سڀ “فيشن” ۾ رهڻ چاهيندا آهيون. اها ڳالھه عجيب ته لڳي ٿي، آخر فيشن اسان جي لاءِ ايترو اهم ڇو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن اسان گھڻين شين جي قرباني ڏيندا آهيون، ويندي کائڻ پيئڻ ان لاءِ گهٽائي ڇڏيندا آهيون، ڇو جو اسان کي نئون وڳو وٺڻو هوندو آهي، جو نئين فيشن طور استعمال ٿيڻ لڳو آهي. اسان فيشن ۾ ان ڪري رهڻ چاهيندا آهيون، ڇو جو اسان کي ائين لڳندو آهي ته ان سان ماڻھو اسان کي ٻوگهلو ۽ پُراڻ پسند سمجهڻ بجاءِ اسان کي پسند ڪرڻ لڳندا ۽ اسان جي باري ۾ سٺو سوچڻ لڳندا. فيشن به انساني روايتن مان ھڪ روايت آهي. جيتوڻيڪ هن وقت جيڪي به فيشن آهن، اھي نوان آهن، پر فيشن جي روايت سڀني روايتن مان انتهائي قديم آهي. اوائلي انسان جيڪي فيشن جي ڊوڙ ۾ شامل نه هئا، اهي به اڄ جي انسان جيان ڏاڍا دلگير ٿي پوندا هئا. اسان جڏهن به فيشن بابت سوچيندا آھيون، تڏھن فيشن جي صرف ۽ صرف ھڪ قسم يعني پوشاڪ بابت ئي سوچيندا آھيون. پوشاڪ سان گڏ فيشن جا ٻيا به قِسم آهن، جيڪي هڪٻئي سان جُڙيل آهن. اسان انهن سڀني فيشنس کي نجي يا ذاتي فيشن چئي سگھون ٿا، جنھن ۾ پوشاڪ، جواهرات، وارن جي ڪٽائي، ٽوپيون، جُوتا وغيره اچي وڃن ٿا. جُوتن جو مثال کڻو. اڄ جي ڪا به عورت تيستائين پاڻ کي سٺي پوشاڪ ۾ مڪمل نه سمجهندي، جيستائين سندس پيرن ۾ ڪپڙن سان ملندڙ جلندڙ سُٺا جُوتا پهريل نه آھن. جُوتن جا به قِسم ٿين ٿا. مثال طور: رستن وارا جُوتا، منجهند وارا جُوتا، رقص وارا سليپرز، گولف وارا جُوتا، سنان وارا جُوتا اچي وڃن ٿا. انھن جُوتن کي پائڻ جو پنهنجو وقت ۽ پنهنجي جڳھه هوندي آهي. ڪو جيڪر پارٽيءَ واري پوشاڪ سان گولف وارا جُوتا پائي ته اسان کي عجيب لڳندو. پيرن کي پوشاڪ پهرائڻ جي روايت ڪا نئين نه آھي. اھا نهايت ئي آڳاٽي آھي. اوائلي انسانن پيرن کي پوشاڪ پهرائڻ جا انيڪ فيشن ڪيا. چين ۾ سوين هزارين سالن تائين عورتن ۾ “ننڍا پير هئڻ” فيشن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. چيني مائرون پنهنجين نئين ڄاول ڌيئرن جا پير گهڻي عرصي تائين سخت پَٽِيَن سان ٻڌي ڇڏينديون ھيون. اھا ڇوڪِري، جنھن جا پير ننڍڙا (ڀلي اهي کڻي ڪيترا به گدلا ڇو نه هجن) هوندا هئا، اها خود تي فخر محسوس ڪندي ھئي. ننڍا پير تنهن دور ۾ چيني ڇوڪرين جي لاءِ فيشن بڻيل هئا. تڏهن ائين سمجهيو ويندو هو ته ننڍن پيرن واري ڇوڪريءَ جا ڪيترائي نوڪر چاڪر هوندا، کيس پنڌ هلڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. ھاڻ ائين نه آھي. اھا روايت ختم ٿي چڪي آھي. سڀ خراب روايتون اڳ پوءِ ختم ٿي وڃڻيون آهن. چهري جو فيشن پڻ رهيو آهي. اهو ٿورو عجيب لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو اسان جن چهرن سان ڄاوا آهيون، انھن کي گهڻو تبديل ڪري نٿا سگهون، پر قبائلي لوڪ پنهنجي چهرن کي تبديل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ جستجو ڪندا هئا. ساموئا مُلڪ ۾ ڊگهو نڪ ۽ تراکڙو چهرو فيشن طور شمار ڪيو ويندو هو. ساموئا مائرون پنهنجن ٻارن جي مُهانڊن کي تراکڙو بڻائڻ لاءِ گهڻو مهٽينديون يا آڍينديون هيون. اوائلي دور ۾ وڏا چَپَ فيشن ۾ شمار ڪيا ويندا هئا. وڏن چَپن کي سٺو سمجهيو ويندو هو. ننڍن ٻارن جا تنهن وقت چَپ چيريا ويندا هئا ۽ انهن ۾ ڪاٺ جا ذرڙا وِڌا ويندا هئا. چپ جيئن ئي لڙڪي بيهندا هئا، تڏهن ڪاٺ جا وڏا ٽُڪرا انهن سان ڳنڍيا ويندا هئا. انهن قبائلي لوڪن جا چَپَ ٿالهي جيترا وڏا ٿي، لڙڪي پوندا هئا. ڪجھه قبيلن ۾ وري وڏن ڪَنن جو رواج هو. فيشن ۾ رهڻ لاءِ اهي ڪن جي پاپڙين ۾ سوراخ ڪندا هئا ۽ انهن کي وزني شين سان تيستائين ڇڪي ٻڌندا هئا، جيستائين اهي سندن ڪلهن تائين لڙڪي نه ايندا هئا. اڄ اسان کي اهي ساٺ سينگار عجيب لڳن ٿا. اسان وٽ هن وقت اهڙا ايذائيندڙ فيشن نه آھن (پر اسان وٽ برصغير ۽ ٽين دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ نيم قبائلي علائقن يا ٻهراڙين ۾ اڃان تائين ڪَنَ ٽوپائڻ جو فيشن ملي ٿو، پر اھي اڳي جي ڀيٽ ۾ گهٽ ايذائيندڙ ضرور آهن. مترجم: ڪ.ج)، پر اسان وٽ چهري جو فيشن اڃان تائين آهي. عورتن جي اڪثريت خود کي تيستائين مڪمل سٺي لباس ۾ نٿي سمجهي، جيستائين سندن رخسار تي هلڪي لالائي ۽ سندن نڪ تي پائوڊر لڳل نٿو هجي. گهڻا مرد روزانو جي بنياد تي شيوَ ڪندا آهن، ڇاڪاڻ جو کين ڏاڙهي پسند نٿي ھجي. آمريڪا ۾ ڪنهن دور ۾ ڇوڪرين طرفان چهري تي پائوڊر هڻڻ کي سٺو سئوڻ نه سمجهيو ويندو هو. تنهن دور ۾ نوجوانن طرفان ڏاڙهي ۽ شهپر رکڻ فيشن ۾ شامل هو. نوجوانن ۾ وڏي نظر اچڻ جو عام رجحان هو، ڇاڪاڻ جو نوجوانن جي ڀيٽ ۾ وڏڙن کي وڌيڪ حق، مراعتون ۽ سهولتون حاصل هيون. اڄ جي دور ۾ هر ڪو نوجوان نظر اچڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ جو اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻ اسان نوجوانن جي باري ۾ گھڻو سوچيون ٿا ۽ اھي ته قومن جا مستقبل هوندا آهن. تاريخ ۾ وارن جو فيشن پڻ رهيو آهي. اوائلي قبائلي لوڪن وارن جا ڪيترائي ساٺ سينگار ايجاد ڪيا، جي ڏاڍا عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هوندا هئا، پر هڪ ڳالھه آھي ته انهن وحشين جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ سوَ سال اڳ جي عورتن جا فيشن به ڏاڍا دلچسپ ھوندا ھئا. وارن کي رنگين ۽ گهنڊيدار بڻايو ويندو هو ۽ انهن جو ارڙهن انچن جيترو ڊگهو مينار ٺاهيو ويندو هو. تاريخ ۾ گهڻي وقت تائين ماڻهن وارن جون وِگون پاتيون، جو ان وقت جو عام فيشن هو. جيارج واشنگٽن پنهنجي وارن کي پوئتي ورائي پويان ڳچيءَ وٽ رِبن سان ٻڌي ڇڏيندو هو. ان کان ٿورو اڳ ماڻهو اڇي رنگ جون وِگون پائيندا هئا، جي گهنڊيدار هونديون هيون ۽ ڪُلهن تائين پيون لڙڪنديون هيون. توھان کي ڪيئن لڳندو، جيڪر توهان جو والد پنهنجي نوڪريءَ واري جڳھه تي وِگ پائي وڃي؟ پر پراڻي دور ۾ اهڙو ڪو ماڻهو نه ھوندو هو، جيڪو پنھنجي آفيس يا ڪم ڪار سان بنا وِگ جي ويندو هجي. عورتن ۾ وارن کي ننڍو ڪرائڻ فيشن رهيو آهي. اوائلي دور ۾ جڏهن عورتون پنهنجا وار ڪٽرائينديون هيون، تڏھن خاندان جا بزرگ ڏند ڪرٽيندا هئا ۽ ان روايت کي سٺو نه سمجهندا هئا. اڄ عورتن ۾ ننڍن وارن جو فيشن عام آهي. ان کي ڪير به خراب نٿو سمجهي. ننڍن وارن جي ديک ڀال ته اڃان به سهنجي آهي. زيورن ۽ ٻين جواهرات جو پڻ فيشن رهيو آهي. وحشي لوڪ ساٺ سينگار جي طور پکين جي کنڀن ۽ سامونڊي ڪوڏن کي پهريندا هئا ۽ اهي پنهنجي جسمن تي ٽيٽوز پڻ ٺهرائيندا هئا. ان قسم جا فيشن ڏاڍو ايذائيندڙ هئا. ڪجھه هندستاني عورتون ته وزني مالهائون پهرينديون هيون. قبائلي عورتون چئن کان ڇهن پائونڊن جي وزن جيترا لوهي چَڙا ۽ ڪنگڻ پنهنجين ٻانهن، ڄنگهن ۽ ڳچين ۾ پائينديون هيون. انهن مان ڪجهه لوهي مالهائون پڻ پهرينديون هيون، جن جو هڪ هڪ داڻو پٽاٽي جيترو هوندو هو. ان لوهي مالها جي تار جو پنجٽيھه پائونڊ وزن هوندو هو. توھان اندازو ڪيو ته هڪ عورت ڪيئن ايتري وزن سان هلِي سگهندي هوندي، پر اهو تنهن وقت جو فيشن هو. هاڻي عورتون مختصر ڪپڙا يا گهاگهرا پهرين ٿيون، جو اڄ جو فيشن آهي. مختصر لباس آرامده ۽ صاف سٿرو هجي ٿو، اهو آڳاٽي دور جي ڀيٽ ۾ گهڻو بهتر آهي. فيشن جي روايت رڳو ذاتي فيشن تائين محدود نه آھي. خوبصورت گهر ٺاهڻ به فيشن آهي. سوين سال اڳ جي گهرن کان اڄ جا جديد گهر مختلف آھن. عمارتن جو فيشن پڻ وقت سان تبديل ٿيو آهي. فرنيچر، وال پيپرس، غاليچن ۽ ٿانون جو فيشن پڻ تبديل ٿيو آهي. جديد فيشن صاف سٿرا ۽ بهتر آهن. گهرن ۽ ٻين شين جي تبديليءَ سان گڏوگڏ اسان جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ پڻ تبديلي آئي آهي. سوين هزارين سال اڳ جيڪي شيون اسان جا اوائلي وڏڙا کائيندا هئا، اهي اڄ اسان ڪو نه ٿا کائون. ڇاڪاڻ جو انھن جي ڀيٽ ۾ اڄ سٺا کاڌا ۽ انھن کي پچائڻ جا نوان طريقا موجود آهن. قديم دور ۾ جن شين کي بيڪار ۽ زهريليون چئي ڦِٽو ڪيو ويو، اڄ اسان انھن کي وڏي شوق سان کائون ٿا. صاف سٿرو رهڻ به اڄڪلھه فيشن ۾ شمار آهي. ڪو وقت ھو جو ماڻهو صفائيءَ تي گهڻو ڌيان نه ڏيندا هئا. تڏهن اڄ جيان صاف سٿرو رهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. ماڻهو گند ڪچرو گهٽين ۾ اڇلائيندا هئا. کين اھو ڪنھن به نه ٻڌايو ته ان سان بيماريون ڦهلجنديون، پر هاڻ ائين نه آھي. ڇو جو هاڻ اها پراڻي ۽ بيڪار روايت تبديل ٿي چڪي آهي. آڳاٽي دور ۾ بيمارين جو پڻ فيشن رهيو آهي. جڏهن ڊاڪٽرن ٻڌايو ته واڌو اپينڊڪس واري آنڊي بنا به انسان سلامت رهي سگھي ٿو، تڏھن ان جو آپريشن ڪرائڻ فيشن بڻجي ويو. جڏهن ڊاڪٽرن ٻڌايو ته گهڻيون بيماريون ڳلي جي غير صحتمند غدودن سبب ٿين ٿيون، تڏھن ماڻهن اهو ڄاڻڻ سواءِ ئي پنهنجي غدودن جا آپريشن ڪرائڻ شروع ڪيا ته اهي سڀ نقصانڪار آهن يا ڪي فائيديمند به آهن. خوشقسمتيءَ سان اهو فيشن گهڻو وقت ڪو نه هليو. خراب فيشن وقت سان ختم ٿي ويندا آهن. ٻوليءَ ۾ پڻ فيشن رهيا آهن. اڄ جا مروج لفظ، جي اسان عام طور تي ڳالهايون ٿا، اهي گذريل وقت ۾ استعمال ڪو نه ٿيندا هئا. اهي لفظ، جيڪي اڄ مروج نه آھن، اھي آھستي آھستي ٻوليءَ مان ختم ٿي وڃن ٿا. ٻوليءَ ۾ ھميشه نوان لفظ ٺاهيا ويندا آهن يا اڌارا ورتا ويندا آهن. ٻولي گهڻو ڪري تبديل نه ٿيندي آهي، پر ان ۾ ٻين شين جيان فيشن پڻ ٿيڻ ٿا. فيشن بابت اهم ڳالھه اھا نه آھي ته اھو ڪو ٻاراڻو، عجيب، اهنجو يا ايذائيندڙ هوندو آهي، پر اهو هڪ روايت بڻجي چڪو آهي. فيشن تڏھن کان روايت آهي، جڏھن ڌرتيءَ تي پهريان انسان رهيا. فيشن ھميشه جي لاءِ روايت رهندو. ماڻهن جي اڪثريت فيشن ۾ رهڻ پسند ڪندي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن خراب فيشن ختم ٿيندا ويندا ۽ انھن جي جاءِ بهتر فيشن والاريندا رهندا.
***