بلاگنئون

همتِ مردان، مددِ خدا…!

ڪڏھن ڪڏھن اوھان کي ماڻھن جي ڳالھين ۽ روَين مان تمام گھڻي تڪليف پھچندي آھي ۽ وقتي طور اوھان کي ڏک به ٿيندو آھي، پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اوھان کي اڳتي اچڻ لاءِ اھي ڳالھيون ۽ روَيا ئي مجبور ڪندا آھن انھن ماڻھن کي ثابت ڪري ڏيکارڻ ته اوھان به ڪجھ ڪري سگھو ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪڏھن ڪڏھن انسان سُستي جو مظاھرو ڪندي بس سٺي وقت جو ئي انتظار ڪندا آھن، پر جڏھن ڪنھن جي طرفان مليل طعنا يا تڪليف رسائيندڙ ڳالھيون ذھن تي طاري ٿينديون آھن ته اوھان جوش ۽ جذبي سان ڪوشش ڪرڻ شروع ڪندا آھيو. ڪنھن ڏاھي چواڻي صحيح موقعي لاءِ خراب حالتن جو سھارو به وٺڻو پوندو آھي. سٺي وقت تائين پھچڻ لاءِ اوھان کي خراب وقت مان گذرڻو پوندو آھي ۽ گھڻو ڪجھه برداشت به ڪرڻو پوندو. ان ڳالھ ۾ ته ڪو شڪ ئي ناھي جو اوھان محنت ڪريو ۽ تڪليفن ۽ پريشانين کي منھن نه ڏيڻو پئي، ڇاڪاڻ ته ھر ڪاميابي جي پٺيان ڪيتريون ئي ناڪاميون لڪل ھونديون آھن، ھر جائز ڪم ۾ رڪاوٽون، تڪليفون ۽ پريشانيون ضرور اينديون ان جو مطلب ھرگز ايئن ناھي ته اوھان ڪوشش ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيو. حضرت علي جو قول آھي ته جنھن منزل ۾ تڪليفون اينديون ھجن ته يقين ڄاڻو اھا منزل خوبصورت آھي، ڪوشش ئي ڪاميابي جي ڪُنجي ھوندي آھي. اڄ جو انسان ايترو ته سُست آھي جو ڪاميابي جا شارٽ ڪٽ پيو ڳولھي، ايتري قدر جو ھن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ھر شيءِ ڏينھون ڏينھن آسان ٿيندي پئي وڃي، پر تنھن ھوندي به ماڻھو انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان محنت ڪري اڳتي وڌڻ جي بدران سُست ٿي شارٽ ڪٽ جي ڪڍ لڳيو وڃي. شارٽ ڪٽ اوھان کي عارضي طور پنھنجي منزل تي پھچڻ جو ڏيک ضرور ڏيندو، پر اھا اوھان جي جائز يا حقيقي منزل ناھي ھوندي ۽ ٻي ڳالھ توھان کي ھر موڙ تي نوَن چھرن ۽ مختلف طبيعت جي ماڻھن سان منھن ڏيڻو پوندو آھي. اوھان جيڪڏھن اڳتي وڌڻ چاھيو ٿا، ڪامياب ٿيڻ چاھيو ٿا ته پنھنجو پاڻ کي ھر حوالي سان ذھني طور تيار رکي ڇڏيو ته ھر طريقي جي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوندو، ڪڏھن نازيبا لفظ ٻڌڻا پوندا، ڪڏھن جسماني ٿڪاوٽ جي حوالي سان تڪليف ايندي، ڪڏھن پاڻ سان گڏ رھندڙ يا گڏ ڪم ڪندڙ ماڻھن طرفان طنز ۽ تعنا ٻڌڻا پوندا. مطلب ته ھر حوالي سان تڪليفن ۽ پريشانين مان گذرڻو ئي پوندو تڏھن ئي اوھان پنھنجي جائز مقصد جي حاصلات تائين پھچي سگهندا. انسان جيڪڏھن محنت، جستجو ۽ پنھنجي طرف کان سچائي سان ڪوشش جاري رکي ته انسان اڳيان ڪابه شيءِ ناممڪن ناھي. انسان جيڪڏھن نيڪ نيتي سان ڪنھن مقصد ڏانھن اڳتي وڌندو ته مشڪلاتن سان گڏوگڏ مختلف طريقن سان تڪليفن مان به گذرڻو ئي پوندو. ڇو ته بغير تڪليفن جي ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل مقصد يا ڪاميابي عارضي ھوندي آھي، پر نيڪ نيتي سان حاصل ڪيل منزل يا ڪاميابي ۾ ضرور رڪاوٽون، تڪليفون ۽ گھڻو ڪجھ برداشت ڪرڻو پوندو آھي.
ھڪ ٻھراڙي جو سادڙو ڇوڪرو، پنھنجي ڌُن ۾ مگن، ھر وقت محنت ۽ جفاڪشي ۾ رُڌل، ان ئي سوچ ۾ ته ڪجھ ڪرڻو آھي پنھنجي دم تي، ڪافي ڪشالا ڪٽي پنھنجي ارادي سان زندگي ۾ اڳتي وڌندو رھيو، قدم به قدم تڪليفون اينديون رھيون، زندگي جي مختلف موڙن تي خطرن کي منهن ڏيندي اڳتي ھلندو رھيو. ھڪ ڀيري انھيءَ جو ڪنهن ڳالهه تان ٽڪر ھڪ اھڙي شيطاني دماغ واري سان ٿيو جيڪو بدنيت، بي ايمان، ۽ ٻه نمبري جو ماھر ته ھو ئي مٿان وري سنھي، چاپلوسي ۽ چمچاگيري جا گڻ به رکندڙ ھو. ھو پنھنجو پاڻ کي چالاڪ ۽ ٻين کي بيوقوف سمجھندو ھو. بهرحال وقت گذرندو رهيو، حالات خراب ھجڻ سبب ھن سٻاجھڙي اھا فيلڊ ڇڏي ٻئي ڪم ڪرڻ لاءِ اھو شھر ڇڏي ٻئي شھر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اتفاق سان انھيءَ ساڳئي ھمراھ سان ملاقات ٿئي ٿي، ٻئي ھڪ ئي راھ جا مسافر بڻجي پيا، پوءِ ته انھيءَ بدنيت رکندڙ کي موقعو ملي ويو ھن سٻاجھڙي سان ڪنھن گذريل وقت ڪنهن ڳالهه تان کوري ھو، ماضي واريون ڳالھيون دل ۾ بغض ۽ پليتي سان چڱي طرح ياد رکيو ويٺو ھو، پوءِ ته ان کي وجھ مليو ڪھڙي به طريقي سان ان کي تنگ ڪرڻ ۽ ان کي پوئتي ڌِڪڻ، بھرحال وس آھر پنھنجا ھيلا وسيلا ھلائيندو رھيو، پر سائين جنھن کي رب رکي تنھن کي ڪير چکي! بھرحال طنز ۽ ٺٺول ڪري صفا ماحول تنگ ڪندو رھيو، ھو ان جي محنت مان چڱي ريت واقف ھو، پر سائين اھا شيءِ مڃڻ ۽ برداشت ڪرڻ به ته ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ته ناھي نه. ھو سادڙو صبر ۽ برداشت کان ڪم وٺي پنھنجي ڪم سان ڪم رکي ھلندو رھيو، ھو پنھنجي طرف کان محنت ڪندو رھيو، پر ان جي محنت تي ڪجھ ان ريت ٺٺول ڪئي وئي، جو هو ڪڏهن ڪڏهن دل لاهي به ويهي رهندو هو، پر ھن اھي سڀ ڳالھيون درگذر پئي ڪيون، جڏھن ھو ان تي ٺٺول ڪندو ھو ته ان کي بجاءِ ورندي ڏيڻ جي مسڪرائي ڏسندو ھو، جڏھن ته ان سان رھڻ به پسند نه ھو، پر صرف پونئرن (فئملي) جي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ سفر کي مُسڪرائيندي گذاريندو رھيو، زھر جھڙيون ڳالھيون پوئتي ڦٽي ڪندي برداشت ڪندي اڳتي ھلندو رھيو، ان کي چڱي ريت خبر ھئي ته اھا منھنجي فيلڊ ناھي، پر ڪڏھن مايوس نه ٿيو ۽ مختلف جاين تي اپلائي ڪندو رھيو. ڇو ته ان ۾ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي سگھ ھئي، ان کي پاڻ تي يقين ھو ڪڏھن نه ڪڏھن ته خواب ضرور پورا ٿيندا. وقت ھلندو رھيو ان پنھنجا پير پٺتي نه ھٽايا، جنھن سفر ۾ ٻئي گڏ پئي ھليا ان مان ھو مطمئن نه ھو. ڇاڪاڻ ته ھڪ ته ان جي ھنر کان مختلف ھو، خير ھو به ڪم سان ڪم رکي ھلندو رھيو ۽ ان ڪوشش ۾ به لڳو پيو ھو ته ڪٿي پنھنجي ھنر مطابق ڪم ملي وڃي. ڪافي جاين تي اپلائي ڪندو رھيو، ھڪ ٻن جاين تي انٽرويو ۽ ٽيسٽ به ڏنائين، نيٺ پنهنجي هنر مطابق هڪ ڪمپني ۾ سيليڪشن ٿي وئي ۽ هو خوش ٿي ويو. الله پاڪ وٽ دير آھي انڌير نه، سو ڪڏھن به ڪنھن کي فضول سمجھي نه ڌڪاريو. ڇاڪاڻ ته ھر ماڻھو پنھنجي فن ۾ ماھر ھوندو آھي ۽ ٻي ڳالھ ھميشه ياد رکي ڇڏيو سچو ۽ نيت جو صاف ماڻھو ھميشه تڪليفن مان ئي گذرندو آھي ۽ ٻه نمبري، بي ايماني ۽ چاپلوسي ڪري پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ وارو عارضي طور تي پنھنجي مقصد ۾ ته ضرور ڪامياب ٿيندو آھي، پر اھا ڪاميابي مستقل ناھي ھوندي ۽ ٻيو ته ھو پاڻ ڪڏھن به ڪنھن شيءِ مان مطمئن ناھي ھوندو. تنھنڪري ڪوشش ڪريو ڪنھن کي تڪليف نه رسايو ڄاڻي واڻي ڪنھن جي راھ جي رڪاوٽ نه بڻجو، اوھان ته ان مان لطف اندوز ٿيندا ھوندا، پر ان جي اندر جي آھ ڪڏھن اوھان کي لڳي وئي ته اڻ سڌي طرح اوھان به تڪليفن مان گذرندا، پر اھو نه سمجھي سگھندا ته اوھان سان ڇو ايئن پيو ٿئي، تنھنڪري ھميشه ٻين جو ڀلو سوچو الله پاڪ اوھان جو به ڀلو ڪندو.
***