30 جولاءِ، 2008
ساجن لنڊن ۾ آهي، ياد به ايندو آهي. اڪثر ڳالهائيندا رهندا آهيون، پر جڏهن کان مون کي دل جي بيماري کانپوءِ، وري ٻيا عارضا ٿيا آهن، گردن ۽ نرن جا. تن کي به اچي مهينو کن ٿيو آهي، فائدو نه آهي. ائين ٿو لڳي ته هاڻ زندگي جي پڇاڙي اچي ٿي آهي. بيمارين اچي ورتو آهي. ٻي ته ڪا تمنا نه آهي، پر ساجن ياد ايندو آهي. سارنگ، منهنجي علاج ۽ خذمت ۾ لڳل آهي، علاج به مهانگو آهي، پر سارنگ دل سان خدمت ڪري رهيو آهي.
***
18 آگسٽ 2008
جنرل مشرف کي اقتدار ڇڏڻو پيو آهي، حسب روايت، آمريت جو انجام ٿي رهيو آهي. عوامي طاقت جو هي تاريخي ۽ عظيم الشان انداز، مظلوم عوام لاءِ ڪيئي سالن کانپوءِ دل خوش ڪن عمل آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ آمر صدر جو عوامي اسيمبليون مواخذو ڪري رهيون آهن. پهريون ڀيرو ملڪ جي چئني صوبائي اسيمبلين جنرل مشرف خلاف قراردادون منظور ڪيون آهن. جنرل مشرف کي پنجاب اسيمبلي مان وري به ڪجهه ووٽ مليا، پر سنڌ ۽ بلوچستان پاڻ ملهايو. ٻنهي صوبائي اسيمبلين يڪ راءِ جنرل خلاف فيصلو ڏنو. هڪ ووٽ به جنرل جي حق ۾ نه آيو. بهرحال، آصف زرداري صاحب، شهيد بي بي جي تعليم، تربيت جو حق شاندار انداز سان ادا ڪري رهيو آهي. شهيد محترمه جي وفات کانپوءِ آصف زرداري جنهن ڏاهپ سان فيصلا ڪيا ۽ عمل ڪيا آهن ۽ انهن ۾ تاريخي ڪاميابيون ماڻيندو اڳتي وڌي رهيو آهي. اليڪشن ۾ ڪاميابي، سڄي ملڪ جي سياسي قوتن کي منظم ڪري مرڪز ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ٺاهي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجو وزيراعظم، جناب يوسف رضا گيلاني کي چونڊيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پاليسي به اها هئي ته آمر ۽ آمريت جي ساٿين کي ڏاڪي به ڏاڪي سياسي دانش سان، پوئتي ڌڪجي. ان لاءِ محترمه بين الاقوامي حمايت سان جنرل کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. جنرل جيڪو ٻه ٽي مهينا اڳ چئي رهيو هو ته بينظير ۽ نواز شريف کي ملڪ ۾ هرگز اچڻ نه ڏيندس انهن کي جنرل نه صرف اچڻ ڏنو، پر هنن جي اچڻ کان اڳ آمر صدر ۽ سندس وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ سندن سڄي ڪابينا سرڪاري طور تي NRO پنهنجن دستخطن سان جاري ڪيو، جنهن ۾ صدر ۽ سندس حڪومت اعلان ڪيو ته گذريل ويهن سالن ۾ ۽ خاص طور گذريل ڏهن سالن ۾ جيڪي به ڪيس، سياستدانن تي داخل ڪيل هئا، اهي غلط ۽ ڪوڙا آهن، اهي صرف سياسي انتقام طور ڪيا ويا هئا، اهي ختم ٿا ڪجن. محترمه جي دٻاءُ سان اليڪشن جو اعلان ٿيو. 18 آڪٽوبر ڪراچي واري عوامي سمنڊ دشمنن کي بدحواس ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ تي بم حملو ڪيو ويو ۽ 150 شهيدن محترمه کي بچائي ورتو، پر 27 ڊسمبر راولپنڊي ۾ دشمن حملو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ محترمه پنهنجي جان ڏني. جناب آصف علي زرداري اُنهيءَ جي باوجود سياسي عمل کي جاري رکيو، اليڪشن کانپوءِ حڪومت ٺاهي، پارليامينٽ ۾ حمايت جي زور تي لڳي ائين ٿو ته صدر جنرل مشرف جو مواخذو ڪري هن کي اقتدار کان ٻاهر ڪڍيو ويندو. اِها جمهوريت ۽ عوام جي وڏي ڪاميابي آهي.
***
29 آگسٽ، 2008
اي رب تنهنجا لک ڪرم آهن. مونکي زندگي جي سڀني نعمتن سان نوازيو. دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي نعمت دولت، اولاد جو سُک ۽ اولاد جو صالح هجڻ. ٻه وڏيون نياڻيون، سنڌو ۽ جيما، پنهنجن ورن گهرن ۽ ٻچڙن سان خوش آباد آهن، انهن کانپوءِ وڏو فرزند سارنگ ماشاءَالله هڪ ايڪسچينج ڪمپني ۾ مئنيجر آهي، اُن جي گهرواري جيڪا منهنجي ننڍي مرحوم ڀاءُ حسن جي نياڻي آهي ۽ انهن کي هڪ انتهائي پيارو پٽڙو آهي، يعني اسانجو پوٽو جنهن جو نالو مرحوم نانس ۽ منهنجي ڀاءُ جي نالي جي نسبت سان علي حسن آهي. منهنجي شريڪ حيات، رضيه ۽ آئون، علي حسن سان وندريا ويٺا آهيون. سارنگ ماشاءَالله تمام سٺو پگهار کڻندو آهي ۽ شايد شيئرز جو ڪم به ڪندو آهي. سڄي گهر جو سڄو خرچ سارنگ سنڀاليو آهي، جيڪو اٽڪل چاليهه هزار هوندو. بهرحال سارنگ ۽ سورٺ ٻئي اسان کي انتهائي پيار ۽ قرب سان، عزت و احترام سان سنڀاليندا آهن.
اسانجو ننڍو فرزند ساجن علي به ماشاءَالله مهراڻ مان آئي.ٽي ۾ گريجوئيشن ڪري گذريل سال آئيلٽس ڪري لنڊن ويل آهي ۽ اُتي جي هڪ سٺي يونيورسٽي مان ماسٽر ڪري رهيو آهي. ساجن کي لنڊن موڪلڻ ۽ پڙهائي جو خرچ به هن کي سارنگ ڪري ڏئي رهيو آهي، پر سارنگ اسان کي به سنڀالي سڄو گهر هلائي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي به شاندار تعليم ڏياري رهيو آهي ۽ ساجن به ماشاءَالله تمام سمجهدار ۽ فڪر ڪرڻ وارو سنجيده طبيعت وارو نوجوان آهي. ماشاءَالله ٻئي پٽ انتهائي نيڪ، مومن، رحمدل ۽ نرم دل آهن. اي رب تنهنجي ڏنل سڀني عظيم نعمتن جا شڪر، باقي حياتي جي هر ساهه سان ادا ڪريان تڏهن به ناڪافي هوندا. ڇاڪاڻ ته اولاد جو سُک، گهر جو ٻارن جو سُک پيار، احترام ۽ سڪون وڏي ۾ وڏي نعمتن جو خزانو آهي. انهيءَ دولت کان وڏي دولت ٻي نٿي ٿي سگهي. اسان جي دلين مان، بلڪه روح مان به اها ئي دعا ٿي نڪري ته اي رب تون اسان جي ٻچڙن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رک. هنن کي خير سلامتي عطا ڪر. هنن کي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪر، ٻچڙن کي هميشه سُکيو سلامت آباد رک. آمين.
***
12 سيپٽمبر 2008
سٺ سال عمر ٿي آهي ۽ بيمارين اچي ورتو آهي، دل جو دورو پيو. اينجيوگرافي ۽ اينجيوپلاسٽي ٿي. پنج ڇهه مهينا مس گذريا آهن جو نرن جو سور شروع ٿيو آهي، ٻه ٽي مهينا ٿيا آهن، ٽي چار ڊاڪٽر بدلايا آهن، تمام گهڻيون دوائون ورتيون آهن، ڪيئي ٽيسٽون ڪرايون آهن، پر فائدو ندارد. سچ ته مون کي ائين پيو لڳي ته ڪا وڏي بيماري اچي لڳي آهي. الله رحم ڪري، مولا شفا عطا ڪري. آمين. پر سچ ته مون کي ائين پيو لڳي ته هاڻ وقت پورو پيو ٿئي. ڪوچ ڪرڻ جا آثار آهن، بهانا پئدا ٿي رهيا آهن. هر ساهه وارو جيو، زنده رهڻ جي جستجو ڪري، اهو فطري عمل آهي، سو يقينن مان به ڪريان پيو، پر جيڪڏهن حياتي جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن ته پوءِ رب جي رضا کي ڪير ٿو روڪي سگهي، بس الله کان التجا ۽ دُعا اها آهي ته رب گهڻي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائي. آمين.
***