ايڊيٽوريل

پاڪستان کي بنگلاديش سان سفارتي لاڳاپن ۾ محتاط رهڻو پوندو

            تازو پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس جي وچ ۾ اقوام متحده جي اجلاس دوران ملاقات ٿي ۽ ان ملاقات کي ٻئي ملڪ اهميت ڏئي رهيا آهن. جيئن ته شاگردن جي تحريڪ کانپوءِ سابق وزيراعظم حسينه واجد جي حڪومت ختم ٿي ۽ انهيءَ ڀارت ۾ پناهه ورتي ته بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جوڙي هئي جنهن جو سربراهه محمد يونس آهي ۽ ان جي ڪابينا ۾ شاگرد تحريڪ جا رهنمائي ڪندڙ چهرا به شامل آهن ۽ انهيءَ سرڪار کي بنگلاديش جي فوج جي پٺڀرائي به حاصل آهي. عوامي ليگ جي سربراهي ۾ هلندڙ حڪومت جيڪا 2009ع کان وٺي هلي رهي هئي، انهيءَ جي سربراهي ۾ بنگلاديش غير معمولي ترقي ڪئي ۽ بنگلاديش اسرندڙ ملڪن ۾ ترقيءَ جي شرح ۾ سڀني کان اڳيان هو ۽ دنيا جا معاشي ماهر بنگلاديش جي ترقي تي خوش هئا. تڏهن اوچتو ئي اوچتو هو ڇا ٿيو جو ڪوٽا سسٽم کي بنياد بڻائي شاگرد تحريڪ ماڻهن ۾ مقبول ٿي وئي. تحريڪ جي دوران ملڪ جي عام زندگي ڄڻ مفلوج ٿي چڪي هئي، نتيجي ۾ عوامي ليگ جو اقتدار ختم ٿي ويو. ايترو ضرور چئبو ته عوام ۾ شيخ حسينه واجد جي خلاف نفرت پلجي رهي هئي. جنهن کي شاگرد تحريڪ رهنمائي فراهم ڪئي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته عالمي قوتن ان سڄي صورتحال جي پٺڀرائي ڪئي آهي. نتيجي ۾ هڪ اهڙي حڪومت آئي آهي جنهن کي اسين ٽيڪنوڪريٽ حڪومت چئي سگهون ٿا، جنهن جي اڳواڻي هڪ طرف 2006ع ۾ نوبل پيس پرائيز ماڻيندڙ ماهر معاشيات ڊاڪٽر محمد يونس ڪري رهيو آهي ۽ سندس ڪابينا ۾ معاشيات ۽ قانون جا ماهر ۽ ٻئي طرف شاگرد تحريڪ جا نمائندا به شامل آهن.

            انهيءَ شاگرد تحريڪ بنگلاديش جي رواداري واري ماحول کي انتها پسنديءَ جو رخ ڏنو آهي. ايئن به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بنگلاديش ۽ هندستان جي وچ ۾ دوريون وڌي ويون آهن ۽ بنگلاديش ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا آهن ۽ انهيءَ کي اسان جي ملڪ جا ڪجهه حلقه ٻه قومي نظريي جي تاريخي فتح تصور ڪري رهيا آهن. خطي ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش جو ٽڪنڊو هميشه اهم رهيو آهي. جڏهن به بنگلاديش ۾ عوامي ليگ جي حڪومت هوندي آهي ته ان جو جهڪاءُ ڀارت طرف هوندو آهي. ماضيءَ جي بنگلاديش نيشنل پارٽي جي حڪومت هجي ۽ اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن ۾ بنگلاديش ۾ جيڪي سياسي تبديليون آيون جن جي نتيجي ۾ صدر ضياءُ الرحمان ۽ حسين محمد ارشاد بنگلاديش جا صدر رهيا تڏهن پاڪستان سان بنگلاديش جا تعلقات بهتر رهيا آهن. شاگرد تحريڪ کانپوءِ آيل نئين حڪومت جنهن کي تمام ٿورو وقت ٿيو آهي انهيءَ لاءِ ٻه وڏا چئلينجز آهن ته اها ملڪ جي اقتصادي ترقيءَ کي انهيءَ حد تائين کڻي وڃي جنهن حد تائين شيخ حسينه واجد جي حڪومت ۾ بنگلاديش ترقي ڪري رهيو هو. انهيءَ کان به اهم انهيءَ ملڪ جي خارجا پاليسي آهي ته اهو پنهنجي پاڙيسرين سان ڪهڙا تعلقات ٿو رکي ۽ پاڪستان جو معاملو مثالي به آهي ۽ تاريخي به. ڇاڪاڻ جو بنگلاديش هڪڙي ملڪ جي طور پنهنجي وجود کان اڳ پاڪستان جو حصو رهيو آهي. هر ملڪ پنهنجي ارتقا ۾ موقعن ۽ حادثن جو سنگم هجي ٿو، هن موقعي تي جڏهن شاگرد تحريڪ کانپوءِ وارو بنگلاديش پاڪستان جي حق ۾ اچي ويو آهي ته اها اسان جي ملڪ جي به ڪاميابي آهي. هتي اسين اها ڳالهه ڪندو هلون ته بنگلاديش جڏهن قائم ٿيو هو تڏهن اتي جي اردو ڳالهائيندڙ بهارين اهو مطالبو ڪيو ته انهن کي پاڪستان ۾ آباد ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو انهن پاڪستان جي وحدت جي خلاف 1971ع ۾ جيڪا جنگ ٿي رهي هئي انهيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. ۽ اسان جي ملڪ جي ساڄي ڌر جي جماعتن به اهو مطالبو ڪيو ته بهارين کي پاڪستان ۾ آباد ڪيو وڃي. 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ هزارن جي تعداد ۾ اردو ڳالهائيندڙ بهاري ۽ خود بنگالي به اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا، پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن بنگلاديش گذريل حڪومتن جي دور ۾ ترقي جي راهه تي هليو ته هتي رهندڙ بنگالي به پنهنجي وطن هليا ويا.

            هن وقت پاڪستان حڪومت بنگلاديش کي هڪ خاص اهميت ڏئي رهي آهي، ڇو ته اهو اسان جو هڪ اسلامي برادر ملڪ آهي ۽ جيئن ته مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته اهو پاڪستان جي وجود کان ٽٽل هڪ ٽڪرو به آهي، پر هاڻي اسان کي ان جي آزاد حيثيت کي قبول ڪرڻو پوندو ۽ بلڪل ايئن ئي قبول ڪرڻو پوندو جيئن ٻيا اسان جا پاڙيسري ملڪ آهن يا اسلامي ملڪ آهن. اسان کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن ۾ ان ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو ته اسان بنگلاديش کي صرف ان ڪري ويجهو وڃڻ جي ڪوشش نه ڪيون ته کيس انڊيا کان پري ڪري سگهون بلڪه اسان کي هڪ پرامن پاليسي تحت بنگلاديش سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۽ پنهنجن مفادن جي حصول جي لاءِ بنگلاديش سان سفارتي لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي خواهش هجڻ گهرجي. وقت جي ضرورت آهي ته اسان انتهائي محتاط اندازي سان قدم اڳتي وڌايون ته جيئن ڪٿي به اسان جي ملڪ جي مٿان ڪوبه اخلاقي يا سياسي دٻاءُ نه پئجي سگهي جيڪو اسان نه کڻي سگهون. ڇو ته هن وقت پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي صورتحال به ڪا گهڻي سٺي نه آهي. اميد آهي ته اسان جي اقتدار ۾ ويٺل ڌريون بنگلاديش سان پاليسي ٺاهڻ وقت انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکنديون. ڊاڪٽر محمد يونس جي حڪومت جيڪڏهن بنگلاديش جي ترقي ۽ خوشحالي کي قائم رکيو ته پوءِ اتي جو ڪوبه باشندو اهو نه چاهيندو ته اهو هجرت ڪري ٻئي ملڪ ۾ وڃي، پر شاگرد تحريڪ جي نتيجي ۾ هڪ وڏي هجرت ٿي چڪي آهي. ملڪ جي سابق وزيراعظم حسينه واجد ڀارت ۾ پناهه ورتي آهي. هڪ ترقي ڪندڙ ۽ دوست بنگلاديش ملڪ اسان کي قبول آهي.