ايڊيٽوريل

سنڌ مان قبائلي جهيڙن جو ناسور ڪيئن ختم ٿيندو؟

            سنڌ ۾ بدامني جو سڀ کان وڏو ڪارڻ قبائلي جهيڙا آهن، جن کي هڪ سازش تحت پکيڙيو وڃي ٿو، ان ۾ ڪجهه ماڻهن جو فائدو ٿئي ٿو، پر برادريون ۽ اهو علائقو جتي اهو جهيڙو شروع ٿئي ٿو، ڀوڳينديون رهن ٿيون، فائدو صرف سردارن جو آهي، برادريءَ ۾ موجود ڪجهه بدمعاش ماڻهن، ڌاڙيلن ۽ اتي موجود پوليس جي آفيسرن جو آهي، اهي سڀئي انهن جهيڙن مان مختلف طريقن سان فيضياب ٿين ٿا. برادريءَ جو غريب ماڻهو، اڇي لٽي پائڻ وارو ماڻهو، ننڍو وڏو ڪاروبار ڪرڻ وارو ماڻهو، تعليم حاصل ڪرڻ وارو نوجوان شاگرد اهڙن جهيڙن جي باهه ۾ وڪوڙجي ڀسم ٿي وڃي ٿو.

            گهڻو ڪري اهي قبائلي جهيڙا سنڌ جي اترئين ضلعن گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، سکر ۾ ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن ۾ سوين ماڻهو بيگناهه قتل ٿين ٿا. بجاءِ انهن قاتلن کي سرڪار گرفتار ڪري مثالي سزائون ڏيئي جهيڙا ختم ڪري، پر اهڙن جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ جرڳا ڪيا وڃن ٿا، جن جا ڪيل فيصلا ٻن ٽن مهينن کانپوءِ وري ساڳي جاءِ تي اچي بيهن ٿا ۽ هڪ نئون قتل ٿيڻ کانپوءِ انهن قبائلي جهيڙن ۾ نئون ساهه پئجي وڃي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته سرڪار ۾ موجود سردار پڻ انهن جهيڙن کي مستقل ختم ڪرڻ نٿا چاهين. جرڳن ۾ خون، خون سان پاڙيا وڃن ٿا ۽ قاتلن کي ڪابه سزا نٿي اچي، قاتل سر عام گهمندا وتن ٿا. جرڳي جي ذريعي ڪجهه وقت ٺاپر اچڻ کانپوءِ وري قبيلائي تڪرار ڪر کڻن ٿا. ساوند- سندراڻي تڪرار جنهن ۾ هڪ نالي وارو آءِ ٽي جو پروفيسر جيڪو فرانس کي ڇڏي سنڌ ۾ نوجوان شاگردن کي آءِ ٽي جي تعليم ڏيڻ لاءِ آيو هو سندس نالو پروفيسر اجمل ساوند هو، اهو پڻ هن قبيلائي تڪرار جو کاڄ بڻجي ويو هو. سول سوسائٽي جي تمام گهڻي دٻاءُ کانپوءِ سرڪار صرف ايترو ڪيو جو ٻه مهينا پهرين مهر سردارن انهيءَ قبائلي تڪرار جو جرڳو ڪري نبيرو ڪيو، جنهن جي سهولتڪاري سنڌ سرڪار ڪئي هئي. ان جرڳي ۾ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ، سنڌ سرڪار جا آفيسر، لوڪل سردار موجود هئا. ان وقت به اسان انهيءَ جرڳي جي مخالفت ڪئي هئي. ڇو ته جيستائين ڏوهه ڪرڻ واري کي سزا نه ملندي تيستائين قبيلائي نظام ۾ سڀ بي خوف هڪٻئي جو خون وهائيندا رهندا ۽ قانون کان بالاتر سماج رياست جي لاءِ خطرو بڻجي اسرندو رهندو. پهرين آڪٽوبر تي اهو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ٿيندي نظر اچي ٿو، هڪ ڌر جو بيگناهه ماڻهو سراج سندراڻي قتل ٿي ويو، جنهن جو الزام ساوند برادريءَ جي مٿان لڳائي سندراڻي برادري جي ماڻهن ساوند برادري جي ڳوٺ مٿان ڪڙو چاڙهي ويهي رهيا ۽ ساوند برادري جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويٺا، پوليس پري پري تائين نظر نه آئي، پوليس تڏهن ايندي جڏهن انهن قتلن ۾ واڌارو ايندو، انهن برادرين جا ماڻهو ڌاڙيل ٿيندا يا ڌاڙيلن سان وڃي گڏبا ۽ اهو شيطاني چرخو هلندو رهندو. هاڻي ڪير ان جرڳي ۾ موجود سردار کان پڇي ته اوهان جي ڪيل نبيري مان ڪهڙو فائدو ٿيو. ها اهو ضرور ٿيو ته ٻنهي برادرين ۾ موجود قاتل بيگناهه بڻجي ويا ۽ سينو کولي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکيڙيندا رهن ٿا. هاڻي وري انهن قاتلن جي برادرين کي ضرورت پوندي اهي قاتل هڪ دفعو ٻيهر پنهنجن ٻرن مان نڪرندا ۽ مخالف برادري جي بيگناهه ماڻهن کي ماريندا. ڇو ته ڏاڍا ماڻهو انهن قاتلن جي پهچ کان مٿانهان آهن.

            برادريون چندا ڪنديون، هٿيار خريد ڪنديون پوءِ غير قانوني هٿيار انهن علائقن ۾ ڪيئن پهچندو ان جو جواب سرڪار کي ڏيڻو آهي. 6، 8 مهينا گذرڻ کانپوءِ وري جرڳو ٿيندو ۽ قاتل کلي عام گهمندا ڦرندا وتندا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا. اهو ئي سبب آهي جو قبيلائي تڪرار بجاءِ ختم ٿيڻ جي وڌي رهيا آهن ۽ هاڻي انهن تڪرارن هڪ صنعت جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن جا ڪيترائي ڀاڱي ڀائيوار آهن. سنڌ سرڪار وٽ قانون به آهي، هٿيار به آهي، سنڌ اندر عدالتون به آهن جيڪڏهن اهي پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪن، ڪنهن به بيگناهه قتل ٿيندڙ ماڻهو جي قاتل کي جلد سزا ڏين ته پوءِ جرڳن جي ضرورت نه پوندي. ماڻهن کي تحفظ جو احساس ٿيندو ۽ قاتل کي ڦاهي چڙهڻ جو خوف محسوس ٿيندو، پر اهو ڪم ڪير ڪندو؟ سرڪار ۾ ته سڀ سردار ويٺا آهن، ايم پي اي به اهي آهن، ايم اين اي به اهي آهي، پير مرشد به اهي آهن، ڌاڙيل به اهي آهن، آفيسر به اهي آهن انصاف ڪندڙ جج به اهي آهن. عام ماڻهو جيستائين پاڻ کي ان پنجوڙ مان آزاد نه ڪندو تيستائين بيگناهه ماڻهو برادري جي جهيڙن جو کاڄ بڻجندا رهندا. اهو ناسور ختم ٿيڻ گهرجي، پر ختم ڪرڻ لاءِ رياست کي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، جنهن کي هڪ عام ماڻهو روزانو جو بيناد تي ٽيڪس ادا ڪري ٿو.