بلاگنئون

شهري سياست جي ٻٽي سياست

جڏهن کان ملڪ ٺهيو آهي تڏهن غيرسنڌين جي کوٽي سياست کٽي نه ٿي. اهي هر اها ڳالھ ڪرڻ ٿا چاهن جنهن ۾ انهن جي پنهنجي ڀلائي ۽ چڱائي هجي، جنهن ۾ اها ڳالھ ٿئي جو رڳو غيرسنڌي خوش هجن ۽ اهي جيئن. انهن ماڻهن پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻٽو نظام هجي يا مشرف جي دور ۾ بلدياتي نظام جي بهاني انهن جي شهري سياست هجي يا نوازشريف جي دور ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ هجي، هنن هر دور ۾ پنهنجي ڳالھ پڄائي آهي يا شروع ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري سنڌ ڪرڻ وارا به هي هيا جنهن ۾ رڳو ڪراچي، حيدرآباد اربن ايرياز بڻايا ويا جتي هنن جي گهڻائي هئي يا سمجهن پيا ته انهن جي ٻوليءَ جي مٿڀرائي آهي ان ڪري باقي سموري سنڌ ”رورل“ ايريا ۾ شامل ڪري ويا ۽ ان سان گڏ ڪوٽا سسٽم به آندن ته شهري آبادي مان ڪيتريون نوڪريون کڻي يا ملي سگهن ٿيون ۽ ڳوٺاڻي آبادي وارن کي ڪيتري ڪوٽا ملندي هاڻي وري ساڳيا ئي چون ٿا ته ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو ان ڪري ته ڪوٽا سسٽم ۾ سنڌين کي فائدو آهي ان ڪري ته سرڪاري تعليمي نظام ۽ شهري خانگي نظام ۽ خانگي تعليمي بورڊن جي ظاهرن ڀلي تعليم جي ڪري ميرٽ تي مليل نوڪرين ۾ سنڌين جي حصي پتي نه ٿيندي ان ڪري ڪوٽا سسٽم ختم ٿيڻ سان ٻين کي نقصان ٿئي يا نه ٿئي، پر سنڌين کي نقصان ڏيڻو آهي، ان کان علاوه ملٽائي نيشنل ڪمپنين ۾ جيڪي نوڪريون ملن ٿيون يا ڏنيون وڃن ٿيون اهي سڀ جو سڀ غير سنڌين کي ڏنيون وڃن ۽ پرائيويٽ ادارن، بينڪن ۽ آرگنائيزيشنن ۾ جيڪي به نوڪريون پيدا ٿينديون رهن ٿيون انهن سڀني جا حصدار غير سنڌي آهن پوءِ ڀلي اهي ادارا وفاقي هجن يا صوبائي هجن باقي جيڪي سرڪاري نوڪريون ملن ٿيون يا خاص ڪري سنڌ پوليس، ٽريفڪ پوليس، بري، بحري ۽ هوائي فوج انهن ۾ به غير سنڌين کي ڪراچي جو نقلي ڊوميسائيل ٺهرائي ڏنو وڃي ۽ انهن سڀني غير سنڌين کي ڀرتي ڪيو وڃي، باقي جيڪي ڪراچي بورڊ کان علاوه ميٽرڪ يا انٽر پاس ڪري اچن انهن کي اهو بهانو ڪري موٽايو وڃي ته توهان وٽ صحيح اردو ٻولي ڳالهائڻ جو لهجو (ايڪسينٽ) يا ”ليگوينج بيريئر“ آهي ان ڪري نوڪري انهن کي ملندي جيڪي اردو ٻولي صحيح ڳالهائيندا، جيڪي ڪاف ڪتي ۽ قاف قلم ۾ فرق ڪري ڄاڻن ۽ جيڪي ڀڀڪيون هڻي ڳالهائن، باقين جي لاءِ نوڪري ناهي.

هنن سدائين پاڻ کي دهلي جو ٺڳ ئي ثابت ڪيو آهي جنهن ۾ هنن کان جڏهن به ڪا حرفت پڄي ٿي ته ڪري ٿا وٺن انهن ماڻهن جا ”اپَ وَرَڊ“ (وفاقي ادارن، اسٽبلشمينٽ ۽ فوج) تعلقات ڀلا آهن، اهي حضرت انهن جي ڳالھ سمجهن ۽ مڃن ٿا، اها ٻي ڳالھ آهي ته اهي جڏهن واپس موٽي ڪراچي شهر ۾ لڏي لهن ٿا ته انهن جي بينر لڳي ٿا وڃن ته ”ڪيتري ۾ ضمير کپائي آيا آهيو“، ان ڪري ته سياست رڳو ڏي وٺ لڳي پئي آهي ۽ اسٽبلشمينٽ کي اها خبر ڀلي ڀت هئي ته هن شهبازسرڪار کي سال مس گذرندو جو اهي ايم ڪيو ايم وارا پاڻ لڦڙبازي ڪري بيهي رهندا ته اسان جي مطالبا مڃو ۽ اسان کي ڪوٽا سسٽم ختم ڪري ڏيو ته جيئن اهي شهري ڊوميسائيل تي نوڪري ورهائي کڻن، انهن جي مطالبن ۾ اهو به آهي ته انتظامي يونٽ ٺاهي انهن جي بک ماري وڃي ان ڪري ته اهي سان نيت سان آيا هيا ته اهي هتي اچي ڪراچي شهر ۾ ديرو ڄمائيندا جيڪي پاڻ پاڪستان ٺاهڻ آيا هيا انهن جو هاڻي پاڪستاني سياست سان ڪجھ به نه وڃي اهي پوءِ به ناظم آبادي ۽ لالو کيتي سياست ئي ڪندا، اهي هر پنجين پندرهينءَ ڪا نه ڪا ڳالھ اهڙي ڪندا جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جي دل آزاري ٿئي، جنهن ۾ اسٽبلشمينٽ ۽ پنجاب جي دل ٺري، پوءِ اها ڳالھ بحريا ٽائون اڏڻ جي هجي، اها ڳالھ سنڌوءَ تي ڊيل هجي، اها ڳالھ جهلم لنڪ ڪينال جي ذريعي سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙا هجن، اها ڳالھ اين ايف سي ايوراڊ جي رقم گهٽائڻ هجي ، اها ڳالھ هٿ ٺوڪي آدم شماري جي هجي جو جن ماڻهن جي ”فرٽيلٽي“ (ڄم جي شرح) زيرو زيرو زيرو پوانٽ هڪ به هجي، جن ماڻهن کي هڪ هڪ ٻار هجي (پوءِ ڌيءُ يا پٽ) اهي آباديءَ ۾ واڌ جا سبب به ڳڻائي سگهن ٿا جيڪا ڳالھ حيرت جهڙي آهي، حلانڪي شهر ۾ جيڪي به آبادي وڌي ٿي سا غيراردو آهي، جيڪو به فرٽيلٽي ريشو وڌي ٿو اهو آهي ئي غيراردو وارن جو.

اسان کي حيرت ان ڳالھ تي به آهي ته شهري آبادي کي جيترا سک، شانتيون، سيڪيورٽيون، جاني ۽ مالي تحفظ، اسڪول اعليٰ تعليمي نظام، ڪاليج، يونيورسٽيون، هوائي اڏا، بحري نظام، پوليس سسٽم ۽ جديد سي سي ٽي وي سسٽ، روڊ رستا، پليون، پڪا گهر، اربين رپين جو مال ملڪيتون، بينڪون ۽ الائي جي ڇا ڇا، پر جڏهن به ڏسو ته اهي ماڻهو هر اردو چينل تي رڳو اها راڳ لايون ويٺا هوندا آهن ته اهي ماڻهو سکيا ناهن، حلانڪي اسان ڪڏهن به اها ڳالھ ناهي ٻڌي ته لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئٽيا، فيصل آباد يا گجرانوالا جا ماڻهو تنگ ويٺا آهن يا اهي ڪنهن صورت حڪومتن مان تنگ ويٺا هوندا آهن پر اهي ماڻهو انتهائي سکيا ستابيا، صنعتي زونن ۾ خوش باش زندگي گذارڻ وارا سدائين پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا، اهي سمجهن ٿا ته پنجاب سميت ملڪ جا جيڪي به ضلعا، ڊويزنون ۽ ننڍيون ننڍيون آباديون آهن اهي هڪ انتظامي يونٽ آهن، انهن وٽ ديهن کان وٺي تعلقن، ضلعن ۽ ڊويزنن تائين سڀ جا سڀ نظام جڙيل آهن، انهن جون حدون به مقرر آهن، انهن وٽ پوليس، روينيو، زرعي سسٽم، تعليمي نظام، تعليمي بورڊ، يونيورسٽيون ۽ سڀ جا سڀ ننڍا وڏا سسٽم هڪ يونٽ تحت هلن ٿا، مثال سڀ کان بهترين (جنهن کي فرسوده به چئون) نظام بلدياتي نظام آهي جنهن ۾ صوبائي بجيٽون هر مهيني ورهائجن ٿيون، جن جا نظام ضلعن تي محيط آهن، جن جي نظامن تحت هر بدلياتي ادارو صفائي سٿرائي کان وٺي، ترقياتي ڪمن جي به بجيٽ هجي ٿي جيڪي يونٽن ۾ ورهائي ونڊي ڪم هلائين ٿا ته پوءِ انتظامي يونٽ اڃان ڪنهن کي چئون؟ يا دنيا جي ترقي يافتا ملڪ ۽ انهن جا شهر جن جي آبادي چئن ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي جنهن ۾ ٽوڪيو جنهن جي آبادي 37,115,03 آهي، ان کان علاوه دهلي جنهن جي آبادي 33,807,403، شنگهائي شهر جنهن جي آبادي 29,867,91 آهي ۽ ڍاڪا شهر جنهن جي آبادي 23,935,652 آهي، انهن شهرن جا نظام جديد ترين آهن انهن شهرن جي ماڻهن ڪڏهن به حڪومت کان مطالبو ناهي ڪيو ته انهن جي شهرن ۾ انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن، ان ڪري ته انهن کي هيل تائين پاڪستانين وانگي 77 سال گذرڻ کانپوءِ به ضلعي يونٽ سمجھ ۾ ناهن آيا اهي سمجهن ٿا اهي هر ضلعي جي مٿان پنهنجو پنهنجو وزيراعلي مڙهين اهي سمجهن ٿا ته جيڪي معدنيات سانگهڙ مان ملي ٿي جيڪو گيس، تيل ۽ لوھ ٽامو بلوچستان مان ملي ٿو، جيڪو پيٽرول بدين مان لڀي ٿو ان جي آفيس يا انٽرنيشنل رابطي جو مرڪز جي ڪراچي ۾ آهي ته معني اهو سڀ ڪراچي ڪمايو، يا جيڪا گيس سوئي (بلوچستان) مان ملي ٿي اها گجرانوالا ۽ فيصل آباد جي فيڪٽرين جو حق آهي ان ڪري جيڪي مقامي ماڻهو آهن اهي اٻوجھ آهن انهن کي ڦري کائجي ان ڪري ته انهن جا تعليمي نظام پوئتي پيل آهن اهي پنهنجي ٻولي ڳالهائن ٿا ته ڪير سمجهين نه ٿو ۽ جيڪي پنهنجي ٻولي ڇڏي ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا ته انهن کي ڪير مڃيندو، ان ڪري اها چالاڪي رڳو ڪراچي جا شهري ڪري ڄاڻن ۽ پنجاب لابي به اها ڳالھ سمجهي ٿي انهن جي تعليمي ادارا هاڻي آئن اسٽائين پيدا ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهن باقي ٻيون قومون جيڪو پڙهن ٿيون انهن کي مڃڻو ڇو ته جيڪڏهن مڃيندا ته انهن کي اعلي نوڪيون ڏيڻون پونديون ان ڪري رياست کي اٻوجھ سمجهي انهن کي انتظامي ۽ انتخابي نظام سمجهائجن ان ڪري جو انهن کي ڪجھ نه ٿو اچي اهي نه ٿا سمجهن ته هي اهي آهن جن جناح پور جا نقشا لڪائي رکيا هيا، هي اهي آهن جن وٽ لساني تعصب ڏينهون ڏينهن گهڻو ٿيندو ٿو وڃي، هي اهي آهن جيڪي شهري آبادي جي 35 سيڪڙو جي برابر به ناهن جن ۾ گهڻ ٻوليون ڳالهائڻ وارا به جن جي رابطي جي زبان رڳو اردو آهي باقي انهن کي اردو ۾ ڳڻپ ۽ پنهنجو نالو لکڻ به نه ايندو آهي اهي ”اڪاون (51) ۽ ستاون (57) کي لکڻ لاءِ به ڳيتون ٿا ڏين ته اهو لکبو ڪيئن، پوءِ اها مفاد پرست ٽولي ۽ موقعي پرست ٽولي هر حڪومت جي آڏو اهڙا مطالبا ٿي رکي جنهن ماڻهن کي هاڻي اها آلجبرا سمجھ ۾ اچي وئي آهي ته اهي چاهن ڇا ٿا جيڪي ملڪ ٺاهڻ آيا هيا اهي هاڻي ملڪ جي پاڙن پٽڻ لاءِ آتا ويٺا آهن ان ڪري اسان تي به اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اسان به اربنائيزيشن ۾ اڃان به گهڻو حصو ڳنڍيون ۽ پنهنجي شناخت وڌايون ان ڪري جو ٻولي ڳالهائڻ وارو آهي ته ٻولي به زنده آهي ۽ ٻولي ڳالهائڻ وارو آهي ته خطو به آهي ان ڪري زمين تي هجڻ ئي قومن جي هجڻ جي علامت آهي ۽ ٻولي به ڳالهائجي ٿي پوءِ دعويٰ به ٺهي ٿي، ان ڪري ملڪ جون ٻوليون ان صورت پاڻ کي مضبوط ڪري سگهن ٿيون ۽ جي سگهن ٿيون ته اهي جدوجهد جاري رکن.