نيٺ تندو ٽوڙيندي يا ويٺو ڳجهارتون ڏيندي؟ ير ڪاڪهين زبان تان ڦري ويو۔
حسن مذاق متان ڪيئي اٿئي.
خدا جو سهن، ڳالھ پيٽ ورن ۾ لڪائڻ جهڙي نه هئي.
پڪي ثابتي ڪري توسان سلي اٿم.
پر ڪونج ته منهنجي مڱ آهي؟ ڄائي ڄم کان ماءُ پيءُ جي زبان ڪيئن ٿو ٻوٽي سگهي، ڏاڏيءَ ناڙو موڙيندي منهنجي نالي ڪئي هئي؟ اسين ته دل و جان سان هڪ روح ٻه قلب مصداق آهيون.
حوصلو ڪر ادا حوصلو، صفا پگهرجي وئين؟
نه ير ههڙي، ڪير ٿو ڪري، پنهنجن سان جٺ؟ چاچا ايئن ڪيئن ڪندو:؟ اسان ته سندس ٻچا آهيون؟ ڀلا مون کي ڇڏ ڪونج جي خوشين کي ڇو قتلام ڪندو؟
تون ٻه ٽي ڏينهن، هت رھ، ڍورن کي چار وار، مان ڳوٺان ٿي موٽان، تيسين ڍورن جي سارسنڀال تنهنجي آسري۔ وٺي جا ڏينهن هجن، گپ چڪ ۽ مڇر به جام هجن. سو سانول به مال ڪاهي ٿر چڙهي آيو هو.
اڄ حسن ڳوٺان اها منحوس خبر کڻي وٽس پهتو هو، سانول جي ته دنيا ئي لٽجندي نظر آئي. ڪونج جيڪا سندس سئوٽ هئي جنهن سان هن ٻاروتڻ ۾ رانديون ڪندي گذاريون هيون، لڪ لڪوٽيون، اکر ڀوري بلورين ۽ گڏين سان، پوءِ ڪونج وڏي ٿي ته شرمائڻ لڳي ۽ جڏهن سندس نظر سانول تي پوندي هئي ته ڪنڌ جهڪائي مرڪي پوندي هئي، ان مرڪ مان سانول ته ڪيترائي گل پنهنجون خوشبون پکيڙي ڇڏيندا هئا. هڪ ڏينهن چاچي کيس چئي ڏنو هو ابا ڪونج تنهنجي مڱ آهي هاڻ اوهانجي راندين جي عمر ڪونهي ماڻهو نه کلايو. ماضي جي جهروڪن مان اهي سڀ ڳالهيون سندس ذهن جي ڪينواس تي لهي آيون. هو پنڌ ئي نڪتو.
ڏهن پندرهن ڪوهن جو فاصلو هو، تتي جو نڪتل، لٿي مهل پڳو اچي ڳوٺ. پير اچي ڪاڪهينس جي اوٽيءَ تي ڇنڊئين، ڪر ماتم لڳو پيو هو، ٻي خبر نه ڪا چار، منه جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪونج ڪنڌ گوڏن ۾ هڻي گونگا ڳوڙها پئي ڳاڙيا. ٻئي پاسي چاچهينس وڏي واڪي ڪاڪهينس حاجي کي پٽون پاراتا پئي ڏنا، مئو اچي اڇين کريو آهي، گهوٽ ٿو ٿئي، منهنجي جگر کي باهه ۾ ٿو اڇلي.
هڙ کٽ تي اڇليندي، حاجيءَ کي ڏوراپو ڏنئي. ڪاڪا سٺي ڪونه ڪيئي، ڇوري ڇني جي لڄ ڦريندي. مئل مائٽن جون اکيون به اڳيان ڪونه آيئي.
هي به مئو اچي پرائين لاپن تي لڳي، ڇتو ٿيو آهي، هن عمر ۾ ٿو گهوٽ ٿئي ۽ پري پيدا ڪري۔ حاجيءَ وٺي رومڙ ڪئي، سانول کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ورتس.
ڪيترا ڀيرا چيو اٿم، مرد پوڙها ناهن ٿيندا، ڄڻين ها نه ڪونڌر، ته هي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها. ٻيو مائيءَ جا وارث راضي آهن، توکي ڪهڙي ڳڻتيءَ کنيو آهي، منهنجي اڇن جي؟
پرڻجڻو اٿئي نه، وڃي پرڻج، منهنجي ٿوران، پر ڪجھ ته هوش ڪر کڳا، نڍيءَ نيٽي نياڻي کي ٿو اٺ اورهيئي جي ڪنڌ ۾ هڻين، اونڇگار ڏيندي، چئين سانول ابا مون مسڪين منٿون ميڙ پٽڪا پلاند لاٿم، منهنجي ڪونج کي هائيه ۾ نه هڻ، مئي جي ڪن تان، جونءِ نٿي سري.
هي اچي ٻيو سڄ اڀريو آهي، ڪهڙي ٿئي ماني، ڪهڙو ٿئي پاڻي. اڻ اوتار ۾ پيئي آهي ڪونج منهنجي ٻچڙيءَ کي بکون کائي ويون، هي ههڙو به نڪ ڍيو پيو هلي. سڳيءَ ڌيءَ جون خوشيون کايو، سانول کن پل لاءِ سن ٿي ويو پوءِ ڪاڪي حاجي کي هٿ ٻڌندي نماڻان نيڻ کڻي چيائين:
ڪاڪا جي اهو ڳٽ، ڪنڌ ۾ وڌئي به، ته ڪهڙي پڪ آهي، پري ٿئي،(اولاد) ڪونج جي خوشين کي داوء تي لڳائي، بازي هارائيي ته؟ ڪهڙي خبر ٻي گهر مان به وارث نه ٿئي؟
نه سانول ائين نه چئو، هر ڀيري ڏمر مون مٿان، نٿو نازل ٿي سگهي. ٻي ڀيري شايد قسمت ساٿ ڏي، ورهين کانپوءِ ڪا اميد جاڳي آهي، تنهن کي هيئن نه روهڙ.
وار اڇا ٿي ويا آهن، ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو نظر به گهٽبو، طاقت اڳوڻي نه رهي، هٿ پير سن ٿيڻ کان پهرين، ڪو سهارو ته ڳوليان. ماڻهو پيرسنيءَ لاءِ ٿا پونجي گڏ ڪن، جيئن آخري گهڙيون سک سان ڪٽي، عزت جي موت مرن. ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ وارو ڪو ته هجي، اڙي سک ته گهوريا، مرڻ کانپوءِ ڪير نالو ڳنهڻ وارو ڪونه هوندو؟ لاوارث ٿي مرندس، وارث هوندو ته نالو سڄندو، فلاڻي جو پٽ، فلاڻي جو پوٽو.
حاجيءَ جي حالت رحم جوڳي هئي، مٿس ترس ٿي آيو. سانول به مرد هو، ڄاتئين ٿي، عزت نالو نيڪ ناموش، هر دور ۾ مردن جي ڪمزوري رهي آهي.
وڌي اچي ڀاڪرن ۾ ڀرئين، ڪاڪا آئون ٿيندس نه اوهان انڌن جي لٺ، پيرسنيءَ جو سهارو، آئون ۽ ڪونج اوهان جو ئي اولاد آهيون، باقي رهي پٽ جي ڳالھ ته ٻنهي جهانن جي سردار جون به نياڻيون هيون ۽ نياڻيون به اولاد آهن.
سانجهيءَ جي چنڊ اهو، روڄ راڙو ۽ روئڻ پرچڻ ڏٺو ٿي، سهارو مليو ته حاجي کي به پنهنجو واعدو ياد اچي ويو۔
تارن ڀريءَ رات ۾، ڪونج جي مقدر جو ستارو، سانول جي قسمت جَڙي ويو.