پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سپريم ڪورٽ بجاءِ آئين ۽ قانون جي مطابق فيصلا ڪرڻ جي ۽ انصاف ڏيڻ جي، هميشه نظريهءِ ضرورت جي مطابق ۽ طاقتورن جي حق ۾ فيصلا ڏنا آهن، جنهن ۾ آئين ۽ قانون جو ڪٿي به خيال نه ڪيو ويو آهي، ها طاقت جو خيال ضرور ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن جي ڪردار تي پڻ اسان کي ڪارا داغ نظر اچن ٿا، سواءِ چند ججن جي، جن ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس ڀڳوان داس، جسٽس ايلون ڪارنيلس ۽ هن وقت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جهڙا جج جن پنهنجي اهليت، قابليت ۽ سچائي سان فرض نڀايو.
جهڙو حال هن وقت ملڪ جو آهي ان ۾ وڏو حصو اهڙن فيصلن جو ضرور آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو خود پاڪستان جو عوام به آئين ۽ قانون کان هٽي ڪري من پسند فيصلن جو طلبگار ٿي پيو آهي، جيڪو غلط آهي. اهو هڪ الميو آهي انهي الميي جي پويان جيڪي ڪردار آهن اهي بلڪل وائکا ٿي رهيا آهن، پر ڇو ته عوام جي سوچ تي پنهنجي مرضيءَ جو پردو پيل آهي، انهيءَ ڪري ان کي ڪجهه نظر نٿو اچي. سپريم ڪورٽ جي تاريخ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ جيڪو ڪم هڪ چيف جسٽس جنهن جو نالو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي ڪيو آهي، اهو هڪ تاريخ جو باب لکجي رهيو آهي، يقينن اهو باب پاڪستان جي قانوني فيصلن ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو، پر سڀ کان وڌيڪ متنازعه جج طور تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي ساٿاري نالي ماتر ميڊيا جي دهلارين جو ڪردار واضح آهي، بجاءِ فيصلن تي تنقيد ڪرڻ جي قاضي فائز عيسيٰ جي ذات تي تنقيد ٿيندي رهي آهي، پر اهو سڀ ڪجهه قاضي فائز عيسيٰ لاءِ نئون نه آهي. جڏهن هو صرف سپريم ڪورٽ جو جج هو ان وقت طاقتورن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندو رهيو هو، انهن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي کيس راهه تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، ريفرنس موڪليا جيئن ڪنهن به نموني هن کي هٽائجي، پر هن جي سچائي کي فطرت طرفان پذيرائي ملي ۽ رياست پاڪستان جي خوش قسمتي هئي جو هو واپس سپريم ڪورٽ جو جج ٻيهر بحال ٿيو، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان بڻجي آيو. گذريل 13 مهينن جي قليل وقت ۾ ڪير به مٿس آڱر نٿو کڻي سگهي ته هن اهڙو ڪوبه فيصلو ٻڌايو آهي جيڪو آئين ۽ قانون کان هٽي ڪيو هجي يا پنهنجي پسند جي سوچ مطابق ڪيو هجي، پر پاڻ کي ميڊيا جا نالي ماتر اڪابر جيڪي اصل ۾ دهلاري آهن، اهي هن تي ذاتي تنقيد ڪندي دهل وڄائي رهيا آهن. اهڙو اظهار چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن جي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪيو. هن چيو ته دهلارين طرفان اهو چيو ٿو وڃي ته بيٽ جو نشان کسيو ويو آهي، جڏهن ته اسان وٽ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن جو صحيح يا غلط ٿيڻ جو ڪيس آيو هو، جنهن تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته پي ٽي آءِ طرفان انٽرا پارٽي اليڪشن درست نه ٿي هئي، ان تي به نظرثاني هڪ مهيني کانپوءِ آندي وئي ۽ هن وقت انهيءَ اپيل کي تقريبن ڏيڍ سال گذري چڪو آهي، پر پي ٽي آءِ طرفان هر دفعي ڪو نه ڪو بهانو ڪري ڪيس ۾ التويٰ حاصل ڪئي وڃي ٿي، جيڪا اڄ به پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان طرفان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. سپريم ڪورٽ چيو ته اسان حامد خان جي التويٰ واري درخواست تي غور نٿا ڪريون، پر انصاف جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي التويٰ جي درخواست منظور ڪريون ٿا ۽ ڪيس جي شنوائي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ميڊيا جي دهلارين جي لاءِ هن چيو ته ڪيس جي رپورٽنگ غلط طريقي سان ڪن ٿا. سندن مقصد ملڪ جي عوام تائين صحيح رپورٽنگ پهچائڻ ناهي جيڪا صحافت سان بدديانتي آهي، پر ڇو ته انهن دهلارين جو ڪم صرف دهل وڄائڻ هوندو آهي جيڪو هو وڄائي رهيا آهن.
ملڪي نظام جو هي حال آهي ته ان نظام کان صرف هڪ ماڻهو جيڪو آئين ۽ قانون تي هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ٻين کي به اهو ئي رستو ڏيکاري ٿو اهو خود نظام کان هضم نٿو ٿئي، پوءِ دهلارين تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي! جسٽس قاضي فائز عيسيءَ جي رٽائرمينٽ ۾ صرف ٻارنهن تيرنهن ڏينهن بچيا آهن، يقينن هو رٽائر ٿيڻ وڃي رهيو آهي، پر هن سڀني کي اهو سبق ضرور ڏنو آهي ته هر ادارو پنهنجي مقرر حد ۾ رهي، ماضيءَ جي غلطين کي مڃي، غلطيون ڪندڙن کي نالي سان نروار ڪري ته پوءِ ملڪي ڪاروهنوار ۾ بهتري اچڻ جا امڪان آهن. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ملڪ ترقي نه ڪندو بلڪه ماضيءَ وانگر پيو گهلبو، هاڻ فيصلو اختيار رکڻ وارين ڌرين وٽ آهي، قاضي پنهنجو ڪم پورو ڪري چڪو آهي.