پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد ليڊر محترمه بينظير ڀٽو هڪ عورت هئي، جنهن جي نالي تي پاڪستان پيپلز پارٽي پوري پاڪستان مان ووٽ وٺندي آھي. اڪثر ڪري هن پارٽي کي مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون ئي ووٽ ڏينديون آھن، جڏھن ته پ پ اڳواڻن جا اهي ئي بيان ٻڌڻ ۾ ايندا آھن ته عورت کي سياست ۾ اڳتي آندو وڃي، پر جڏهن سنڌ جون عورتون سنڌ ۾ امن، ڀائيچاري، رواداري لاءِ ٻاهر پرامن ريلي ڪڍڻ لاءِ نڪرن ٿيون ته حڪمران ڌر کي ڪهڙي تڪليف پهچي ٿي جو ڪراچي ۾ رواداري مارچ ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ سنڌ جي عورتن، قومپرستن، اديبن، سول سوسائٽي جي ماڻهن، صحافين ۽ فنڪارن مٿان ڪراچي پوليس ڪڙڪي پئي، سنڌ جي ڏاهي ڌيءَ روماسا سميت سنڌ جي ڪيترين ئي نياڻين کي ڪراچيءَ جي روڊن تي گهليو ويو. کيس وارن مان پڪڙي مٿس لتون مڪون ھڻندا ٻانهن ۽ ٽنگن کان پڪڙي پوليس موبائل اندر جانورن وانگر اڇلايو ويو. رواداري تحريڪ کي روڪڻ لاءِ ڪراچي ٻاهران ڪوچن، بسن ۽ ايندڙ قافلن کي روڪيو ويو. ڪراچي جا رستا سيل ڪيا ويا. رينجرز پوليس وڏي تعداد ۾ گهرائي 144 قلم لاڳو ڪيو ويو، پوءِ رڪاوٽون ٽوڙي ريلي پريس ڪلب پهتي جتي علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جتي عورتن مٿان بدترين تشدد ڪري ڪامريڊ عاليا بخشل ٿلهو، ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪامريڊ عابده چنا، ڪامريڊ سمن، ڪامريڊ فوزيا سينگار، ڪامريڊ مرڪ منان چانڊيو، خضر، سنڌو نواز گهانگرو، ڪامريڊ زھرا، جامي چانڊيو ۽ سندس نياڻي روماسا، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، رخسانه ھاليپوٽو، علي پلھ، وڪيل حسيب ۽ ٻين ڪيترن ئي عورتن، اڳواڻن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو. بعد ۾ جڏهن ميڊيا تي خبرون هليون ۽ سوشل ميڊيا تي طوفان کڙو ٿيو ته پوءِ انهن کي آزاد ڪيو ويو، جتي ميڊيا تي سموري دنيا ڏٺو ته آخر سنڌ حڪومت کي ڇا ٿي ويو آهي، هڪ پرامن ريلي مٿان ايڏي بيرحمي ڪرڻ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ جو ماحول تڏهن خراب ٿيو آهي، جڏھن عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مذهب جي گستاخي واريون پوسٽون رکڻ جي الزام ۾ ڪوڙي مقابلي تحت پوليس پاران قتل ڪيو ويو، جنهن جي لاش کي پڻ باهه ڏني وئي، جنهن بعد هي معاملو ميڊيا تي اٿيو ته پوليس جي بالا آفيسرن کي سزا طور هٽايو ويو، جنهن بعد اهو معاملو عالمي ليول تي به باهه جيان پکڙجي ويو. اهو پڻ چيو ويو ته هي عدالت کان مٿانهون قتل آهي، جڏھن ته ڪو قانون کان مٿانهون قدم کڻندو آهي ته ان کي قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪري جاچ پڙتال بعد سزا ڏني ويندي آهي، پر هتي ته بنا جاچ جي پوليس آفيسر جج بڻيل آهن. جڏھن ته سنڌ اسانجي صوفين، ولين ۽ اوليائن جي ڌرتي رهي آھي جن پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي. هتي ته هر مذهب جو احترام ڪيو ويندو آھي، پر هاڻي پوليس ملن جي چوڻ تي ماڻهو مارڻ جي چڪر ۾ انتها پسندي جي حد ڪري ڇڏي آھي. هاڻي ملان مولوي هڪ پاسي آھن ته ٻئي پاسي سنڌ جون عورتون، فنڪار، سول سوسائٽي جا ماڻهو ٻئي پاسي آھن. جڏھن ته سنڌو گهانگهرو، عاليه بخشل ٿلهو ۽ ٻين عورتن هزارن جي تعداد ۾ عمرڪوٽ ۾ جلسو ڪيو ته بعد ۾ وري جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو به پنهنجي پارٽي طرفان عمرڪوٽ ۾ جلسو ڪيو، جنهن بعد وري ڪراچي ۾ رواداري پر امن ريلي جو اعلان ڪيو ويو جيڪا ريلي ٽي تلوار کان پريس ڪلب تائين رٿيل هئي جيڪا ريلي ته پريس ڪلب تائين رڪاوٽن باوجود به پهچي وئي. جيڪڏھن ريلي مٿان لٺبازي ۽ گرفتاريون نه ٿين ها ته ڇا ٿئي ها، ڇا هنن وٽ ڪي بم هئا؟ غير قانوني هٿيار هئا يا راڪيٽ هئا؟ آخر پرامن ۽ هٿين خالي احتجاج ڪندڙ سول سوسائٽي مٿان لٺبازي ڇو ڪئي وئي ۽ انتشار ڇو پکيڙيو ويو. اهو 144 قلم لاڳو ته امتحانن ۾ ڪاپي روڪڻ لاءِ به هوندو آهي، پوءِ امتحان به سڪون سان ٿي ويندا آهن، هيءَ ريلي به سڪون سان ٿي وڃي ها. هاڻي ته سموري سنڌ اٿي کڙي ٿي آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا شروع ٿي چڪا آهن، پر هن مارچ ۾ جيڪو بدترين تشدد عورتن مٿان ٿيو آهي ۽ گرفتاريون ٿيون آهن ان سان محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو روح ڳڙھي خدابخش ۾ ضرور تڙپيو هوندو.