بلاگ

وسرندڙ يادن جا نفسياتي ڪارڻ

تجربا ۽ شخصيتون انسان جي يادن ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. زندگي جا روزمرہ جا تجربا ۽ مختلف شخصيتون يادون جوڙن ٿيون. اھي يادگيريون نه ھجن ھا ته اسين شايد پنھنجي پاڻ کي به نه سڃاڻي سگھون ھا! اسان جو حال اسان جي ماضي سان جڙيل آھي. يادداشت جنھن کي انگريزي ٻولي ۾ “ميموري” چئبو آھي. يادداشت يا ميموري قدرت طرفان انسانن ۽ جانورن کي ڏنل ھڪ اھڙي صلاحيت آھي جنھن ذريعي ھو معلومات کي سکي، سمجھي، ذھن ۾ محفوظ ڪري ۽ ضرورت وقت انھيءَ معلومات کي استعمال ڪري سگھن ٿا. يادداشت جا ڪيترائي قسم آھن. “لانگ ٽرم ميموري” يا ھميشه لاءِ ذھن ۾ محفوظ معلومات کي چئجي ٿو انھيءَ معلومات ۾ اسان کي پنھنجو نالو، ذات گھر جي ايڊريس ويجھا دوست، مٽ مائٽ، روزمرہ ڳالھائيندڙ پنھنجي ٻولي وغيرہ شامل آھن. اھا معلومات اسانجي ذھنن ۾ انھيءَ ڪري محفوظ ھوندي آھي جو انھيءَ معلومات کي اسين روزمرہ جي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا استعمال ڪريون ٿا. “سينسري ميموري” ڪجھ لمحه رھندڙ يادداشت جيڪا تمام ٿوري وقت لاءِ گھربل معلومات کي ڪٿان حاصل ڪري استعمال ڪرڻ کانپوءِ ڀلجي وڃڻ آھي. مثال طور: ڪو ٽيليفون نمبر ڪنھن کان پڇي ڊائل ڪري ڀلجي وڃڻ وغيرہ يادداشت جو ھڪ قسم شارٽ ٽرم ميموري جيڪا ٽيھ سيڪنڊن تائين ذھن ۾ رھندڙ يادداشت ھوندي آھي، جيڪا ٽيھن سيڪنڊن کانپوءِ ازخود اسان جي ذھن مان ميسارجي ويندي آھي. ميٿس جو ڪو مشڪل سوال جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ گھڻن انگن کي ياد رکڻ ۽ سوال حل ڪرڻ کانپوءِ انھن انگن کي وساري ڇڏڻ، کاڌي ٺاھڻ وقت مصالحن جو مقدار وجھڻ کانپوءِ ڀلجي وڃڻ، رٽو لڳائي بار بار ورجايل مواد وغيرہ ٿورو وقت رھندڙ يا شارٽ ٽرم ميمري جا مثال آھن. روزمرہ ٿيندڙ واقعا ۽ ھر ملندڙ انسان ضروري ناھي ته تاحيات ياد رھن. پوءِ اھو ڪھڙو سبب آھي جو اسان جي زندگي ۾ پيش ايندڙ ڪجھ واقعا ۽ ملندڙ ڪجھ شخصيتون ھميشه ياد رھندا آھن؟ ھميشه ذھن جو حصو ٺھڻ ۽ ياد رھڻ لاءِ انھيءَ واقعي کي يا ڪنھن معلومات کي صحيح طريقي سان سمجھڻ، ذھن نشين ڪرڻ ۽ دھرائڻ تمام گھڻو ضروري ٻي صورت ۾ اسين روزمرہ ٿيندڙ ڪيترين ڳالھين، واقعن ۽ شخصيتن کي ڀلجي ويندا آھيون. جڏھن سکيل ڳالھين، ماڻھن ۽ زندگي ۾ ٿيندڙ واقعن کي دھرايون نٿا يا ياد نٿا رکون ته اھي گذرندڙ وقت جي تھن ھيٺان دٻجي وسري ويندا آھيون. ڀلجي وڃڻ يا ڪڏھن ڄاڻي واڻي پاڻھئي ياد نه رکڻ جا ڪيترائي سبب آھن. ڪڏھن اسان جون اھڙيون اڻوڻندڙ خواھشون، نفرتون ۽ رويا جنھن کي معاشرو قبول نٿو ڪري انھن کي اسين پاڻ ئي وسارڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. نفسيات جي ماھر سگمنڊ فرائيڊ مطابق اڻوڻندڙ تڪليف ڏيندڙ واقعا، ماڻھو، جڳھيون اسين پاڻ ئي تحت الشعور جي اسٽور روم ۾ لڪائي بند ڪري ڇڏيندا آھيون، پر ڇاڪاڻ جو اھي واقعا، ماڻھو، جڳھيون ۽ انھن سان وابسته يادون ايترو گھڻو ۽ شدت سان اسان جي زندگي تي پنھنجا اثر ڇڏن ٿيون جو جيڪڏھن اسين کين شعور جي سطح تي پھچڻ کان روڪيون ٿا ته ھو ڪڏھن خوابن جي صورت ۾ لاشعور ۾ ظاھر ٿين ٿيون ڪڏھن اسان جي قلم ذريعي ۽ ڪڏھن اسان جي زبان مان ڳالھائڻ ذريعي شعور جي تهه تي پھچڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. واقعا، شخصيتون ۽ ڳالھيون ياد نه رھڻ جو سبب ٽريس ڊڪي ٿيوري ۾ به ڄاڻايل اھا ٿيوري (1914) ۾ ٿارنڊائڪ ڏني تنھن مطابق سکيل علم، گذريل واقعا جڏھن دھرائجن نٿا ته پوءِ ڀلجي وڃن ٿا. وقت جي تھن ھيٺان پھريان يادون ڌنڌليون ٿي لڪي وڃن ٿيون ۽ پوءِ ميسارجي وڃن ٿيون. علم نفسيات ۾ ڀلجي وڃڻ کي “ايمنيزيا” چئبو آھي. ايمنيزيا سان لاڳاپيل ڪيتريون نفساتي بيماريون آھن جن ۾ “ڊمينشيا” به شامل آھي ڊمينشيا جي علامتن ۾ ڀلجي وڃڻ، ڌيان ڏيڻ ۾ ۽ روزمرہ جي ڪمن ۾ مشڪل محسوس ٿيڻ، ڳالھ ٻولھ ڪرڻ ۾ منجھي پوڻ ۽ اھو فيصلو نه ڪري سگھڻ ته ڪنھن ڳالھ جي جواب ۾ ڇا چوڻ گھرجي. وقت، ماڻھن ۽ جڳھين متعلق منجھي پوڻ، مزاج ۾ تبديلي محسوس ٿيڻ وغيرہ شامل آھن. اھو ضروري نه آھي ته اھي سڀ علامتون ظاھر ٿين مٿي ڄاڻايل علامتن مان ٻه يا ٽي علامتون به ڊمينشيا ھجڻ جي نشاندھي ڪن ٿيون. ڪجھ سال اڳ ائين لڳندو ھو ته ڪينسر سڀني بيمارين کان وڌيڪ خطرناڪ بيماري آھي جنھن ۾ مبتلا مريض مري ويندو، پر اڄڪلھ جنھن ذھني ڪيفيت انسانن کي سڀني بيمارين کان وڌيڪ خوف ڳڻتي ۽ تشويش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي اھا ڊمينشيا آھي. دراصل ڊمينشيا ڪا بيماري نه آھي بلڪه ھڪ ذھني ڪيفيت آھي. ڊمينشيا ھڪ خوف آھي پنھنجي ياد رکڻ جي صلاحيت وڃائڻ جو، پنھنجي شخصيت ۽ انھيءَ سان لاڳاپيل خوبين، زندگي سان جڙيل يادن کي وسارڻ جو ھوندو آھي. ڊمينشيا جي ڪيفيت ۾ ذھني ڪارڪردگي ايتري گھڻي حد تائين متاثر ٿئي ٿي جو روزمرہ جي زندگي گذارڻ ۾ مشڪل ٿئي ٿي. ڊمينشيا ۾ مبتلا ماڻھو کان صرف گاڏي جون چاٻيون ڪونه وسرنديون آھن بلڪه اھو به ياد نه رھندو آھي ته ڪھڙين چاٻين سان گاڏي ھلندي؟ گھڻي قدر ھي ڪيفيت وڏي عمر جي ماڻھن ۾ ٿيندي آھي 60 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻھن کي اڪثر پاڻ کان ڀلجي وڃڻ جي شڪايت ھوندي آھي، پر اھا ڪا ڊمينشيا جي علامت نه آھي. ڇاڪاڻ عمر وڌڻ سان اسان جي دماغ جا ڪجھ نيوران مري وڃن ٿا جن جو تعلق ياد رکڻ سان ھوندو آھي، پر اھا ڀلجي وڃڻ يا وسري وڃڻ اسان جي زندگين کي ايترو گھڻو متاثر نٿو ڪري جو اسين ٻين روزمرہ جي ڪمن کي صحيح نموني سرانجام ڪري سگھون ٿا. تشويش جي ڳالھ اھا آھي جو اڄڪلھ نوجوانن ۾ ڊمينشيا جي ڪيفيت وڌي رھي آھي. ھن ڪيفيت وڌڻ جا ڪيترائي سبب آھن ڊمينشيا جي ڪيفيت ننڊ نه ڪرڻ دير تائين جاڳڻ، سڄو ڏينھن سمھڻ سان ٿئي ٿي، انھيءَ جو سبب گھٽ ننڊ ڪرڻ به آھي، رات جا اھي پھر ننڊ نه ڪرڻ جنھن جو تعلق سکيا ۽ ياد داشت سان آھي انھيءَ وقت ننڊ نه ڪرڻ جي ڪري سکيائي عمل ۽ يادداشت ۾ تمام گھڻي مشڪل محسوس ٿيندي، نتيجي ۾ ھن ڪيفيت ۾ مبتلا شخص ڪنھن به ڳالھ تي ڌيان نه ڏئي سگھندو. اوجاڳي جي شخص ۾ الزائمر جي بيماريءَ ۾ 40 سالن جو ٿيڻ کان به اڳ مبتلا ٿيڻ جو قوي امڪان ھوندو آھي. الزائمر جي بيماري ڊمينشيا جو ھڪ قسم آھي، جنھن ۾ شروعات ۾ يادداشت ۾ ٿوري گھڻي ڏکيائي، گفتگو کي صحيح نموني سان جاري نه رکي سگھڻ ۽ روزمرہ جي ڪمن ۾ شديد مشڪل محسوس ٿيڻ وغيرہ شامل آھن. ڊمنشيا ۾ مبتلا ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ذھني دٻاءُ (اسٽريس) آھي. ذھني دٻاءُ قوت مدافعت تي ناڪاري اثرات مرتب ڪري ٿو ساڳئي ريت ذھني دٻاءُ ڊمينشيا جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ جو به ذميوار آھي. جڏھن اسين ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿيندا آھيون ته اسان جي دماغ مان سڌو جسم ۾ ڪارٽيسول ھارمون رليز ٿيندو آھي. تحقيق ثابت ڪيو آھي ته ڪارٽيسول ھارمون جو يادداشت سان لاڳاپيل مسئلن سان گھرو تعلق آھي. اھو ياد رکڻ تمام ضروري آھي ته ڊمينشيا جي ڪيفيت کان اسين پنھنجي زندگي گذارڻ جي طريقيڪار کي تبديل ڪري نجات حاصل ڪري سگھون ٿا. ھن عمل ۾ ننڊ صحيح وقت تي ۽ پوري ڪرڻ، ڪنھن به مسئلي تي اسٽريس کڻڻ جي بجاءِ انھن جا حل ڳولڻ سان ڊمينشيا کان مڪمل طور آزاد ٿي سگھون ٿا.

***